تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

هڪ گذري ويل ڏينهن جي ياد!

هڪ گذري ويل ڏينهن جي ياد!

ڪالهه 14 فيبروري تي پوري دنيا ۾ ويلنٽائن ڊي ملهايو ويو. ڪو ان کي عاشقن جو عالمي ڏينهن ٿو چوي ته ڪي وري ان کي عالمي محبت جو ڏينهن، جيتوڻيڪ سينٽ ويلنٽائن جي مرڻ کي ڪيئي صديون گذري چڪيون آهن. پر اڄ ان عيسائي پادري کي دنيا ۾ محبت جي علامت سمجهي عاشق کيس پنهنجو رهنما بڻائي ياد ڪن ٿا. ويلنٽائن ڊي جي تاريخ جي حوالي سان ڪافي متضاد معلومات ملي ٿي ۽ ڪا به ٺوس ڄاڻ موجود ناهي. خود ڪيٿولڪ انسائيڪلو پيڊيا ۾ پڻ ٽن سينٽ ويلنٽائن جو ذڪر آهي، جن مان ٻه يورپ ۽ هڪ آفريڪا جو چيو وڃي ٿو ڏند ڪٿائن آڌار مستند راءِ ۽ اتفاق سال 270ع ۾ تڏهوڪي روم جي بادشاهه ڪلاڊيس (2) واري زماني جي ئي سينٽ ويلنٽائن بابت آهي. ڪيٿوليڪ انسائيڪلو پيڊيا ۾ آفريڪي سينٽ ويلنٽائن بابت گهڻي ڄاڻ موجود ناهي. باقي ٻنهي يورپي سينٽ ويلنٽائنن جي حوالي سان ڄاڻايل معلومات مطابق ٻنهي جي مرڻ جي تاريخ 14 فيبروري چئي وڃي ٿي.
جيتوڻيڪ 1990ع جي ڏهاڪي تائين 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڪستاني ماڻهن کي ويلنٽائن ڊي جي خبر ئي نه هئي پر هاڻي عالم اهو آهي ته گهڻو ڪري پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي معلوم آهي ۽ هر سال اهو ڏينهن ڌام ڌوم سان به ملهايو وڃي ٿو. وڏن شهرن ۾ وڏا اهتمام به ٿين ٿا هر ڪو پنهنجي ويلنٽائن کي تحفا ڏئي پيار ۽ محبت جي احساسن جو اظهار ڪري ٿو. زندگي جي مختلف رشتن نڀائڻ جا عهد به ڪيا ٿا وڃن، سمنڊ هجي يا پهاڙ، هوٽل هجن يا پارڪ هر جاءِ تي جوڙا گهمندي ڦرندي ڏينهن گذارين ٿا ته ڏاڍو سٺو لڳي ٿو ۽ مون کي شمن ميرالي جي ڳايل ان ڪلام جون سٽون ذهن تي تري ٿيون اچن ته:
جوڙيءَ کي جدائي ڏئي ماڻهن کي ملي ڇا ٿو
عاشقن جو عالمي ڏينهن ڪالهه گذري ويو، ڪيترن ماڻهن پنهنجي محبوبن سان اظهار ڪيا، ڪنهن کي اقرار مليا، ڪنهن کي انڪار مليا. ڪنهن کي نه چاهيندي ناپسند جي شادي ڪرڻي پئي، ڪنهن جيل جي ڪوٽڙي ۾، ڪنهن پوليس ڪوارٽرز ۾ اهو ڏينهن گذاريو. زندگيءَ ۾ ڊڄندي ڊڄندي مون هڪ فون ڪري ڪنهن کي ويلنٽائن ڊي تي (وش) ڪيو پر جواب مليو ته ”مون کي ڇو“!
ڪجهه مضمونن ۾ سينٽ ويلنٽائن جي حوالي سان اهو به چيل آهي ته جيلر جي نابين ڌيءَ کي جڏهن هن دعا ڪئي ته سندس بينائي واپس اچي وئي هئي پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. جڏهن شادي شده ماڻهن روم جي بادشاهه ڪلاڊيس (2) جي فوج ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو يا انهن جي دلچسپي گهٽ ٿي وئي ته بادشاهه نوجوانن جي شادين تي پابندي هڻي ڇڏي. هڪ ڪيٿولڪ چرچ جو پادري سينٽ ويلنٽائن لڪي لڪي نوجوان جوڙن جون شاديون ڪرائيندو هو ۽ جڏهن بادشاهه کي خبر پئي ته هن کيس جيل ۾ وڌو ۽ موت جي سزا ڏني. جنهن جيل ۾ هو قيد هو، تنهن جي جيلر جي ڌيءَ جوليا نابين هئي. هن جي بينائي بحال ڪرڻ لاءِ دعا ڪرائڻ لاءِ جڏهن ويلنٽائن وٽ وٺي آيو ته هن دعائون ڪيس، پر دعائن سبب هن جي بينائي بحال نه ٿي. سينٽ ويلنٽائن جوليا کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پڙهائيندي پڙهائيندي پيار ٿي ويس. جوليا کي ان جو اندازو ۽ احساس ئي نه ٿيو. جڏهن موت جي سزا تي عمل کان اڳ آخري خواهش کانئس معلوم ڪئي وئي ته هن جيلر جي ڌيءَ جي نالي پرچي ڏني، جنهن ۾ لکيو ته ”تنهنجو ويلنٽائن“ اها پرچي ملڻ بعد جڏهن هن کولي ته سندس بينائي بحال ٿي وئي ۽ پرچي پڙهي پڇتايائين پر تيسين سينٽ ويلنٽائن کي موت ملي چڪو هو. اهو به جوليا جي والد هٿان. سينٽ ويلنٽائن جي ان پرچي ۾ بظاهر ته لکيل هڪ جملو هو، پر اڄ به عاشقن کي لڳي ٿو ته ڄڻ ان پرچيءَ ۾ اڄوڪي ڪنهن شاعر جو هي شعر لکيل هوندو
تمہيں اجازت ہے بھول جانا
ہزار سالوں پہ سبط چاہت کی تاريخ بھول جانا
مگر ميری جان سراب ماضی کہ خواب آلود
روز و شب کی وه آخری شام ياد رکهنا
کہ جب تمہاری نگاہ سے اپنی نگاہ چھڑا کر
پلٹ رہا تها تو تم نے کچھہ بھی نہيں کہا تها
مگر ہوا ميں نمی اچانک ہی بڑھ گئی تهی.
مون ته سڄي زندگي سياست جهڙن خشڪ موضوعن تي لکيو ۽ سياسي ڪالم ئي منهنجي سڃاڻپ به بڻيا. عشق مشڪ ٿيو ڪو نه، حسرتون دل ۾ ئي رهيون. گذريل ٽن سالن کان ويلنٽائن ڊي تي لکڻ بابت سوچيندو رهيس. عين وقت تي ڳالهه وسري ويندي هئي. هن دفعي سوچيم هرڪو لکندو. ڪالهه شام منظور ميراڻي اسلام آباد جي ڪوٽاپوري ڪرڻ لاءِ فون ڪيو ۽ مون دل ٻڌي دنيا جي نوجوانن جي محبوب موضوع بابت تڪڙ ۾ هي سٽون قلمبند ڪيون، جي اوهان کي نه وڻن ته معاف ڪجو. خبر ناهي ڇو قسمت ۾ هو يا پنهنجا افعال بڇڙا، جڏهن به جنهن کي چاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوشي گيلاني جي هن شعر جهڙو جواب مليو.
ابهی ٹهرو ابهی کچھ دن لگيں گے
وصل کو خواہش بنانے ميں
تمہیں اپنا سمجھنے کیلئے دل کو منانے ميں
ابهی کچھ دن لگيں گے
کہیں اظهار کرنے ميں، کہیں اقرار کرنے ميں
ابهی ٹھرو ابھی کچھ دن لگیں گے
هاڻي ته بس جوان جذبن جي باوجود جواني جي گاڏي جڏهن آخري اسٽيشن ڏانهن سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ ٽي ٽي جي سيٽي جي انتظار ۾ آهي ته شيخ اياز جون سٽون ذهن جي تهه تي سفر جي تياري ۾ آهن ته:
سون جهڙي اسان کان جواني کسي
وار چاندي ڪيئي عمر ايڏي ٺڳي
سينٽ ويلنٽائين بابت جڏهن به پڙهيم، يا سوچيم ته مون کي سنڌ جو هڪ ڪردار عليم درس ياد ايندو آهي. خبر ناهي هن جو مثال معقول آهي يا نه. اهو فيصلو اوهان تي آهي. سينٽ ويلنٽائن جي زندگيءَ جو وڏو پهلو اهو هو ته هو ماڻهن کي پسند جون شاديون ڪرائيندو هو. ڪيٿولڪ تاريخ ۾ 14 فيبروري تي تنهن زماني ۾ ديوي فيبريوٽا جو هر سال ميلو به لڳندو هو ۽ ان موقعي تي هڪ وڏي دٻي ۾ ڇوڪريون پنهنجا نالا لکي رکنديون هيون ۽ ٻئي ۾ ڇوڪرا. بعد ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري واري واري سان يعني ڇوڪرو ڇوڪرين جي نالن واري دٻي مان ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن جي نالن واري دٻي مان هڪ هڪ نالو کڻنديون هيون. جنهن جو نالو جنهن کي هٿ ايندو هو، ڪڻي وانگر ان جي شادي ان سان ٿيندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ سرن جا سورتي سودا اهڙا ٿيندا هئا جو ڪيترا جوڙا هڪ ٻئي کي ناپسند ڪرڻ جي باوجود به ان رسم مطابق مجبور ٿي هڪٻئي کي ڪڻي جي بنا ئي قبول ڪندا هئا. ان رسم کي سينٽ ويلنٽائين غلط سمجهي ان خلاف بغاوت ڪئي هئي. سينٽ ويلنٽائن ته پسند سان شاديون ڪرايون پر هن جي زندگي جو الميو ڏسو ته جنهن کي هن چاهيو (جيلر جي ڌيءَ جوليا) ان سان هن جي شادي نه ٿي سگهي.
عليم درس اهو شخص هو، جيڪو پيرن جون قبرون ڊاهيندو هو ۽ چوندو هو ته پيرن کان نه گهرو الله کان گهرو. جنهن مقام ۾ ڪنهن پير تي ڪا سک ڏٺائين ته رات جو سندس قبر گڏي ميدان ڪري ايندو هو، ڪيترائي دفعا هن کي ماڻهن مرڻينگ ڪيو پر جڏهن ٺيڪ ٿيندو هو ته وري ساڳيا ڪم هوندا هئس. خير قصو ڪوتاهه جڏهن مري ويو ۽ کيس پوريو ويو ته ڪانڌين چيو ته هن جي قبر کي پاڻي نه هڻو ڪهڙا گناهه معاف ٿيندس. ڪانڌي قبرستان مان اڃا نڪتا ئي ڪو نه ته بيٺل سج جي برسات پئي ۽ ماڻهن چيو ته هي ڪو وڏو الله وارو هو ۽ هاڻي هن جي قبر کي درگاهه بڻايو ويو آهي. عليم درس بابت اها معلومات هڪ معتبر مولانا صاحب ڏني هئي.
ڪالهه عاشقن جو ڏينهن گذري ويو، اسلام آباد، جتي هاڻي رات جو ٿڌ ۽ ڏينهن جو گرمي ۾ اضافي واري مند پئي هلي. ان جي فضا به محبت جي احساسن ۽ پيغامن سان معطر هئي. پيار جي آگوش ۾ ڪيترن ئي جوڙن اهو ڏينهن ڄڻ ته جهٽ پل ۾ گذاري ڇڏيو. اسلام آباد جي مختلف مارڪيٽن ۾ گفٽ شاپ وارن جي چاندي هئي ڪتابن جي دڪانن تي به رش ڪافي هئي. نوشي گيلانيءَ ته ويلنٽائن ڊي لاءِ وڏي اهتمام سان خصوصي طور ڪتاب به شايع ڪرايو. گلن جي دڪانن تي رش به ڏسڻ وٽان هئي. ڪيترن ئي هٿن ۾ گلاب جا ڳاڙها گل ۽ گجرا به هئا. الله عاشقن ۽ معشقون کي سلامت رکي ۽ ڪيل قول قرار نڀائڻ جي توفيق ڏئي.
(آچر 15 فيبروري 2004ع)