ستون ڌماڪو ۽ پنجاب جون اخبارون
ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري وزيراعظم جي اعلان کي پنجاب مان شايع ٿيندڙ اڪثر اردو ۽ انگريزي اخبارن ستون ايٽمي ڌماڪو قرار ڏيندي قوم جي خواهش موجب فيصلو ڪرڻ ۽ ملڪي سلامتي جي ضمانت ڏيڻ برابر قرار ڏيندي ڀرپور مبارڪون ڏنيون آهن. البته راولپنڊي مان شايع ٿيندڙ جنگ ۽ اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ اوصاف اخبارن جي ايڊيٽوريلز ۽ ڪالمن ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت نواز شريف واري اعلان کي تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ٽنهي صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم جي اعلان جي ضرورت نه هئي. وزيراعظم جي اعلان سان ملڪ جي سلامتي ۽ وفاق کي نقصان پهچي سگهي ٿو. انگريزي اخبار دي نيوز راولپنڊي ايڊيشن جنهن جي ايڊيٽر مليحا لوڌي آهي تنهن پنهنجي ايڊيٽوريل جي آخري پيراگراف ۾ ڪالاباغ ڊيم واري وزيراعظم جي اعلان تي لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وارو وقت مناسب ناهي. اتفاق راءِ کانسواءِ هن تڪراري مسئلي کي ڇيڙڻ جا نقصان ٿي سگهن ٿا. ٽن صوبن جي راءِ جي ابتڙ فيصلي جا نتيجا مثبت نه نڪرندا.“
ٽن اخبارن دي نيوز، جنگ ۽ اوصاف کان سواءِ باقي سمورين ڊمي توڙي مارڪيٽ ۾ وڪامندڙ اخبارن وزيراعظم کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. خبرين اخبار ۾ فرنٽ پيج تي خوشنود علي خان جيڪو خبرين اسلام آباد جو ايڊيٽر آهي تنهن خصوصي تجزئي ۾ لکيو آهي ته ”وزيراعظم نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري پاڪستان جي بقا جو اعلان ڪيو آهي“. خبرين اخبار جي چيف ايڊيٽر ضياءَ شاهد فرنٽ پيج تي مقاله خصوصي لکيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته ”نواز شريف جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ پيارو ٿو لڳي. هن ڪالاباغ ڊيم جي اعلان سان گڏ قومي ايجنڊا ڏئي پاڪستان کي تباهي کان بچائي ورتو آهي.“ چند مهينا اڳ حڪومت خلاف جارحاڻو رويو رکندڙ خبرين اخبار اوچتو ئي اوچتو سيف الرحمان جي معرفت حڪمرانن سان ويجهڙائپ پيدا ڪئي ۽ عوامي نيشنل پارٽي وارن کي ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏئي پختونخواهه واري معاملي تي حڪومت کان ڌار ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جهڙي طرح پنجاب مان شايع ٿيندڙ اخبارن ائٽم بم جو ڌماڪو ڪرڻ لاءِ فضا هموار ڪئي هئي بلڪل اهڙي نموني اڄوڪي پروفيشنل دور ۾ به مشنري جرنلزم واري جهلڪ پنجاب جي اخبارن ۾ پختونخواهه خلاف ائٽمي ڌماڪو ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارن معاملن ۾ واضح نظر اچي ٿي. خبرين اخبار ته ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ سروي ڪري تاجرن ۽ زميندارن جا مبارڪباد جا بيان به شايع ڪيا آهن. ايڊيٽوريل ۾ خبرين لکيو آهي ته قوم کان ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ٻڌي ايمرجنسي وسري وئي آهي.
نواءِ وقت ۾ ڪالهه اثر چوهاڻ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ملڪي سلامتي لاءِ ڪيل 6 ايٽمي ڌماڪن بعد ستين ايٽمي ڌماڪي برابر آهي. نواز شريف عوام ۾ مقبول ٿي ويو آهي. اهڙو اعلان گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.“ ساڳي اخبار ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم قومي ضرورت آهي ۽ ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۾ آهي. نواءِ وقت ۾ ان معاملي تي البته ايترو وڌيڪ رد عمل ناهي آيو جيترو خبرين وارن پاڻ ڏنو آهي. جنگ اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ملڪي مفادن لاءِ اهم آهي ۽ اڻ ٽر به آهي پر ان جو اعلان چئني صوبن جي اتفاق راءِ بعد ٿيڻ گهرجي ها.“ هن اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي تعمير لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي ان کانسواءِ هن فيصلي جا منفي نتيجا نڪرندا.“ ساڳي اخبار جي هڪ ڪالم نگار انور سديد لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي اعلان سميت وزيراعظم جي قومي ايجنڊا جو هڪ هڪ لفظ عوام جي دل جي ڳالهه آهي. ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ايٽمي ڌماڪن جيترو اهم آهي.“ ٻئي طرف جنگ اخبار ٽيليفونڪ سروي به ڏنو آهي جنهن ۾ پڻ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير واري اعلان کي ويلڪم ڪيو ويو آهي.
جهڙي طرح ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪندڙن جو نقطه نظر خاص ڪري پنجاب جي اردو اخبارن شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ساڳي طرح چند اخبارن کانسواءِ باقي اخبارون ڪالاباغ ڊيم بابت به ساڳي پاليسي تي پيون هلن. يعني ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ مواد شايع نه ٿيندو.
اوصاف اخبار جي ايڊيٽر حامد مير ڪالاباغ ڊيم واري اعلان کي تڪڙو فيصلو ڪوٺيندي ان کي ملڪي مفاد ۽ وفاق لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيڻ جوڳو قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هڪ ته وسيلا ئي ناهن جو هڪدم ڪالاباغ ڊيم ٺهي سگهي ٻيو ته تڪراري مسئلي کي ڇيڙي ٽن صوبن جي راءِ جي ابتڙ انهن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اعلان ڪري ڪو به چڱو ڪم نه ڪيو ويو آهي. اوصاف جي ايڊيٽوريل ۾ به وزيراعظم جي ان اعلان کي ننديو ويو آهي. ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ضروري آهي پر ٽن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ درست ڳالهه ناهي. ننڍن صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺڻ بدران سندن موقف رد ڪندي ڪالاباغ ڊيم جو فيصلو مٿن مڙهڻ سان خراب نتيجا نڪرندا.“
پنجاب جون اردو اخبارون جن کي قومي پريس هجڻ واريون liberties (خصوصي آزاديون) حاصل آهن ۽ هر معملي ۾ وڌيڪ حصي جون حقدار بڻبيون آهن. سندن اهڙي ڪردار ۽ رويي جي پروفيشنل هجڻ جو تعين مستقبل جو تاريخدان ڪندو.
(14 جون 1998ع)