جنگ ۾ ڦاٿل آمريڪا ڪهڙين تجويزن تي پيو سوچي؟
اڄ افغانستان تي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي حملن کي اڻويهون ڏينهن آهي. انهن حملن ۾ 1000 عام ماڻهو ته مارجي ويا آهن، اسپتالون ۽ فوجي اڏا ته تباهه ٿيا آهن پر طالبان خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ طالبان کي ڪو گهڻو نقصان ناهي پهتو. ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا اهي حملا پاڪستان پاران فراهم ڪيل انٽيليجنس ۽ پنهنجي ٽيڪنالاجي وسيلي حاصل ڪيل معلومات جي آڌار تي ڪيا، پر هيستائين آمريڪا ڪو به وڏو ٽارگيٽ پورو ناهي ڪري سگهيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ڪولن پائول جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته هن هتي اهڙي قسم جو احتجاج به نوٽ ڪرايو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي مليل نئين معلومات جي آڌار تي جڏهن آمريڪا حملا ڪيا ته ملا عمر جي زال ۽ ٻار مارجي ويا هئا. ڪارروائيءَ سبب آمريڪا جي هيانءَ تي ٿورو ڇنڊو پيو هو، پر اڄڪلهه آمريڪا سخت پريشان آهي. دنيا جي ايڏي وڏي سپرپاور ۽ فول پروف انتظامن وارن ملڪن ۾ جڏهن 11 سيپٽمبر تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر برباد ٿيو هو ته آمريڪا جي پوري دنيا ۾ ساک متاثر ٿي هئي. جڏهن آمريڪا ۽ برطانيا 7 آڪٽوبر تي افغانستان خلاف حملا شروع ڪيا ته ان وقت آمريڪا سميت پوري دنيا اهو پئي چوي ته هاڻي چند ڏينهن ۾ طالبان جو صفايو ٿي ويندو پر اڄ اڻويهون ڏينهن آهي ۽ ڪو به مک طالبان ڪمانڊر نه آمريڪي فوجين کي هٿ آيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن طالبان ڪمانڊر جي مرڻ جو ڪو اطلاع آهي. ان سان گڏ نه ملا عمر ۽ نه ئي اُسامه کي ڪو نقصان پهتو آهي.
اهڙي صورتحال دنيا کي حيران ۽ آمريڪا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. 60ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ غالباً 1967ع دوران عرب- اسرائيل جنگ جو فيصلو 6 ڏينهن ۾ ٿي ويو هو. اسرائيل مصر جي فوجي سگهه تباهه ڪري ڇڏي هئي. اردن، مصر ۽ شام جي مختلف علائقن تي اسرائيل قبضو به ڪيو هو ۽ 3 ملڪ 6 ڏينهن ۾ هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ 1965ع ۽ 1971ع واريون جنگيون به 13 ڏينهن اندر ختم ٿي ويون هيون. جيتوڻيڪ انهن جنگين ۾ روايتي فوج ۽ روايتي هٿيار استعمال ڪيا ويا پر پوءِ به 71ع ۾ پاڪستان 13 ڏينهن هٿيار ڦٽا ڪري جان ڇڏائي هئي. دنيا ۾ جنگين بابت اهڙي قسم جي تاريخ جڏهن ڏسون ٿا ته آمريڪا ۽ برطانيا جي افغانستان سان جنگ به جلد ختم ٿيڻ گهرجي ها، پر طالبان اڻويهه ڏينهن بعد به هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا. اهڙي صورتحال بابت طالبان حامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته طالبان سان خدا جي مدد گڏ آهي. جنگي ماهر چون ٿا ته آمريڪا کي جيڪي ٽارگيٽ بابت معلومات آهي، سا غلط آهي. بهرحال ڪجهه به هجي، پر اهو مڃڻ مراد آهي ته طالبان اڃا هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا، اڄڪلهه دنيا ۾ اهو بحث پيو هلي ته اسلامي شدت پسند ترقي يافته دنيا لاءِ خطرو آهن، اڄوڪي دنيا ۾ روايتي جنگ جو تصور تبديل ٿيندو پيو وڃي. آمريڪا کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ وٽ هاءِ ٽيڪ ۽ جنگي اوزار ۽ ايٽم بم ناهن، پر ان ملڪ جو سڪون خودڪش حملن لاءِ تيار اسامه بن لادن جي چند هزار ماڻهن ڦٽائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪو خودڪش جوان بم ٻڌي آمريڪي ايٽمي پلانٽ اڏائي ته آمريڪا تباهه ٿي سگهي ٿو يا دنيا جو ڪو به ملڪ تباهه ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به تنظيم جا 150 کان 200 تائين مجاهد خودڪش حملا ڪن ته ڪنهن به ملڪ جي تباهي ممڪن آهي. اهڙي خوف مغربي دنيا ۾ عدم تحفظ جي نئين خيال کي جنم ڏنو آهي ۽ هاڻي مغربي دنيا اهو طئي ڪري چڪي آهي ته هو اسلامي شدت پسندن جو خاتمو ڪندا، اڃان ته آمريڪا طالبان مان ئي جان ناهي ڇڏائي پر چئي پيو ته ان بعد آمريڪا ۽ سندس اتحادي دنيا جي ٻين ملڪن جتي به مجاهد، فدائي ۽ خودڪش سوچ وارا ماڻهو آهن. انهن کي نشانو بڻائيندو. مذهبي ڌرين جي دعويٰ آهي ته طالبان کان پوءِ ايندڙ نشانو پاڪستان بڻبو. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ پرويز مشرف ان امڪان کي رد به ڪري چڪا آهن، پر مذهبي اڳواڻن کي يقين آهي ته پاڪستان به آمريڪا جي هٽ لسٽ تي آهي. خير اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو، پر جيڪڏهن آمريڪا دنيا مان انهن فدائين جي خاتمي لاءِ جنگ جاري رکي ته دنيا ۾ اهو تاثر يقين ۾ بدلجي ويندو ته اها جنگ ”عيسائيت بمقابله اسلام“ آهي. اهڙي صورت ۾ ڀلي مسلمان ملڪن جون حڪومتون آمريڪا جي حمايت ڪنديون رهن، پر اڪثر مشرق وسطيٰ جي انهن ملڪن ۾ بغاوت جو امڪان پيدا ٿيندو ۽ ڀلي سعودي عرب جي شهنشاهيت هجي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوجي حڪومت انهن جو وجود خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. جيڪا ڳالهه دنيا ۾ تمام وڏي تبديلي جا آثار نمودار ڪري رهي آهي. اڄڪلهه افغانستان ۾ وسيع البنياد حڪومت جي قيام جون ڳالهيون هلن ٿيون، پاڪستان ۽ سعودي عرب سميت دنيا جا اڪثر ملڪ ظاهر شاهه جي سربراهي ۾ افغانستان اندر وسيع البنياد حڪومت جي حمايت ڪن ٿا. چين به حمايت ڪري ٿو، جتي سياسي پارٽين تي بندش آهي. سعودي عرب به وسيع البنياد حڪومت جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ افغان عوام جي راءِ سان حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر اهو حق سعودي عرب پنهنجي عوام کي نٿو ڏئي. اتي هڪ خاندان جي حڪومت هلي ٿي. خود پاڪستاني سرڪار به وسيع البنياد حڪومت جي حامي آهي. ڇا انهن ملڪن جي حاڪمن کان ڪير اهو پڇي سگهي ٿو ته اوهين پنهنجن ملڪن ۾ ته One man rule (هڪ شخص جي حڪمراني) چاهيو ٿا، پر افغانستان ۾ عوام جي راءِ سان حڪومت ٺاهڻ چاهيو ٿا. ڇا انهن ملڪن جا سربراهه پنهنجن ملڪن تي عوام جي راءِ واري حڪومت قائم ڪندا؟ اسين ٻين کي سٺيون صلاحون ته ڏيون ٿا، پر پنهنجي معاملي ۾ ڪنهن جي صلاح قبولڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ناهيون.
گادي واري شهر جي باخبر حلقن ۾ سفارتي ذريعن جي حوالي سان اهي خبرون هلن پيون ته 18-19 ڏينهن ۾ آمريڪي ۽ برطانوي فوجن کي افغانستان ۾ ٿيل ناڪامي کان پوءِ آمريڪا سنجيدگيءَ سان سوچي پيو ته هو اسلامي ملڪن جي مسلمان فوج به پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ کان پوءِ افغانستان تي حملا ڪري، زميني آپريشن ذريعي ڪابل خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ۾ سعودي عرب، مصر، ترڪي ۽ پاڪستان سميت اسلامي فوج کي شامل ڪرڻ بابت به بحث هلن پيا. آمريڪي سفارتڪارن جو خيال آهي ته ان سان دنيا ۾ ”غير مسلم بمقابله مسلمان“ وارو تاثر به ختم ٿيندو. هاڻي جڏهن اتر اتحاد به ڪجهه ٻوٽو ناهي ٻاريو ۽ هو اندروني اختلافن جو شڪار ٿي رڳو پنهنجي علائقن جا چڱا مڙس ٿيڻ تائين محدود آهن، هنن وٽ اڄڪلهه ڊالر ۽ هٿيارن جا ته گودام ڀرجي ويا آهن، پر طالبانن سان وڙهڻ جو نتيجو هو به ناهن حاصل ڪري سگهيا. ان صورتحال سبب به آمريڪا پريشان آهي ته آخر ڇا ڪجي؟ روس افغانستان ۾ 10 سال جنگ وڙهي ۽ هن جا 10 سالن ۾ ايترا فوجي نه مئا، جيترا ڏيڍ ٻن سالن ۾ چيچنيا ۾ مئا هئا. ان ڪري روس به پريشان آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ انهن لاءِ ان تجويز کي انتهائي معقول سمجهڻ جو منطق سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسلامي ملڪن جي مسلمان فوج کي طالبان سان وڙهايو وڃي. برطانيا جي گورکا ريجمينٽ به ناڪام ٿي وئي آهي. نيپال ۽ ڀارت جي گورکن تي مشتمل برطانوي فوج جي اها ريجمينٽ پهاڙي علائقن ۾ جنگ جو وسيع تجربو رکي ٿي، پر اڃان اها فوج به مطلب ماڻي ناهي سگهي. گادي واري شهر ۾ افواهه آهن ته آمريڪي سفارتخاني ۾ ايف بي آءِ ۽ سي آءِ اي، وارن جون ڪافي ٽيمون آيون آهن جن هيستائين 3 درجنن کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ 6 کان وڌيڪ پاڪستانين کي گرفتار به ڪيو آهي. خدا بهتر ڄاڻي ٿو، ڇو ته انهن افواهن جي تصديق ڪير به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
(26 آڪٽوبر 2001ع)