اٽڪ قلعي ۾ قيد راءِ ونڊ جا راجا نواز ليگ اڻ اعلانيه طور نواز شريف کي بينظير جيان تاحيات سربراهه ج مرتبو ڏئي ڇڏيو
نواز شريف کي نواز ليگ جي قيادت تان هٽائڻ وارو معاملو ٽري ويو آهي. بظاهر ايئن پيو لڳي ته اهو مسئلو ويجهڙائي ۾ ٻيهر ڪر نه کڻندو. في الحال جيڪو وايو منڊل آهي ان کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته واقعي ايئن هوندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ ٿي لڳي. مسلم ليگ جي آچر واري اجلاس بعد رات جو پوڻي ڏهين وڳي بريفنگ ڏيندي راجا ظفرالحق اهو چيو هو ته جنهن کي به نواز شريف کي مسلم ليگ جي صدارت تان هٽائڻ جي غلط فهمي ذهن ۾ آهي اها ختم ٿيڻ گهرجي. انهن لفظن جو سڌي طرح اهو مطلب ٿو نڪري ته نواز شريف به بينظير جيان پارٽي جو تاحيات سربراهه رهندو. ان کي ڪير به هٽائي نٿو سگهي. پي پي ۽ مسلم ليگ ۾ فرق اهو آهي ته پ پ وارن آن دي رڪارڊ بينظير کي تاحيات ليڊر مقرر ڪرڻ جو ٺهراءَ پاس ڪيو پر مسلم ليگ اڻ اعلانيل طور نواز شريف کي تاحيات سربراهه جو رتبو ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. بقول بيگم عابده حسين جي ته جيڪي سياسي پارٽيون يا ليڊر جمود جا قائل هوندا ۽ Statusco چاهيندا آهن. اهي پاڻ به محدود دائري ۾ منجمند ٿي ويندا آهن. ان دليل ۾ ڪافي وزن آهي ۽ واقعي به صورتحال ايئن ئي لڳي ٿي، جنهن جا چٽا نتيجا ڪجهه عرصي ۾ واضح نموني نظر اچڻ شروع ٿيندا.
نواز شريف کي صدارت تان هٽائڻ واري معاملي تي هم خيال ماڻهن جن ۾ بيگم عابده، ميان اظهر، سرور چيما، مقبول نيازي، فخر امام، احسن اقبال، منصور حيات، وغيره شامل آهن. انهن جي لسٽ ڪافي ڊگهي آهي. اهي في الحال تڪڙ نه ڪندا ۽ وقت جو انتظار ڪندا. جيئن ئي کين موقعو ملندو ته پنهنجو ڪم ڪندا. بيگم عابده ۽ سندس حامين جي ٿڌي رويي سبب جيتوڻيڪ في الحال مسلم ليگ جي ورهائجڻ جو خطرو ٽري ويو آهي، پر ختم ناهي ٿيو. هن وقت جيڪڏهن عليحدگي ٿي به ته عابده وارن کي ان سطح تي پذيرائي حاصل نه ٿيندي. ڇو ته في الحال اها فوري گهرج اسٽيبلشمينٽ جي به ناهي. اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته بينظير ۽ نواز شريف ٻنهي کي عدالتي پروسيس ذريعي نه صرف پارلياماني سياست کان نااهل قرار ڏيئي آئوٽ ڪيو وڃي، پر کين پارٽي قيادت کان به محروم ڪيو وڃي. سياسي حلقن موجب نواز شريف جي حمايت ۾ محترمه جا بيان به ان خوف جو نتيجو آهن. نواز کي سزا ملڻ بعد جيتوڻيڪ مسلم ليگ پاران پنجاب ۾ اهو چئي احتجاج نه ڪيو ويو ته شڪر ڪريو جان بچي سنڌ جي جج جسٽس رحمت حسين جعفري مهرباني ڪئي، جو گهٽ کان گهٽ سزا ملي. جيئن ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ نواز ڪيس جي ڪارروائي شروع ڪندي تيئن سپريم ڪورٽ بينظير ڪيس جي سماعت ڪندي. سياسي حلقا اهي وسوسا ڏيکاري رهيا آهن ته ٻئي عدالتون شايد انهن اڳواڻن لاءِ هيٺين عدالتن جا فيصلا برقرار رکن. شهباز شريف، عباس شريف ۽ حسين نواز جيڪي ويجهي ماضي ۾ رائيونڊ جا راجا سڏبا رهيا آهن. اهي اڄڪلهه اٽڪ قلعي ۾ قيد آهن. اها ته وقت وقت جي ڳالهه هوندي آهي، ته ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾. آصف زرداري به ساڳئي حال ۾ آهي، ڳچ عرصي کان جيل ۾ رهڻ ڪري هو ته اتي رهڻ جو ڄڻ ته عادي ٿي ويو آهي. ڏکيا سکيا ڏينهن هر ڪنهن تي ايندا آهن پر ڪجهه ماڻهن تي اوچتو بنا سبب ۽ ڪجهه ماڻهن تي اعمالن سبب به اُهي ڏينهن اچي ويندا آهن. بقول معطل ايم اين اي ميان وحيد جيڪو ضياءَ الحق جو انتهائي ويجهو عزيز هوندي به اڄ تسليم ڪري ٿو ته نواز ۽ شهباز اعمالن سبب اندر آهن. شهباز ۽ حسين نواز واري ڪيسن جا فيصلا ايندا رهندا ۽ ڪيس داخل به ٿيندا رهندا. سياسي حلقن موجب موجوده دور ۾ سندن ٻاهر اچڻ مشڪل آهي. جيتوڻيڪ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي واقع اٽڪ قلعو مارشل لاءِ جي زماني ۾ مشهور ٽارچر سيل هو پر هاڻي ان جي اها شهرت نه رهي آهي. اڊيالا ۽ ڪراچي جيلن کان اٽڪ وارو قلعو پر فضا ماحول ۽ مقام تي آهي، پر گرمين ۾ جڏهن جيل تپندو آهي ته ان مهل سنڌوءَ جي هيئين ڏاريندڙ ڇولين جي ڦوهار هوا ۾ ملي به اها تسڪين قلعي جي ڪمرن تائين نه پهچائي سگهندي آهي. جنهن جي خواهش ان ۾ قيد ماڻهن جي هوندي آهي.
هيستائين مسلم ليگ جي ڊي فيڪٽو صدر جا اختيار استعمال ڪندڙ ضياءِ ڪابينا جي اطلاعات واري وزير راجا ظفر الحق پاڻ کي غير متنازعه بڻائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن سڀاڻي ڪنهن به وقت ضرورت پوڻ تي هو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي، بلڪه فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي. راجا ظفر الحق جي اسٽيبلشمينٽ سان پراڻي ويجهڙائپ رهي آهي. سڀاڻي جيڪڏهن مسلم ليگ ۾ قيادت واري سوال تي اتفاق راءِ نه ٿيو ۽ ڌار گروپ ٺهيو به، ته ان وقت جيڪڏهن راجا ظفر الحق باغي گروپ سان ويو ته ان سان نه صرف راءِ عامه پر مسلم ليگ جا ڪافي ماڻهو نواز کان ٽٽندا، تنهن ڪري هن کي في الحال اسپيئر ڪيو پيو وڃي.
آچر واري اجلاس ۾ راجا ظفرالحق تقرير دوران انڪشاف ڪيو ته 12 آڪٽوبر تي صبح جو 10 وڳي ان وقت جي راولپنڊي واري ڪور ڪمانڊر ۽ آءِ ايس آءِ جي هاڻوڪي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل محمود، مظفر آباد مان فون تي جنرل مشرف سان ڪولمبو ڳالهايو ۽ کيس ٻڌايو ته اڄ نواز شريف اوهان کي هٽائي جنرل ضياءَ کي مقرر ڪندو. اسان نواز کي گرفتار ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ جو انتطام ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي جنرل مشرف چيو ته ”ويلڊن“ خبر ناهي ته راجا اهو انڪشاف ڪهڙي معلومات آڌار ڪيو آهي پر لاهور مان چونڊجندڙ ميان عبدالمنان نجي ڪچهري ۾ ٻڌايو ته اسان وٽ محمود ۽ جنرل مشرف جي ڳالهه ٻولهه جا ٽيپ آهن. جيڪي ثابت ڪن ٿا ته فوج اقتدار تي قبضي جو اڳ ۾ ئي پلان ٺاهيو هو.
جيڪڏهن اهو موقف درست مڃجي به سهي ته اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته نواز حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي. نواز شريف جي ساٿين ۾ شايد هاڻوڪن حاڪمن جا ڪجهه خير خواهه موجود هئا. ڇا جنرل ضياءَ الدين ئي ته ڪٿي اهو ڪم نه ڪرايو هو؟ اهو سوال مٿئين صورتحال ۾ ڪافي واسطيدار آهي.
ميان منان ٻڌايو ته مظفر آباد جو ٽيلي فون سسٽم فوج جي انتظام هيٺ آهي، تنهن ڪري اهو وڌيڪ محفوظ سمجهندي جنرل محمود جنرل مشرف سان ڳالهايو هو. خبر ناهي ان ۾ ڪيتري صداقت آهي پر مسلم ليگ جي ان معطل ايم اين اي دعويٰ ڪئي آهي ته هنن وٽ ٽيپ آهن. ميان منان کي ڳالهين دوران جڏهن ٿورو Provoke ڪيو ويو ته هن جذبات ۾ اچي ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر جنرل عثماني ۽ جنرل مشرف جي ڳالهه ٻولهه جي ٽيپ به اسان وٽ آهي. جنهن ۾ جهاز هائيجيڪ ٿيڻ بعد جنرل مشرف عثماني کان پڇيو ته ”ڪير ٿو ڳالهائي!“ عثماني چيو ته ”عثماني آهيان“ مشرف چيو ته ”تون عثماني نٿو لڳين“ عثماني چيو ته ”يقين ڪريو سر، عثماني آهيان“ مشرف پڇيو ته ”تنهنجي ڪتي جو نالو ڇا آهي؟“ عثماني پنهنجي ڪتي جو نالو ٻڌايو ته ان بعد مشرف چيو ته ٺيڪ آهي؟ عثماني تون ئي آهين هڪدم هوائي اڏي جو ڪنٽرول سنڀاليو ۽ اسان جو جهاز لينڊ ڪرايو.“ بقول ميان منان جي ته ان ڳالهه ٻولهه جا ٽيپ به مسلم ليگ وٽ آهن ۽ ڪجهه ٻيا ٽيپ به آهن، جيڪي مسلم ليگ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي. هن چيو ته فوج اقتدار تي قبضي جو پلان اڳ ۾ ئي تيار ڪيو هو ۽ اهو اسين عدالت ۾ ثابت ڪنداسين. هن اشارو ڏنو ته انهن ٽيپس جي ڪاپي اقبال رعد (نوازشريف جو وڪيل) کي به ملي هئي. جنهن کي قتل ڪيو ويو ۽ آفيس مان اهي ٽيپس چوري ڪيا ويا. انهن جي بئي ڪاپي اسان وٽ آهي ۽ اسين موقعي جي انتظار ۾ آهيون. جيڪڏهن ميان منان، جيڪو نواز فيملي جي گهر جو ماڻهو آهي، جي اها دعويٰ صحيح آهي ته پوءِ اهو معاملو حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
ڪجهه اخبارن ۾ شهباز شريف ۽ ڪلثوم نواز ۾ گرما گرمي جي حوالي سان به خبرون شايع ٿيون آهن. اٽڪ قلعي ۾ جڏهن ڪلثوم نواز شهباز شريف ۽ پنهنجي پٽ سان ملڻ وئي هئي ته ان مهل ٻنهي ۾ تلخي ٿي پئي هئي. شهباز شريف سخت لهجي ۾ جڏهن ڪلثوم کي چيو ته اوهين ماٺ ڪري ويهو ته ان تي ڪلثوم چيو مان اوهان لاءِ ئي سڀ ڪجهه ڪريان پئي. شهباز چيو ته اوهان پارٽي ٽوڙي رهيا آهيو. سياست ۾ ملوث نه ٿيو وڃي گهر ويهو. ان تي ڪلثوم ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته جيستائين منهنجو مڙس ٻاهر نه ايندو، آئون گهر نه ويهنديس. ٻنهي ۾ تلخي بعد حسين نواز مداخلت ڪئي. ڪلثوم نواز آچر واري رات مسلم ليگ جي اجلاس ۾ جڏهن شجاعت سان گڏ آئي ته ليگي نوجوان نعرا هنيا ته نواز فيملي هيرو هيرو، باقي سڀ زيرو زيرو، ان تي چوڌري شجاعت ڪاوڙجي پيو ۽ اجلاس ۾ ڪجهه منٽ ويهڻ بعد طبيعت خراب هئڻ جو بهانو ڪري هليو ويو. شجاعت، جنهن جو لاڙو به بيگم عابده وارن ڏانهن وڌندو پيو اچي، سڀاڻي جيڪڏهن اهو هنن سان گڏجي پيو ته نواز ليگ مسلم ليگ ۾ تبديل ٿي ويندي. بيگم عابده ڪاوش ڪچهري ۾ اهو تسليم ڪيو ته شجاعت مون سان مليو هو ۽ هن ڪجهه وقت نواز کي هٽائڻ واري مسئلي تي خاموش رهڻ بابت ڳالهايو. بيگم عابده جي گفتگو مان جيڪو اندازو ٿيو ان مان ته لڳي ٿو ته شجاعت بيگم عابده کي مشورو ڏنو آهي ته اوهين گرائونڊ ورڪ مڪمل ڪريو ۽ پوءِ قيادت جي تبديلي جي ڳالهه ڪريو.
جيئن مون منڍ ۾ به لکيو آهي ته قيادت جي تبديلي وارو بحران بظاهر ٽري ويو آهي پر باخبر سياسي مبصرن موجب حقيقت اها آهي ته ان ڪم لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آهي. يعني خاموشي سان گرائونڊ ورڪ ڪري مناسب وقت تي مڪمل قوت سان ميدان ۾ داخل ٿجي. مسلم ليگ ۾ مستقبل قريب ۾ وري قيادت جو ڦڏو اٿندو ۽ اهو فيصلائتو مرحلو هوندو. نه صرف مسلم ليگ نواز شريف کان کسي ويندي پر پ پ به بيبي کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
(11 اپريل 2000ع)