ڪورٽ سڳوري جي فيصلي جا ويجها ٿيندڙ ڏينهن
فوجي حڪومت جي قيام ۽ 12 آڪٽوبر واري قدم خلاف ڪيسن جي سماعت آهستي آهستي منطقي پڄاڻي ڏانهن وڌي رهي آهي. ڪالهه اٽارني جنرل عزيز اي منشي دليل ڏنا ۽ اڄ جمعي تي به دليل ڏيندو، جنهن بعد ڪيس جي سماعت ايندڙ سومر تائين ملتوي ٿيندي ۽ وري ٻن ڏينهن جي ساهيءَ بعد ڪم شروع ٿيندو. ڪالهه وقت ختم ٿيڻ کان 10 منٽ اڳ يعني 12:50 تي جڏهن عزيز منشي اوچتو اهو چئي دليل ڏيڻ بند ڪيا ته باقي هو جمعي تي ڳالهائيندو ته جج حيران ٿي ويا ۽ چيف جسٽس چيو ته:
Please talk, whatever you want, tel us about present general situation till our chair pullers reach and take over to us.
(مهرباني ڪري تيسين ته ڳالهايو، جيڪو وڻيو سو چئو، اسان کي موجوده صورتحال بابت ئي ٻڌايو، جيسين اسان جا ڪرسيون ڇڪڻ وارا اچن ۽ اسان کي اٿارين) ان تي ٽهڪڙو پئجي ويو. سپريم ڪورٽ ۾ سڄو قصو ۽ ڪيس ئي Take over بابت پيو هلي. تڏهن ئي شايد چيف جسٽس جنهن لاءِ مشهور آهي ته هو Speaking Judge آهي. ان کان رهيو نه ٿيو ۽ مٿيون دلچسپ ۽ شايد طنزيه جملو چئي ڏنائين. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ اڪثر اوهان ڏٺا هوندا ته سفيد طرن (شمله) وارا دربان ججن جي آمد جو اعلان به ڪندا آهن ته وري ججن کي ڪرسين تي ويهارڻ لاءِ اهي ڇڪي کين ويهاري ٻاهر وڃي فرش تي ويهي اوٻاسيون ڏيندا آهن ۽ اٿڻ مهل به اهي اچي ڪرسيون ڇڪيندا آهن ته جج اٿندا آهن. ڪرسيون ڇڪڻ جو ڪم هونئن ته احترام ۽ آداب سبب به آهي پر ٻيو سبب اهو هوندو ته اعليٰ عدالتن جا معزز جج عمر جي لحاظ کان بزرگ هئڻ ڪري کين ايڏيون وڏيون ڳريون ۽ ڊگهيون ڪرسيون سورڻ ۾ شايد ڏکيائي به ٿيندي آهي.
سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور Constitution Avenue تي واقع آهي. آئين ته اڄڪلهه ناقابل عمل آهي ۽ ان معاملي بابت ئي عدالت ۾ ڪيس هلي پيو. هي اهو آئين آهي جنهن کي ضياءَ الحق ڪاغذ جو ٽڪرو قرار ڏئي ڦاڙڻ جي ڌمڪي ڏيندي ڪتاب کي رديءَ جي ٽوڪري جي پاسي ۾ اڇلائي اهو پيغام ڏنو هو ته Might is Right (طاقت ئي سڀ ڪجهه آهي) ان آئين جي نالي سان ڳنڍيل هن شاهراهه تي اڏيل اوچي عمارت هڪ ته ٺهيل ئي اوچي پهاڙي تي آهي ٻيو ته ان جي ڇت تمام گهڻي اوچي آهي. عدالتي ڪمرو نمبر 1 جي ڇت 80 فٽ کن اوچي آهي جيڪا عدالت جي عظمت جي علامت به آهي. ان اوچي ڇت واري عدالت جي مختلف روشندانن ۾ جنگلي ڪبوترن جا آکيرا به آهن. ڪيس جي سماعت دوران جڏهن ڪبوتر اڏامي رهيا هئا ته اي سي جي ٿڌي هوا تي آکيرن مان ڪبوترن جا ننڍڙا ڇڻيل پر اڏامي ڪڏهن ججن واري پاسي پئي ڪريا ته ڪڏهن وڪيلن مٿان ته ڪڏهن صحافين مٿان. ان اونچي عمارت جي سنگ مرمر وارين ڀتين تي رٽائرڊ چيف جسٽسز جون تصويرون ٽنگيل آهن. سجاد علي شاهه جي تصوير لڳائڻ جي مخالفت ڪندڙ سعيد الزمان صديقي جي به اڃا تصوير نه لڳائي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ ڪالهوڪي دليلن دوران 3 اهم نقطا اهڙا آهن جن جو ذڪر ڪرڻ لازم آهي. هڪ ته شريف الدين پيرزادو ۽ عزيز منشي ٻئي جيڪي سرڪاري وڪيل آهن، ٻئي سينيئر به آهن ته ماهر قانوندان به آهن، ٻئي بزرگ به آهن ته بقول چيف جسٽس ارشاد حسن خان جي ته ٻنهي جون نظرون به ڪمزور آهن. پيرزادي ۽ منشي ۾ هڪ نقطي تي اختلاف راءِ آهي. پيرزادو چوي ٿو ته عدالت کي عدالتي نظرثاني Judicial Review جو اختيار آهي ۽ منشي چوي ٿو ناهي. پيرزادي جو خيال آهي ته آئين کان مٿانهين يا ماورا صورتحال ۾ به عدليا جو ”جائزي“ وارو حق موجود آهي پر منشي چوي ٿو ته غير معمولي ۽ موجوده صورتحال جهڙي حالت دوران عدليا جو رياستي مفاد خاطر جائزي وارو حق نٿو رهي. جيتوڻيڪ منشي جو موقف ٻڌڻ بعد ڪالهه چيف جسٽس ورجائي ورجائي آبزرويشن پئي ڏنو ته چيف ايگزيڪيوٽو جي ڪنهن به عمل يا حڪم جو جائزو وٺڻ بابت عدالت کي اختيار ۽ حق حاصل آهي. ڏسجي ته منشي ان کي ڪيئن ٿو Define ڪري. اهو به دلچسپ اڪيڊمڪ قانوني بحث هوندو جيئن ججز ڪيس ۾ لفظ مشوري (Consultation) بابت 15 ڏينهن بحث هليو هو. بهرحال هن ڪيس ۾ ايتري بحث جو امڪان ناهي ڇو ته عدليا جو موقف واضح آهي ته عدالت کي نظرثاني جو حق آهي.
ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته هن ڪيس جا درخواست گذار يعني انهن جو وڪيل خالد انور جيڪو Devine Right of kings (حاڪم/ بادشاهن کي خدائي حق حاصل آهي) وارو نظريو پنهنجي دفاع ۾ پيش ڪيو هو ۽ حڪومتي ڌر جيڪا وفاقي ڌر آهي پر هن ڪيس ۾ دفاعي ڌر جي وڪيلن ”نظريه ضرورت“ مان ”رياستي ضرورت جو نظريو“ پيدا ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس بابت جيڪڏهن اهو چئجي ته Doctrine of Necessity Vs Devine Rights of King آهي ته غلط نه ٿيندو. خالد انور جو چوڻ هو ته بادشاهه جيڪو ڪجهه ڪيو اهو صحيح هو ڇو ته هو بادشاهه هو، هن کي قانوني طور اهو حق هو پر ان بادشاهه جي ماتحت بادشاهه ايئن ڇو ڪيو، جيئن بادشاهه ڪيو جنهن جو کيس قانوني حق نه هو.
منشي ۽ پيرزادي جو خيال آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ۽ رياستي ضرورت عظيم تر آهي ان تي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن. جهڙي طرح جنگ يا محبت ۾ هر شيءِ جائز هوندي آهي اهڙي طرح جڏهن صورتحال ايڏي سنگين ٿي وڃي جو ملڪ جي محافظن کي ورهائڻ ۽ وڙهائڻ جو سوال پيدا ٿئي ته ان وقت رياستن جي تحفظ خاطر ضرورت مطابق ڪجهه به قدم کڻي سگهجي ٿو جيڪو ان ضرورت واري اصول مطابق خود بخود قانوني بڻجي وڃي ٿو. جڏهن خالد انور جا دليل ٻڌون ٿا ته لڳي ٿو هو صحيح آهي ۽ جڏهن منشي ۽ پيرزادي جو فلسفو ۽ منطق ٻڌون ٿا ته هو به غلط نٿا لڳن. شاباش آهي انهن ججن کي جيڪي فيصلو ڏيندا آهن.
ٽيون دلچسپ نقطو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي سماعت دوران آئين ۾ چيڪ ۽ بيلنس جي کوٽ جو ذڪر زور شور سان ڪيو پيو وڃي. ”دفاعي ڌر“ جو موقف آهي ته 58(2) بي يعني صدر جي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو ۽ فوجي سربراهه مقرر ڪرڻ توڙي برطرف ڪرڻ جو اختيار جيڪو صدر کي حاصل هو، اهو بهتر هو . 13هين ترميم ذريعي اهو اختيار ختم ڪري آئيني اختيارن جو توازن بگاڙيو ويو جنهن سبب اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي. منشي ۽ پيرزادو اٺين ترميم کي آئيڊيل قرار ڏئي رهيا آهن ۽ اها ترميم آئين ۾ اختيارن جي توازن لاءِ شامل ڪرڻ جا حامي آهن. اڄ ٻئي چون ٿا ته نواز حڪومت ۾ 13 منٽن ۾ 13هين ترميم ختم ڪئي وئي جيڪا زيادتي هئي پر 2 سال اڳ ساڳئي عدالت ۾ فلورڪراسنگ کي روڪڻ بابت منظور ڪيل 14هين آئيني ترميم خلاف جڏهن نوابزادي نصرالله پٽيشن داخل ڪئي هئي ته ان وقت شريف الدين پيرزادو نواز حڪومت جي وڪالت ڪندي پيش ٿيو هو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي ليڪچر ڏيندي اتفاق راءِ سان منظور ڪيل ترميم برقرار رکڻ ۽ ان کي ختم نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ساڳيو پيرزادو هو جنهن چيو هو ته آئين ۾ ترميم جو حق پارليامينٽ کي آهي، عدليا کي آئيني ترميم ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي. جنهن نواز حڪومت ۽ پارليامينٽ 13هين ترميم پاس ڪئي ان ئي 14هين ترميم پاس ڪئي هئي. ان پارليامينٽ جي ان وقت تعريف ڪندي هو ۽ اڄ ان پارليامينٽ کي ڪرپٽ پارليامينٽيرين جو ڳڙهه سڏيندي اها ڪڏهن بحال نه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. سجاد علي شاهه کي جڏهن نواز شريف هٽايو ته شريف الدين پيرزادي ان جي حمايت ڪئي پر جڏهن اختيار استعمال ڪندي نواز شريف فوجي سربراهه تبديل ڪيو ته ان جي مخالفت پيو ڪري. سجاد شاهه جو ڪيس وڙهڻ لاءِ حفيظ پيرزادي جو جهاز به روڪيو ويو هو ۽ اسلام آباد ۾ لهڻ نه ڏنو ويو هو ۽ عدالت حفيظ جا آخري دليل ٻڌڻ کانسواءِ سجاد شاهه کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان کي شريف الدين درست قرار ڏنو هو ۽ حفيظ جو جهاز روڪڻ تي نواز شريف جي ساراهه به ڪئي هئي پر اڄ ٻن سالن بعد جڏهن مشرف جو جهاز نواز شريف روڪيو ته ان کي پيرزادو غلط ٿو سڏي.
سجاد علي شاهه سان گڏ 2 جج اهڙا هئا جن 13هين ترميم کي رد ڪرڻ وارو فيصلو ڪيو هو اهي معزز جج جناب جسٽس بشير جهانگيري ۽ جسٽس منير اي شيخ آهن جيڪي موجوده بينچ ۾ به شامل آهن. جڏهن ته ان وقت سعيد الزمان صديقي واري بينچ جنهن زباني حڪم ذريعي 13هين ترميم کي درست ۽ آئيڊيل قرار ڏيندي 58(2) بي کي غلط سڏيندي سجاد شاهه واري اٺين ترميم بحال ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ان بينچ ۾ موجود چيف جسٽس جناب جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس شيخ اعجاز نثار ۽ جسٽس شيخ رياض به شامل هئا جيڪي به موجوده بينچ ۾ شامل آهن. انهن ججن آڏو اڄ جڏهن منشي ۽ پيرزادو 58(2) بي کي آئيڊيل قرار ڏين پيا تن لاءِ يقينن ان سوال جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. چوندا آهن ته وقت جهڙو ڪو منصف ناهي هوندو. تاريخ جو ڪٽهڙو ضمير واري ماڻهو لاءِ جيل جي ڪال ڪوٺڙي کان به بدتر ۽ عذاب وارو هوندو آهي. اچو ته ڏسون ته موجوده چيف جي سربراهي ۾ جوڙيل 12 رڪني بينچ ڪهڙو فيصلو ٿي ڏئي.
(5 مئي 2000ع)