آخر ڪير ڳالهائيندو؟
گريٽر ٿل ڪئنال وارو منصوبو منظور ڪيو ويو آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته 5 مهينن کان ان ڪئنال جي کوٽائي جاري آهي. 5 ڪلوميٽر کوٽائي مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ان کان پوءِ منظوري ورتي وئي آهي. 5 مهينا اڳ سنڌ جو گورنر محمد ميان سومرو ۽ ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ سنڌ سڪائڻ واري هن رٿا کي منظور ڪرڻ واري اجلاس ۾ ماٺ رهيا هئا. سياسي حڪومتن ۽ ٽيڪنڪوڪريٽ حڪومتن ۾ ڪهڙو فرق آهي. ان جي خبر ڪالهه سڀني کي پئجي وئي هوندي، جڏهن گريٽر ٿل ڪئنال رٿا منظور ڪئي وئي. اڻ چونڊيل حڪومتن سنڌ کي سدائين نقصان ڏنو آهي، پوء چاهي اهو منصوبو اين ايف سي جو هجي يا گريٽر ٿل ڪئنال بابت هجي. سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو داستان جيڪڏهن مورخ لکيو ته پڪ سان مهذب دنيا جي ڪنهن به پڙهندڙ جا ڳوڙها ڳڙي پوندا. اڻ چونڊيل حڪومتن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پنهنجا عهدا ڦرجي وڃڻ جي ڊپ کان سنڌ جي حقن تي ڳالهائڻ کي ڄڻ ته غير ضروري تصور ڪندا آهن. سنڌ جي سڄاڻ سياستدانن، دانشورن، اديبن ۽ وڪيلن کي به الائي ڇا ٿي ويو آهي، جو هنن جي ڪن تي ڪا جونءَ نه ٿي چري!
گريٽر ٿل ڪئنال جو نالو بدلائي هاڻي فلڊ ٿل ڪئنال رکيو ويو آهي، جنهن جي اڃا فزيبلٽي به تيار ناهي ڪئي وئي ۽ بنا فزيبلٽي جي اها رٿا شروع ڪئي وئي آهي. 30 ارب 46 ڪروڙ 70 لک رپين جي خرچ واري هيءَ رٿا 7 سالن ۾ مڪمل ٿيڻي آهي ۽ وقت شاهد آهي ته موٽر وي جيان فلڊ ٿل ڪئنال به ڏيڍوڻ تي وڌيڪ رقم کائيندو ۽ 45 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هن تي خرچ ايندو. نواز شريف جي خوابي خواهشگاهه جي پورائي لاءِ موٽر وي 30 ارب جي ڪٿ سان شروع ٿيو. 80 ارب تي پهتو جهڙيءَ طرح موٽر وي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت ٽنهي صوبن جي هاءِ ويز جي بجيٽ موٽر وي ۾ منتقل ڪئي وئي هئي. اهڙيءَ طرح پنجاب جو هيءُ ٿل واهه پاڻي جي سمورين رٿائن جي رقم ڳڙڪائيندو. فلڊ ٿل ڪئنال سڪيءَ تي پيل اهو واڳون آهي، جيڪو سڀني صوبن جا وسيلا هضم ڪندو.
سنڌ ۾ ڪيٽي بندر ٺاهڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي. 13 ارب ڪٿ هئي، پر وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا، جيڪي بظاهر ملڪي مفادن جا دعويدار آهن، تن 94لک ڊالر نقصان گهران ڀري ”قومي مفاد“ ۾ سنڌ جي اها رٿا رد ڪرائي. سموريون قانوني تقاضائون پوريون ڪرڻ بعد شروع ڪيل سنڌ جي اها رٿا ته رد ڪئي وئي پر قانونن، قاعدن ۽ طريقيڪار جي انتهائي سنگين خلاف ورزي ڪندي ٿل فلڊ ڪئنال جي رٿا منظور ڪئي وئي آهي. ٿل ڪئنال بابت سڀ کان اڳ بنيادي سوال اهو آهي ته پاڻي آهي ڪٿي جو هيءُ واهه کوٽيو پيو وڃي! چشما جهلم لنڪ ڪئنال جڏهن ٺاهيو ويو ته ان وقت چيو ويو هو ته ”هيءُ موسمي واهه آهي.، سدائين نه وهايو ويندو ۽ جڏهن به سنڌ چوندي پنجاب ان کي بند ڪندو.“ پر پنهنجي حياتي ۾ اهو ڪئنال شايد ئي ڪڏهن بند ٿيو هوندو. وقت گذرڻ سان جڏهن سي جي لنڪ کي قانوني قرار ڏياريو ويو ته هاڻي ان پيدائشي غير قانوني واهه مان وري ٻيو غيرقانوني واهه ٿل فلڊ ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي. ٿل فلڊ ڪئنال جي مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ کي پيئڻ جو پاڻي به جيڪڏهن مليو ته به شڪراني جا نفل پڙهيا ويندا.
چيو وڃي ٿو ته پنجاب سرڪار جي هڪ وڏي لابي جنهن جا مختلف مفاد ان رٿا سان واڳيل هئا، اها هن رٿا جي پويان هئي. 30 ارب جي هيءَ رٿا سڀاڻي 45 ارب ۾ پوندي ۽ 45 ارب مان عالمي بئنڪ جي انگن اکرن موجب جيڪڏهن 35 سيڪڙو واري ڪرپشن جي شرح سان حساب لڳائجي ته به ان مافيا کي نقصان نه ٿيندو. سنڌ سڪائڻ جو هيءُ منصوبو وفاق خلاف به سازش لڳي ٿو. ايڏي خطرناڪ رٿا هوندي به نه سنڌ جو ڪو پير ٿو ڳالهائي نه مير، نه وڏيرو اک ٿو پٽي نه سياستدان، نه ئي ڪامورو ڪجهه ڪري ٿو.
سرائڪي قومپرست اڳواڻن سان ڪچهري ٿي. کانئن پڇيم ته ”ڇا هيءُ واهه اوهان جي فائدي جي رٿا آهي؟“ ڇو ته بکر، ليه ۽ جهنگ وارا ضلعا سرائڪي ماڻهن جا آهن ته هنن چيو ته ”اصل ۾ انهن علائقن ۾ رٽائرڊ فوجين کي زمينون الاٽ ٿيل آهن، ۽ انهن جي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ هيءُ واهه کوٽيو پيو وڃي، سرائڪي عوام کي ڪو فائدو نه ٿيندو.“ جيئن ايوب جي زماني کان سنڌ ۾ فوجين کي زمينون ڏئي بيراج قائم ڪيو ويو. اهو ساڳيو تماشو هاڻي سرائڪي عوام سان ڪيو ٿو وڃي. انهن سرائڪين جو ته خيال هو ته جيڪڏهن سنڌ تحريڪ هلائي ته سرائڪي به ساڻن گڏ هوندا. گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي انهن ضلعن ۾ 15 لک 34 هزار 500 ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪروڙين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي پئي وڃي. جيڪڏهن اها رسم هلي آهي ته پنهنجو محل ٺاهيو، ٻئي جي ڀلي جهوپڙي جُهري ته خدا خير ڪري.
سنڌ جي قدرتي وسيلن کان وٺي سرڪاري عهدن تائين يا ته غير سنڌي ويٺا آهن يا سنڌين جي لباس وارا بي وس بت ويٺا آهن. سنڌ جي حقن بابت ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ ڪرسي کسجڻ وارو ڊپ ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کي قرباني ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن سابق گورنر عظيم دائود پوٽي جهڙا 3-4 ماڻهو هجن ۽ اهي همت ڪن ته ڪافي حد تائين سنڌ جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. اسان جا سنڌ واسي سنڌ جي وسيلن ته ٺهيو، پر تترن، تلورن ۽ سيهڙن جا شڪار به غير سنڌين کي ٿا ڪرائين ۽ ٻوريون ڀري کين لاهور ۽ راولپنڊي ڏياري ٿا موڪلين. سنڌ جو پاڻي، زمين، قدرتي وسيلا ته ٺهيو هاڻي پکي پکڻ به سنڌ جا ناهن رهيا. سنڌ ۾ گئس، تيل ۽ معدني وسيلن جا جيترا به پراجيڪٽ آهن، انهن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ملازم غير سنڌي آهن. گهوٽڪي جي آئل فيلڊ هجي يا اتي موجود ٻيا ادارا انهن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ آهي. آفيسرن کان وٺي چوڪيدار، نائب قاصد ۽ ڀنگي به راولپنڊي ۽ فيصل آباد ۽ پنجاب جا آهن. انهن ادارن جي اسڪولن ۽ مسجدن ۾ استاد ۽ پيش امام به پنجاب مان آندل ماڻهو آهن. جن علائقن ۾ اهي فيلڊز آهن، تن جي وڏيرن کي مانيون ۽ منرل واٽر جون بوتلون ڏئي انهن ڪمپنين وارا راضي ڪيو ويٺا آهن. ناراض ٿئي ته 3 ڪروڙ سنڌ جي عوام جي چونڊيل نمائندگي ختم ڪري آرٽلري ميدان ٿاڻي جو هڪ ايس ايڇ او سنڌ اسيمبليءَ کي تالو هڻي چونڊيل نمائندن کي روڊ تي بيهاري ٿو ڇڏي، پر ڪير به ڪجهه محسوس نٿو ڪري، جيڪڏهن ميڊيا ضمير جنجهوڙي ٿي ته چون ٿا ته ميڊيا سياست ۾ مداخلت نه ڪري.
افسوس اهو آهي ته سنڌ جي پاڻي جي مالڪيءَ لاءِ رڙيون اهي ٿا ڪن، جن وٽ ويسو به زمين جو ناهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن پير پاڳاري سنڌ جي زميندارن جو اجلاس گهرايو هو ته ان جو نوٽيس اقتداري ايوانن ۾ اسان جي سالن جي رڙين کان وڌيڪ ورتو ويو هو.
(2 مارچ 2002ع)