تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

سياسي گرمائش ۽ تبديلين جا امڪان

سياسي گرمائش ۽ تبديلين جا امڪان

گادي واري شهر ۾ موسم جي تبديليءَ سان گڏ سياسي تبديلين جي به شروعات ٿي چڪي آهي، نه صرف سياسي تبديليون پر اهم ۽ سگهارن ادارن ۾ به ڪجهه تبديليون آيون آهن ۽ ڪجهه تبديلين جا سانباها ٿي رهيا آهن. ضياءُ الحق دور ۾ اطلاعات جي وزارت تي رهندڙ راجا ظفر الحق، جيڪو اڄ ڪلهه سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي، تنهنجي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني مخالف ڌر جي وفد جي صدر فاروق لغاري سان ملاقات به هڪ وڏي تبديلي آهي. مخالف ڌر وارا ٻه سال صدر بابت گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا ۽ کيس ڪرپٽ ترين صدر ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائڻ وارين ڪوششن ۾ مصروف هئا ته اوچتو هنن سيڙجي وڃي صدر سان ملاقات ڪيئن ڪئي؟ ان بابت هڪ خيال اهو به آهي ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان صدر سان ملاقات نه ڪئي آهي. صدر سان ملندڙ وفد ۾ آرمي جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل افتخار خان جو ڀاءُ چوڌري نثار علي خان به شامل هو. چيف آف جنرل اسٽاف آرمي ۾ عملي طور تمام وڏو عهدو هوندو آهي. هيستائين جيڪي به آرمي چيف رهيا آهن. انهن جو هن عهدي وارن آفيسرن سان تمام ويجهو ناتو هوندو آهي. هر فيصلي ۾ هن عهدي واري آفيسر جي راءِ غير اعلانيا طور مشروط سمجهي ويندي آهي.
مخالف ڌر جي روين ۾ ايڏي وڏي اوچتو آيل سياسي تبديليءَ ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن، جن جو جواب وقت پنهنجي مناسبت سان ڏيندو. پهرين اپريل 96ع تي رات جي ماني تي ايوان صدر ۾ مخالف ڌر جي مک اڳواڻن چوڌري شجاعت، اعجازالحق ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن جي ٻي ملاقات صدر سان ٿي. هڪ هفتي ۾ اپوزيشن جي اڳواڻن جون صدر سان ٿيل ٻه ملاقاتون ضرور ڪو رنگ لائينديون ۽ ان جا اثر به آهستي آهستي نمودار ٿيندا.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو جيڪو ايڊوويڪٽ حبيب وهاب الخيري جي درخواست تي ڏنو ويو، اها به هڪ وڏي تبديلي هئي. ان معاملي تي جيئن ته ڪافي گهڻو لکجي چڪو آهي، ان ڪري مان صرف مختصر ذڪر ڪندي ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيندس. هن تاريخي فيصلي جو پسمنظر ڇا به هجي، پر هي اهڙو فيصلو هو جنهن صدر ۽ وزيراعظم کان سواءِ پي ڊي ايف جي گڏيل حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين ۾ پڻ اختلاف راءِ پيدا ڪيو آهي. 20 مارچ 96ع تي جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو هو ته صدر فاروق لغاري وزيراعظم جي مشوري کان اڳ ئي فيصلي کي ويلڪم ڪندي، هڪ پاسي پنهنجي پوزيشن ٺيڪ ڪري ڇڏي ۽ ٻئي پاسي حڪومت لاءِ مشڪلات پڻ پيدا ڪئي. حقيقت ۾ ته صدر پاران فيصلي کي ويلڪم ڪرڻ وارو عمل حڪومت لاءِ گائيڊ لائين هو، پر حڪومت پنهنجي مارشل لائي مشيرن جي گهيري ۾ اچي، ان کي انا جو مسئلو بڻايو.
آئيني درخواستون داخل ڪرڻ جو شوقين ايڊووڪيٽ وهاب الخيري ائين آهي، جيئن ڪراچي ۾ ”مسلم ويلفيئر موومينٽ“ جو سربراهه اقبال حيدر ايڊووڪيٽ آهي. جنهن طريقي سان اقبال حيدر ايڊووڪيٽ جي ساک پت عملي ڄاڻ ۽ فڪري سگهه کي ڪراچي ۾ وزن نه ڏنو ويندو آهي، اهڙو ئي حال وهاب الخيري جو آهي. 94ع جي شروعات ۾ ان اقبال حيدر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيد عبدالله شاهه (وڏي وزير) کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ بعد ۾ هڪ ڪچهري کان پوءِ ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جي مبينه دهشتگردي خلاف پريس ڪلب ڪراچي آڏو بک هڙتال به ڪئي هئي. جيڪا هن ٻن ڏينهن بعد 6 رپئي جي جوس واري دٻي ملڻ بعد ختم ڪري ڇڏي هئي. ساڄي ڌر سان وابستگين طور سڃاتو ويندڙ وهاب الخيري، جيڪو ايڪسائيز انسپيڪٽر جو پٽ آهي، تنهن کي اڳ ۾ صحافت جو شوق هو. هڪ بختور ۽ خلق جهڙي اخبار ۾ ڪم به ڪيائين، پر خير سان اخبار بند ڪرائي پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. حال ويچاري جو اهو آهي، جو راولپنڊي بار ڪائونسل جي روم ۾ وڪيل کيس چانهه به پيئڻ نه ڏيندا آهن. سدائين ڪاري شيرواني پائي، ڌڪي اسٽارٽ ڀڳل گاڏي جنهن جي ڇت مينهن پوڻ بعد ٽمندي آهي، تنهن ۾ پيو گهمندو آهي. بهرحال اڄڪلهه ته وهاب الخيري جي لئي لڳي پئي آهي. هن جي درخواست تي ئي سپريم ڪورٽ ايڏو وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي. جيتوڻيڪ 94ع جي آخر ۾ جڏهن جج ڀرتي ڪيا ويا هئا ته انهن ۾ مجيد خانزادو، رفيق اعواڻ، ديدار شاهه، شفيق محمدي ۽ پ پ اڳواڻ احمد سفير اعواڻ به شامل هئا. جنهن مهل اعواڻ جج ٿيڻ جو حلف کنيو ته ان مهل هن تي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر به داخل ٿيل هئي. ججن جي ڀرتين خلاف پوري ملڪ جي وڪيلن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪئي هئي ۽ چڀندڙ بيان پڻ ڏنا هئا. انهن بيانن جو نوٽيس وٺندي، چيف جسٽس سجاد علي شاهه فيبروري 1995ع ۾ جسٽس منير ۽ جسٽس مختيار جوڻيجو کي چيو ته انهن بيانن جو جائزو وٺو ته ڇا اهي بيان توهين عدالت جي دائري ۾ اچن ٿا يا نه؟ ٻنهي ججن مختلف اڳواڻن جي بيانن جو جائزو وٺڻ بعد سفارش ڪئي ته ايڊووڪيٽ اڪرم شيخ، وهاب الخيري ۽ ٻين جا بيان توهين عدالت برابر آهن. اهڙي رپورٽ بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس مير هزار کوسي ۽ جسٽس منير تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ڊويزن بينچ جوڙي، انهن وڪيلن کي وهاب الخيري سميت توهين عدالت جا نوٽيس ڏنا ۽ چيو ته ”ججن جي ڀرتين خلاف اوهان بيان جاري ڪري، توهين عدالت ڪئي آهي.“ خبر ناهي ته ان ڪيس جو ڇا ٿيو. پر آگسٽ 95ع ۾ ان ئي چيف جسٽس جنهن وهاب الخيريءَ کي ججن جي ڀرتي تي ڳالهائڻ خلاف توهين عدالت جو نوٽس ڏنو، وهاب الخيري جي درخواست تي ججن جي ڀرتي بابت درخواست جي سماعت ڪئي ۽ درخواست گذار جي حق ۾ فيصلو ڏنو.
هن عدالتي فيصلي سبب شروع ۾ اسان صدر ۽ وزيراعظم ۾ پيدا ٿيل اختلاف راءِ جو ذڪر پيش ڪيو ۽ اهو به اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته حڪومت جي اتحادي ڌرين ۾ به اختلاف راءِ پيدا ٿي آهي. هي فيصلو جيڪو اڃا مڪمل طور نه آيو آهي. مجموعي طور سياسي تبديليءَ لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هي فيصلو حڪومت ۾ شامل پارٽين ۾ اختلاف راءِ پيدا ڪري چڪو آهي. وزيراعظم بينظير ڀٽو هن فيصلي کي اڃا تائين تسليم نه ڪيو آهي. سندس موقف سان اختلاف ڪندي، حامد ناصر چٺا 30 مارچ تي مانڪي والا ۾ عام جلسي دوران چيو هو ته جوڻيجو ليگ هن فيصلي جو احترام ڪري ٿي ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ آئيني ماهرن سان مشورا ڪري رهيا آهيون. اڻ سڌن لفظن ۾ اهو اعلان هو ته جوڻيجو ليگ وزيراعظم جي موقف سان متفق ناهي. هوڏانهن فضل الرحمان مولانا تنهن به سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت وزيراعظم جي موقف سان اختلاف ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فيصلو جيئن جو تيئن عمل ۾ آندو وڃي. پي ڊي ايف ۾ جوڻيجو ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جيڪي پي پي کانپوءِ ٻه وڏيون حڪمران ڌر جون اتحادي جماعتون آهن، تن جو 10 ڏينهن کان پوءِ وزيراعظم جي موقف خلاف موقف اختيار ڪرڻ به معنيٰ خيز آهي. حڪمران ڌر ۾ اختلاف راءِ پڻ هڪ وڏي تبديلي آهي.
انهن تبديلين کانسواءِ هڪ ٻئي تبديلي مئي ۾ فوج ۾ ايندي، اها هيءَ ته جي ايڇ ڪيو ۾ ڪواٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي ڪم ڪندڙ ليفٽيننٽ جنرل نصير اختر ۽ گجرانوالا جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل جاويد اشرف قاضي رٽائر ٿي رهيا آهن. چيو وڃي ٿو ته هنن کي ملازمت واري مدي ۾ واڌاري ڏيڻ جو امڪان گهٽ آهي.
جيئن جيئن اڄڪلهه گادي واري شهر ۾ موسم ڦيرو کاڌو آهي. تيئن تيئن سياست ۾ پڻ نوان رخ ۽ لاڙا اچي رهيا آهن. اڄڪلهه اسلام آباد ۾ ڏينهن جو قابل برداشت گرمي ۽ رات جو قابل برداشت ٿڌ واري موسم آهي. اها موسمي تبديلي مئي ۾ پلٽو کائيندي ڏينهن ۽ رات جو گرمي جو سبب بڻبي، جيئن جيئن گرمي وڌندي تيئن تيئن سياسي گرمائش پڻ وڌندي ويندي. هتان جا سياسي حلقا ۽ باخبر ذريعا اهو پيا چون ته مئي جي پڇاڙڪي هفتي کان سياسي گرمائش پگهارڻ واري حرارت جي درجي تائين وڃڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن ان گرمائش جو فائدو وٺندي باهه مچائڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان نواز شريف ڪاٺيون سوري ڪجهه ڪوشش ڪئي ته پوءِ ان جو تئه ۽ تاب گهڻن محفوظ هنڌن تي ويٺلن کي به ايندو. جيڪڏهن ميان صاحب هن دفعي به درست وقت تي غلط فيصلو ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ اهو به ممڪن هوندو ته ”هڪ سسئي ٻيا سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“ پر اهڙي صورتحال نظر نه پئي اچي، ڇو ته شاطر دماغ شهباز شريف اڊيالاجيل ۾ ويٺو آهي ۽ جيل ۾ هوندي به نواز شريف کان وڌيڪ باخبر آهي. هو هيءُ ڌڪ گسائڻ جي شايد هن دفعي غلطي ڪرڻ جي گنجائش نه ڇڏي.
صدر فاروق لغاري، جنهن جي شخصيت ۾ پڻ ڦيرو آيو آهي، ان جي رويي، لهجي ۽ انداز ۾ وڏي تبديلي لاءِ نه صرف مخالف ڌر وارا پراميد آهن، پر حڪومت وارا به ٿورو پريشان آهن. ڇو ته صدر به مجبور آهي. جيڪڏهن هو پنهنجو آئين موجب ڪردار ادا نٿو ڪري ته پوءِ هن جو احتساب به واجب ٿي ويندو . هن وقت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ عدليا، حڪومت ۽ مخالف ڌر صدر ڏانهن ڏسي رهيا آهن. صدر موجوده صورتحال ۾ آئين کان هٽي ڪري رول ادا ڪرڻ جو ته سوچي به نه ٿو سگهي. ڇو ته ذوالفقار ڀٽو دور ۾ پهريون دفعو ايڊيشنل سيشن جج (جيڪب آباد) ڀرتي ٿيندڙ هاڻوڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچ ، جنهن ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل عزيز اي منشي جو اڳ ۾ جونيئر وڪيل طور ڪم ڪندڙ ۽ ڪارپوريٽ لا ۾ مهارت رکندڙ جسٽس اجمل ميان به شامل آهن ۽ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته صدر به پنهنجو رول ادا نٿو ڪري ته پوءِ فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج کي به حڪم ملي سگهي ٿو. خدا ڪري ته اهڙي صورتحال نه اچي، ڇو ته ان بعد ”نه رهندو بانس نه رهندي بانسري.“
حڪومتي حلقن ۾ اهو چيو پيو وڃي ته وزيراعظم به پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ هاڻي هوش کان ڪم وٺندي، تڪڙ نه پئي ڪري. حڪومت صدر کي صلاح ڏيندي ته هو سپريم ڪورٽ جو فيصلو غور لاءِ آئين جي آرٽيڪل 186 هيٺ واپس ايڊوائيزري جيورسڊڪشن ۾ موڪلي. حڪومت کي اها خوش فهمي آهي ته ايڊوائيزري جيورسڊڪشن ۾ جڏهن اهو معاملو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ان تي غور ڪندي ته ان ۾ 63 سال ۽ ساڍا اٺ مهينا ( ڪنهن به جج جي رٽائرمينٽ واري عمر) عمر وارو جج جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ سميت ڪجهه جج ان فيصلي خلاف پنهنجو نوٽ لکندا ۽ بعد ۾ اهو ڪيس کڻي حڪومت وري ”رويو پٽيشن“ ۾ ويندي. اهڙي ريت هڪ ته فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ حڪومت دير ڪرڻ جو جواز بڻائي وٺندي، ٻيو ته تيئن هي معاملو پريس ۽ عوام لاءِ به ٿورو پراڻو ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ جا ڪجهه جج به هيڏي هوڏي ٿيندا.
جيڪڏهن حڪومت اهو حربو استعمال به ڪيو، تڏهن به سياسي گرمائش گهٽجڻ جو امڪان ناهي. هي فلم حڪومت جي ضرور ڳچي ۾ پوندي ۽ هي فيصلو مجموعي طور ملڪي سياست ۾ اهم تبديلي جو ڪارڻ بڻبو. جيڪڏهن هن فيصلي جي ايڏي وڏي اهميت ۽ بعد جا اثر ماٺا نظر اچن ها ته وزيراعظم بينظير ڀٽو نواز شريف کي خط نه لکي ها. وزيراعظم کي جڏهن نواز شريف قومي اسيمبليءَ ۾ آڇ ڪئي ته هتي جو هتي اڳ ۾ مڪمل طور سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته بعد ۾ ججن جي ڀرتي بابت حڪومت سان آئين ۾ ترميم لاءِ مخالف ڌر ساٿ ڏيندي، ته ان جو جواب ڏيڻ ان مهل بينظير ڀٽو ضروري نه سمجهيو. چئن ڏينهن کان پوءِ اوچتو وزيراعظم کي ان آڇ جو جواب ڏيڻ لاءِ نواز شريف کي خط لکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ بهرحال مان نه پير پاڳاري وانگر جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهيان ۽ نه ئي روحاني ۽ آسماني علم ڄاڻان ٿو. بس موجوده حالتن کي ڏسندي ۽ اقتدار جي سينٽرل پوائنٽ جي انفرميشن بعد وري به اهو چوندس ته مئي ۾ اونهاري جي گرمي سخت سياسي گرمائش به پيدا ڪندي.
(3 اپريل 1996ع)