ڇا نواز شريف عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيندو
پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت جي ڏوهه ۾ باقاعده نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اهو به پهريون موقعو آهي ته هڪ ئي وقت 8 پارليامينٽرين کي پارليامينٽ اندر ڪيل تقريرن ۾ توهين عدالت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ”ڪرمنل پروسيجر تحت توهين عدالت جي ڏوهه ۾ باقاعده نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جوابدار کي پاڻ هر صورت ۾ عدالت ۾ حاضر ٿيڻو آهي.“ اهڙو اظهار ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ڪارروائي بعد مختلف وڪيلن بار روم ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ چيو ته وزيراعظم توهين عدالت ۾ ملزم قرار ڏنو ويو آهي هاڻي هو وزيراعظم جي آفيس استعمال نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ”مون کي خبر پئي آهي ته حڪومت توهين عدالت جون درخواستون داخل ڪندڙن کي لالچ ۽ دٻاءُ ذريعي مڃائڻ ۾ مصروف آهي ان ڪري هڪ ٻن ڏينهن اندر مان به توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندس. جيڪڏهن چوڌري اڪرام ۽ منظور قادر پنهنجون درخواستون واپس ڪن ٿا ته پوءِ مان هٿ نه کڻندس.“ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندڙ چوڌري اڪرام ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”صبح جو پوڻي نائين وڳي مان راولپنڊي پنهنجي گهران نڪتس ته ڪجهه حڪومتي ايجنسين جون مشڪوڪ گاڏيون جن مان 2 گاڏين تي پنجاب حڪومت جون نمبر پليٽس هيون انهن پيڇو ڪيو ۽ منهنجو رستو بلاڪ ڪندا رهيا ۽ مون کي عدالت پهچڻ ۾ دير ٿي آهي.“ هن خدشو ظاهر ڪيو ته مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي خطرو آهي ۽ ڪنهن به وقت نقصان ٿي سگهي ٿو. ڪالهه جڏهن ڪارروائي شروع ٿي ته عدالت جو ڪمرو ڀرجي ويو. غوث علي شاهه سميت مختلف ايم اين ايز، سينيٽر، حڪومت جا حامي ۽ مخالف سياسي ڪارڪن، ليڊر ۽ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. جڏهن ڪارروائي ختم ٿي ته اجمل خٽڪ ايس ايم ظفر سان اٽڪي پيو ۽ چيو ته ”مون کي ڇو گهرايو هيئي؟ منهنجي ته ضرورت ئي نه هئي. صبح جو ننڊ خراب ڪئي اٿئي!“ ان تي ٻنهي ۾ گرما گرمي ٿي ته اجمل کي ڀر ۾ ويٺل سندس ڪارڪن ٿڌو ڪيو. ايس ايم ظفر ڪاوڙجي ويو. توهين عدالت جي ملزم خواجا آصف ۽ پي ٽي وي جي وڪيل عشتر اوصاف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته توهين عدالت جي نوٽيس بعد ضروري ناهي ته جوابدار پاڻ عدالت ۾ حاضر ٿين. سندن وڪيل به جواب ڏئي سگهن ٿا. اصل ۾ جوابدارن جا وڪيل چون ٿا ته نوٽيس بعد جوابدارن جو عدالت ۾ حاضر ٿيڻ ضروري ناهي. جڏهن ته درخواست گذار ۽ سندن وڪيل چون ٿا ته جوابدارن کي خود حاضر ٿيڻو آهي. سينيئر ۽ غير جانبدار وڪيلن جو چوڻ آهي ته هي نئون مسئلو آهي ان ڪري عدالت ۾ ئي طئي ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ روزانو ايندڙ وڪيلن ۾ عدليا ۽ حڪومت واري جهيڙي بعد گروپنگ ٿي وئي هئي. هڪڙا عدليا جي حمايت ڪن ٿا ۽ ٻيا حڪومت جي، تنهنڪري هن معاملي ۾ به سندن رايا به ان ئي بنياد تي هئا. اهڙي صورتحال ۾ اهو معاملو صاف نه ٿي سگهيو آهي ته توهين عدالت جا باقاعده نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جواب لاءِ عدالت ۾ طلبي جي حڪم کان پوءِ جوابدارن کي خود پيش ٿيڻو آهي يا نه. عدالت جي حڪم ۾ به اهو واضح لکيل ناهي ته ڪو جوابدارن کي پاڻ اچڻو آهي. هوڏانهن پتو پيو آهي ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان لياقت جتوئي ۽ الاهي بخش سومري اسلام آباد ۾ هڪ اهم شخصيت جي گهر ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاملن تي ويچاريو ويو.
توهين عدالت واري ڪيس جي ڪارروائي بابت جنهن ڳالهه جو امڪان هو هاڻي اهو مرحلو شروع ٿي ويو آهي ڇو ته ڪالهه جڏهن نواز شريف جي وڪيل ايس ايم ظفر عدالت کي هڪ مهينو ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته ان تي چيف جسٽس حيرت وچان چيو ته ”هڪ مهينو! توهين عدالت جي ڪيس ۾ ايتري مهلت ڇا مناسب آهي؟“ گادي واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي اها ڳالهه محسوس ڪرائي وئي آهي ته چوڏهين ترميم معطل ڪرڻ واري فيصلي بعد وزيراعظم جيڪي بيان ڏنا هئا ته ”چيف جسٽس لوٽا ازم کي زندهه ڪيو آهي.“ ”هي عدالت جو فيصلو نه پر ٽن ججن جو فيصلو آهي.“ ”چيف جسٽس جو فيصلو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي.“ ان بعد صدر کي خط لکي اهو چوڻ ته ”عدالت جي حڪمن تي عمل نه ڪجو. اسين نطرثاني جي درخواست داخل ڪنداسين.“ مٿان پي ٽي وي وارن انهن ڏينهن لوٽن جا ڍير ڏيکاريا. اهو به ڏيکاريو ته هڪ شخص لوٽو کڻي ٻين لوٽن ۾ پاڻي وجهي رهيو هو. اهڙين فلمن جون ڪيسٽون عدالت ۾ پهچي چڪيون آهن. اسيمبلي ۾ جڏهن ميمبرن عدليا ۽ ججن تي تنقيد پئي ڪئي ته آفتاب شعبان ميراڻي ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال کي چيو هو ته آئين موجب عدليا ۽ ججن بابت اسيمبلي ۾ بحث نٿو ڪري سگهجي ته جعفر اقبال کيس جواب ڏنو هو ته آرٽيڪل 209 موجب عدالت به آئيني ترميم معطل نٿي ڪري سگهي. انهن سڀني ڳالهين کان وزيراعظم کي ثبوتن سان گڏ آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ کيس مشورو ڏنو ويو آهي ته حڪومت وٽ معافي وٺڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ۽ تاثر اهو ملي رهيو آهي ته وزيراعظم عدالت کان معافي وٺڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان غور پيو ڪري.
حڪومتي حلقن ۾ اڄڪلهه اسپيڪر الاهي بخش سومرو تي ڏاڍي چڙ آهي ۽ 3 ڏينهن کان اسيمبلي جي ملازمن، صحافين ۽ سرڪاري ميمبرن جي حلقن ۾ اهو چوٻول آهي ته الاهي بخش کي اسپيڪر شپ تان هٽايو پيو وڃي ڇو جو هن اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرن جو سمورو رڪارڊ چيف جسٽس کي حڪومت کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڏئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ عدليا ۽ ججن خلاف ڪيل تقريرن بعد ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال سڄي ڪارراوئي حذف ڪري ڇڏي هئي پر چيو وڃي ٿو ته اسپيڪر الاهي بخش ان حذف ٿيل ڪارروائي جا ٽيپ به عدالت کي ڏئي ڇڏيا آهن. اهڙي صورتحال بعد نواز شريف ۽ سندس ڪابينا سومرو تي چڙيل آهي پر سومرو پنهنجي پوزيشن بچائڻ لاءِ چيف جسٽس سان ذاتي طور رابطا ڪري بظاهر اهو ڏيکارڻ گهري ٿو ته هو ڏاڍي ”ڀڄ ڊڪ“ پيو ڪري. پر حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته سومري جي مشڪوڪ ۽ مبهم رول بعد نواز شريف هن جي ڀيٽ ۾ اڄڪلهه غوث علي شاهه تي وڌيڪ اعتماد ۽ اعتبار ڪري رهيو آهي ۽ هن جو رستو صاف ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم جهڙي طرح 30 آڪٽوبر تي اوچتو اسيمبلي ۾ عدليا جو موقف ”عوامي مفاد“ ۾ چئي مڃڻ جو اعلان ڪافي دير ٿيڻ بعد ڪيو هو هاڻي هو معافي وٺڻ وارو گس اختيار ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪرڻ گهري. جيڪا صورتحال آهي ان مان ته لڳي ٿو ته 17 نومبر تي عدالت ۾ وزيراعظم اينڊ ڪمپني پاران سندن وڪيل معافي ناما داخل ڪندا.
ڪالهه کان ٽي وي تي جوابي قسم جا ڪارٽون ڏيکارڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ پهرين نومبر کان اخبارن ۾ شايع ٿيل ڪارٽون جيڪي خود حڪومت جي خلاف هئا ۽ انهن ۾ نواز شريف جي مذاق اڏائي وئي هئي، سي ڏيکاريا پيا وڃن. هڪ ڪارٽون ۾ هو گڏهه تي ويٺو آهي ٻئي ۾ هيوي مينڊيٽ جي تختي تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي پاسي تختو مٿي ٿيل هو ۽ هر شيءِ هوا ۾ هئي. هڪ ڪارٽون ۾ ڳري مينڊيٽ واري ڦوڪڻي جي هوا نڪرندي ڏيکاريو ويو. اهڙا ڪارٽون پهريون دفعو پي ٽي وي 12 آڪٽوبر تي شام جو ڏيکاريا جن مان ماڻهو اهو مقصد اخذ ڪري رهيا آهن ته حڪومت اهو ڏيکارڻ چاهي ٿي ته اها پي ٽي وي تان به پنهنجي خلاف به ڪارٽون هلائي ٿي. عدليا خلاف ڏيکاريل ڪارٽونن کي Justify ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي پر ڇا عدالت اڳ ۾ هليل ڪارٽونن جو ان سبب ڪري نوٽيس نه وٺندي؟ ان سوال جو جواب ته عدالت وٽ آهي پر هن وقت تائين جي روين حڪومت کي پاڻ کي ڪارٽون ضرور بنائي ڇڏيو آهي. (13 نومبر 1997ع)
(13 نومبر 1997ع)