تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

هي سال ملڪ ۾ وڏين اندروني تبديلين جو سال هوندو

هي سال ملڪ ۾ وڏين اندروني تبديلين جو سال هوندو

جيتوڻيڪ اڄ کان نئين سال جي شروعات ٿي چڪي آهي پر اهو نئون سال هن ملڪ لاءِ پنهنجي پاند ۾ ڪهڙيون نيون اميدون ۽ توقعات کڻي پيو اچي، تنهن لاءِ هن سال کي گذري ويل سال جي واقعن جي تسلسل سان ڏسڻو پوندو، گذريل سال مجموعي حوالي سان پاڪستان جي سياست ۽ سياستدانن لاءِ تمام ڏکيو ۽ مشڪلاتن وارو سال رهيو. گذريل سال جيتوڻيڪ جمهوريت جي بحالي واري سلسلي ۾ اندروني طور تي حڪومت مٿان سياسي پارٽين جو دٻاءُ رهيو. پر 11 سيپٽمبر جي واقعن کان پوءِ حڪومت مٿان آمريڪي دٻاءُ نهايت وڌي ويو. نتيجي ۾ حڪومت وٽ آمريڪي گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا راهه نه بچي. ان کانسواءِ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن مٿان پڻ دٻاءُ رهيو، جنهن هيٺ ڪيترائي اڳواڻ نظربند ٿيا ته گرفتار به ٿيا، افغانستان تي آمريڪي حملن سبب پڻ مذهبي پارٽين جي احتجاجن سبب صورتحال ڳنڀير رهي. گذريل سال سياست تي پابندي برقرار رهي. ڪجهه نوان اتحاد ٺهيا، ڪجهه پارٽيون انهن کي ڇڏي ويون، سياسي ڀڃ ڊاهه بدستور جاري رهي، ملڪ ۾ مڪاني چونڊون ٿيون ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تائين ورڇ وارو پلان عمل ۾ آيو.
اڄ کان شروع ٿيل نئون سال 2002ع جيتوڻيڪ پاڪ، ڀارت ڇڪتاڻ جو ڊپ پاڻ سان کڻي پيو اچي، تنهن هوندي به پاڻ سان گڏ ڪي نيون اميدون پڻ آڻي پيو، انهن اميدن مان هڪ عام چونڊون ٿيڻ جي اميد آهي، جلاوطن سياستدانن ۽ سياسي حڪومت جي قيام واريون اميدون به هن ئي سال سان وابسته آهن، جيڪڏهن پاڪ، ڀارت جنگ لڳي ته عام چونڊون پوئتي ٿي سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن چونڊون مقرر وقت تي ٿي به ويون ته انهن جي نتيجن تي هرڪو شڪ به ڪندو ته ڌانڌلي جا الزام به هڻندو، پر هٿ ڪير به نه کڻندو. هاڻي ته حڪومت ۽ بينظير جا رابطا به ڳجها نه رهيا آهن، محترمه پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته آءِ ايس آءِ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل احتشام ضمير مسلسل محترمه سان رابطي ۾ آهي. تازو دبئي ۾ جنرل تنوير نقوي ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه جنرل احسان گڏجي محترمه سان مليا هئا. ان ملاقات ۾ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ بابت ڳالهيون ٿيون هيون، پر محترمه کين چيو ته هوءَ سڌي ريت مشرف سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، اوهين وچ وارا سان کي هڪ ۽ هنن کي ٻي ٿا ٻڌايو. محترمه کي جنرل محمود جو (جڏهن هو آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو) ان وقت جو اندازو ۽ تجربو هو، تنهن ڪري هن نقوي ۽ احسان سان ڳالهه سڌي ڪئي.
باخبر حلقن موجب مشرف ۽ بينظير جي اڻ سڌن رابطن بعد ٻنهي ۾ هاڻي ملاقات تي به اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اها ملاقات جلد متوقع آهي. جيڪڏهن پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بدستور جاري رهي ۽ جنگ واري صورتحال بڻي ته پوءِ اها ملاقات کلم کلا ٿيندي، ان صورت ۾ بينظير، نواز شريف، شهباز شريف ۽ الطاف حسين کي عام معافي ڏئي وطن آندو ويندو، ٻي صورت ۾ بينظير-مشرف ملاقات شايد کليل نموني نه ٿئي، هيستائين وارن رابطن بابت ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پ پ ۾ مستقبل جي سيٽ اپ بابت اتفاق آهي، عام چونڊون ٿينديون، پ پ سمورين جماعتن کان وڌيڪ اڪثريتي پارٽي طور ڪامياب ٿيندي پر اڪيلي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي، حڪومت چاهي ٿي ته پ پ مخلوط حڪومت ٺاهي ۽ اها اسيمبلي مشرف کي صدر چونڊي، ايندڙ حڪومت جي سربراهي ڀلي بينظير وٽ هجي پر صدر مشرف کي ٿيڻ کپي. ان معاملي تي اصولي اتفاق آهي پر بد اعتمادي ٻنهي ڌرين ۾ موجود آهي، پ پ وارن کي خدشو آهي ته ڪٿي مشرف اسان سان ڌڪ نه ڪري، وزيراعظم بينظير کي بڻائڻ جي ڳالهه ڪري عين وقت تي ڦري نه وڃي، ساڳئي طرح مشرف کي خطرو آهي ته ڪٿي ساڻس بينظير وري غلام اسحاق واري ڪار نه ڪري، ٻيا معاملا طئي ٿيڻ بعد رڳو اها بداعتمادي هنن جي معاهدي ۽ ڊيل ۾ رڪاوٽ آهي، اهو ئي سبب آهي ته نقوي ۽ جنرل احسان کي محترمه چيو ته اوهين صدر مشرف کي چئو ته هو ملاقات ڪري. باخبر حلقن جي دعويٰ آهي ته بينظير ۽ مشرف ۾ هم خيالي بعد به مشرف مستقبل جي حڪومت جي حوالي سان ڪارڊ پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهي ٿو. هيستائين جيڪا پلاننگ ٿي آهي يا سرڪار اپاءُ وٺي پئي. ان مطابق ايندڙ عام چونڊن ۾ 60 کان 70 جي وچ ۾ سيٽون پ پ کي ملنديون، ٻئي نمبر تي هم خيال هوندا، هم خيالن ۽ پ پ جي سيٽن ۾ 5 يا 7 جي انگ جو فرق هوندو، اهڙي طرح ايم ڪيو ايم، نواز ليگ، تحريڪ انصاف، اصغر خان واري پارٽي، ملت پارٽي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، شهيد ڀٽو ۽ ٻين اهڙين جماعتن کي به ايڪڙ ٻيڪڙ سيٽون ملنديون، آزاد اميدوار به خير سان گنج هوندا. اهڙي قسم جا نتيجا انجنيئرڊ اليڪشن کانسواءِ ممڪن ناهن. جيڪڏهن پ پ کي حڪومت ملي ته ڌانڌلي جا الزام گهٽ لڳندا، پ پ حڪومت ٺاهي ته اها مخلوط حڪومت هوندي، جيڪڏهن اليڪشن کان پوءِ به پ پ گڙ ٻڙ ڪئي ته حڪومت هم خيال ٺاهيندا، بينظير ڀٽو وردي واري صدر مشرف کان وزيراعظم جو قسم کڻڻ لاءِ تيار آهي.“ هڪ پ پ اڳواڻ ڪچهري دوران چيو ته پ پ لاءِ مشرف کان حلف کڻڻ مسئلو ناهي، هوءَ ته ضياءُ الحق کان به قسم کڻن لاءِ تيار هئي جنهن 88ع جي عام چونڊن ۾ پ پ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت صدر ضياءٌ الحق هو، جيڪڏهن سندس جهاز وارو حادثو نه ٿئي ها ۽ هو صدر رهي ها ته محترمه هن کان ئي حلف کڻي ها. هاڻي جنهن ون ٽو ون مشرف پ پ ملاقات جو انتظار آهي تنهن ۾ ئي قسم ڪتاب کڄندا. ڏسجي ته اها ڪڏهن ٿي ٿئي.
جيڪڏهن پ پ ۽ حڪومت ۾ سمجهوتو نه ٿيو، جنهن جا امڪان گهٽ آهن (يعني سمجهوتو ٿي ويندو) ته ان صورت ۾ به جنهن نموني جي انگن اکرن واري پارليامينٽ ايندي، اها مشرف لاءِ آئيڊيل آهي. حڪومتي ايڪسرسائيز موجب ٻنهي صورتن ۾ چاهي بينظير سان سمجهوتو ٿيڻ يا نه پر پارليامينٽ ۾ اڪثريت صدر مشرف حامين جي هوندي ۽ هو پاڻ کي صدر چونڊرائي ويندو، ان کي ڪير به نٿو روڪي سگهي، باخبر حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته نه رڳو مرڪز پر صوبن ۾ به مخلوط حڪومتون ئي ٺهنديون، شير پائو، سليم سيف الله ۽ بيگم نسيم ولي سرحد ۾ ڀائيوار هوندا، ياد رهي ته شير پائو جو ڀاءُ حيات شير پائو جڏهن مارجي ويو هو ته قتل جو ڪيس اي اين پي تي داخل ٿيو هو، اسفنديار به گرفتار ٿيو هو پر هاڻي اهو قصو پراڻو ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ پرويز الاهي وڏ وزارت جي جنون ۾ آهي. سندس اها خواهش نواز ليگ سان رهندي پوري نه ٿي سگهي پر هاڻي، سندس خواب ساڀيان ٿيندو. پنجاب اسيمبلي ۾ هم خيال پهرين نمبر تي، ٻئي نمبر تي پ پ هوندي. بلوچستان ۾ اچڪزئي، مينگل، بزنجو سڀ گڏجي حڪومت ٺاهيندا. جڏهن ته سنڌ ۾ اڪيلي وڏي پارٽي ته پ پ ئي هوندي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين نه تڏهن به اقليتن وارن جي ضرورت کين ضرور پوندي، سنڌ ۾ به مخلوط حڪومت هوندي، متبادل طور ايس ڊي اي اڳواڻ وڏ وزارت حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان لاءِ ڪوششن ۾ مصروف به آهن. جيڪڏهن پ پ وارن جو ڪانٽو فٽ نه ٿيو ته سنڌ ۾ ايس ڊي اي حڪومت ٺهندي پر ان کي اپوزيشن تمام سخت ملندي. حڪومت جي اهڙين سوچن سبب ئي پ پ، مشرف سان ٺهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
دبئي ۾ صدر مشرف جي نمائندي طور ملاقات ڪندڙ قونصل جنرل امان الله لاڙڪ کي جيڪو 12 نقاطي ورڪنگ پيپر ڏنو ويو آهي، ان ۾ به اصل ۾ ته اهي ئي معاملا آهن جيڪي مشرف- پ پ ملاقات ۾ طئي ٿيڻا آهن. هونئن ته صدر مشرف کي اهو پيپر نومبر ۾ آءِ ايس آءِ ڏنو هو ڇو ته بقول خود بينظير ڀٽو جي ته هن اهو پيپر پاڻ آءِ ايس آءِ کي هٿئون هٿ ڏنو هو. اڳ ۾ مشرف ان تي گهڻو غور نه ڪيو هو پر موجوده صورتحال ۾ ان کي اهميت ڏئي رهيو آهي. ايندڙ سال عام چونڊن جي حوالي سان اهي به چوٻول آهن ته جيڪڏهن پ پ سان حڪومت جو ٺاهه ٿئي يا نه ٻنهي صورتن ۾ معين حيدر ۽ شوڪت عزيز هم خيالن جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي يا سينيٽر چونڊ وڙهندا، جيڪڏهن پ پ سان ٺاهه نه ٿيو ته هم خيالن جو وزيراعظم شوڪت عزيز ٿيندو، باقي ميان اظهر پيو سگريٽ ڇڪيندو ۽ مسلم ليگ جو صدر رهندو، ڇو ته ميان اظهر پاڻ ٺهراءُ پاس ڪرايو هو ته پارٽي جا عهديدار حڪومتي عهدا نه وٺندا. چونڊن کان هٽي ڪري ڏسجي ته ملڪ ۾ انتها پسنديءَ کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت مٿان آمريڪي دٻاءُ وڌندو ڏسڻ ۾ پيو اچي، ان ڏس ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه جهادي تنظيمن جا اثاثا منجمند به ڪيا ويا آهن، پر لڳي ايئن ٿو ته آمريڪا ان ڏس ۾ اڃان وڌيڪ اڳڀرائي چاهي ٿو، جنهن جو اندازو آمريڪي صدر بش جي تازو ڪجهه بيانن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هن مشرف حڪومت کي انتها پسندن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ فيصلائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريو آهي. جيڪڏهن مشرف حڪومت انهيءَ دٻاءَ هيٺ اچي ٿي ته پوءِ هن سال مذهبي تنظيمن تي وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جي توقع آهي. جيتوڻيڪ ڀارت سرحدن تي جنگ وارو دٻاءُ مستقل وڌائيندو پيو اچي پر ڀارت جو اصل ٽارگيٽ به پاڪستان مٿان انتها پسندن خلاف فيصلائتو قدم کڻن بابت آهي. ڏسجي ته ان حوالي سان هن سال صورتحال ڪيئن ٿي بيهي. هن سال ملڪ جو ٻيو وڏو مسئلو معاشي مسئلو آهي. جيتوڻيڪ گذريل سال پاڪستان مٿان قرض جو ڪجهه قدر بار گهٽ ٿيو، پئرس ڪلب پاران قرض ري شيڊول ڪرڻ سان گڏ، جاپان پاران 55 ڪروڙ ڊالر قرض ري شيڊول ڪيو ويو، هالينڊ هڪ ڪروڙ 60 لک ڊالر جو قرض معاف ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا معاشي پابندي هٽائي امداد بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن ملڪي صورتحال ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل نٿي اچي ته پاڪستان جي معيشت گهڻي ڀاڱي استحڪام حاصل ڪري وٺندي، پر جيڪڏهن پاڪ، ڀارت جنگ لڳي ته پوءِ هن ملڪ جي معيشت وري ڪيترائي سال پوئتي پئجي ويندي مجموعي طور نئون سال پاڪستان لاءِ اندروني طور وڏين تبديلين جو سال هوندو. سياستدانن جي به لاٽري کلندي ته عوام جو خدا ساڻي ٿيندو.
(18 جنوري 2002ع)