ليگ جو اندروني انتشار ۽ سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه وارو سلسلو
مسلم ليگ (ن) اندروني انتشار جو جيترو اڄڪلهه شڪار آهي اهڙو ڪڏهن به نه رهي آهي. جهڙي طرح سنڌي ماڻهو هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪي هڪٻئي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هوندا آهن. بجاءِ ان جي ته هو نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌن بلڪل اهڙي طرح مسلم ليگي اڳواڻ به ساڳئي طرز تي عمل پيرا آهن. عام تاثر اهو آهي ته مسلم ليگ کي ڪلثوم نواز هائيجيڪ ڪري چڪي آهي. اڄ به مسلم ليگ ۾ نواز شريف جي جيل مان موڪليل هدايتن ۽ ڪلثوم نواز جي فرمانن تي وڌيڪ عمل ٿئي ٿو. راجا ظفرالحق، مجيد ملڪ، شجاعت ۽ ٻين جي ڪو به ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي. مسلم ليگ جو ڪارڪن لڏو اڄ به ڪلثوم نواز سان گڏ آهي. سرحد ۽ بلوچستان جا 75 سيڪڙو ڪارڪن ۽ مک اڳواڻ به نواز/ڪلثوم سان گڏ آهن. جيتوڻيڪ ڪلثوم نواز پاران ”تحفظ پاڪستان ڪاروان“ (8 جولاءِ کان 10 جولاءِ تائين لاهور کان ٿيندو جي ٽي روڊ ذريعي پشاور پهچندو) ۾ راجا ظفرالحق اينڊ ڪمپني ۽ ميان اظهر اينڊ ڪمپني وارن شرڪت کان اڻ سڌي طرح انڪار ڪيو آهي پر پوءِ به ان ريليءَ جي ناڪاميءَ جا امڪان گهٽ ٿا لڳن. اڄڪلهه جي غير سياسي موسم ۾ جيڪڏهن ڪلثوم نواز 2 کان 5 هزار ماڻهو به لاهور کان پشاور تائين واري ريلي ۾ آڻي وئي ته هيڻي ٿيندڙ مسلم ليگ ۾ ساهه پئجي ويندو. ان صورت ۾ مجموعي ملڪ جي سرگرمين کان سنڍ ٿي ويل سياسي قوتن کي نئون پيغام ملندو ۽ ڀؤ به ڀڄندو. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي بندش آهي ۽ ان جي باوجود به ڪلثوم نواز ريلي جي قيادت ڪري پئي، اهو هڪ حوالي سان حڪومت واري بندش سبب پيدا ٿيل خوف جو ٽيسٽ ڪيس به هوندو. جيڪڏهن حڪومت طاقت جي زور تي ان ريلي کي روڪيو ته مسلم ليگ کي ملندڙ مقامي توڙي عالمي سطح واري ڪوريج ان لاءِ انتهائي فائديمند ٿيندي، جيڪڏهن حڪومت کين نه روڪيو ته مسلم ليگ تي مجموعي طور مثبت اثر پوندا. راجا ظفرالحق سميت سمورا ليڊر شامل نه هئڻ جي باوجود به جيڪڏهن ڪلثوم ڪاميابي سان ريلي ڪڍي وئي ته هن کي مسلم ليگ جي قيادت سنڀالڻ ۾ آساني ٿيندي. جنهن جا امڪان تمام گهڻو روشن آهن. مسلم ليگ جي قيادت هونئن ئي اڄڪلهه ڪلثوم نواز ڪري پئي پر سندس اها ريلي مسلم ليگ جي مستقبل جو واضح فيصلو ڪندي.
هن وقت راجا ظفرالحق، شيخ رشيد، اعجازالحق، شجاعت، مجيد ملڪ ۽ سرتاج عزيز وارا جن بابت خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو اسٽيبلشمينٽ جا هم خيال ماڻهو آهن. انهن جو زور آهي ته مسلم ليگ ۾ چونڊون ڪرائي ظفرالحق کي قيادت ڏئي نواز شريف کي آئوٽ ڪيو وڃي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته هي ليڊر پاڻ ۾ جيڪي معاملا طئي ڪن ٿا ان کان هٽي ڪري ڪلثوم نواز ۽ نواز شريف سان به رابطن ۾ رهن ٿا. هنن سڀني طئي ڪيو هو ته ڪلثوم نواز جي ريلي ۾ شامل نه ٿيندا پر چوڌري شجاعت جنهن نواز شريف خلاف اڻ سڌا، تکا ۽ چڀندڙ بيان پئي ڏنا ان ڪلثوم نواز سان رابطو ڪري سندس ريلي کي 8 جولاءِ تي گجرات ۾ مانجهاندي جي ماني ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪئي. اها خبر جڏهن شيخ رشيد، راجا ظفرالحق ۽ ٻين کي پئي ته هنن شيخ رشيد کي موڪليو جنهن فري اسٽائيل ۾ شجاعت سان ڏند چڪ ڏنا ۽ کيس چيو ته ٻٽو رويو نه هلو واضح ڪيو ته توهان ڪنهن سان گڏ آهيو؟ شجاعت هن کي چيو ته مان اوهان سان گڏ آهيان پر ڪلثوم ريلي کي ماني کارائڻ جو واعدو ڪيو اٿم، اهو نه ٽوڙيندس. ان تي هو پاڻ ۾ اٽڪي پيا. چيو وڃي ٿو ته فخر امام ۽ ميان اظهر گروپ کي به شجاعت ۽ ظفرالحق وارن پريشر وجهڻ لاءِ پاڻ چيو آهي، جيئن ميان اظهر وارن جي پارٽي ٽوڙڻ جي ڌمڪين جي بنياد تي نواز شريف کان راجا ظفرالحق وارا پارٽي چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو آساني سان مڃرائي سگهن. راجا ظفرالحق ان معاملي تي نواز سان ڳالهايو به هو جنهن بعد نواز شريف کي اها خاطري به ڪرائي وئي ته هو هن کي ئي پارٽي صدر چونڊرائڻ جي ڪوشش ڪندا. راجا ظفرالحق جي اهڙين خاطرين بعد نواز شريف پارٽي چونڊن لاءِ راضپو ته ظاهر ڪيو پر ڪجهه ڏينهن بعد 6 وڌيڪ نائب صدر ڪنهن سان به صلاح ڪرڻ کانسواءِ مقرر ڪري ڇڏيا. اصل ۾ مرڪزي مجلس عامله جنهن کي مرڪزي صدر ۽ ٻيا عهديدار چونڊڻ جو اختيار آهي ان ۾ نواز شريف پنهنجي حامين جو تعداد وڌائڻ لاءِ 6 نائب صدر مقرر ڪيا. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته اقتدار ۾ اعجاز شفيع کي ايم ڪيو ايم خلاف ڳالهائڻ تي غدار ۽ ليگي حڪومت جو دشمن سمجهيو ويندو هو. سيف الرحمان هن خلاف ٽيڪس چوري جي ڪيس جي جاچ به شروع ڪئي هئي. جڏهن ته بلوچستان وارو سردار يعقوب ناصر جيڪو ريلوي جو وزير هو ان کي هن ڪرپشن جي ڏوهه ۾ وزارت تان هٽايو هو، اهي ٻئي تازو مقرر ٿيندڙ 6 نائب صدرن ۾ شامل آهن. اڄ ڪلهه آزاد مبصرن ۾ اها راءِ عام آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش آهي ته نواز شريف کي چونڊ عمل ذريعي آئوٽ ڪجي پر نواز شريف هاڻي جنرل مشرف سان بنا اجازت راجا ظفرالحق ۽ ميان اظهر جي ملاقاتن کان پوءِ پارٽي ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪرڻ، بعد به پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو آهي.
ان کان علاوه گادي واري شهر ۾ سياسي تبصري نگار اهو به خيال ظاهر ڪري رهيا آهن ته موجوده حڪومتي مشينري سياسي پارٽين ۽ اتحادن کي ٽوڙڻ ۾ مصروف آهي. اجمل خٽڪ جي اي اين پي کان عليحدگي سبب پارٽي في الحال ته ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي پر ڊگهي عرصي ۾ ان جو اي اين پي تي منفي اثر نه پوندو. ان بعد ميان اظهر جي متحرڪ ٿيڻ ۽ 4 جولاءِ واري اجلاس ۾ پارٽي ٽوڙڻ جي اعلان کان هڪ ڏينهن اڳ جنرل مشرف سان ملاقات کان پوءِ مسلم ليگ کي متحد رکڻ جون ڳالهيون ڪرڻ اهي اشارا ڏين ٿا ته راجا ظفرالحق ۽ ساٿي ميان اظهر اينڊ ڪپني گڏجي مسلم ليگ کي هائيجيڪ ڪندا. آئنده سرڪاري مسلم ليگ راجا ظفرالحق جي سربراهي ۾ هوندي ۽ نواز ليگ کي ٽوڙڻ لاءِ به اسٽيج تيار آهي. باقي رهي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم انهن لاءِ به ڪم هلي پيو. چون ٿا ته امين فهيم کي نگران عبوري سيٽ اپ جيڪو 2002ع تائين هلندو ان ۾ وزيراعظم مقرر ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي پر هن غلام مصطفيٰ جتوئي جو مثال ڏيندي في الحال اقتدار جي ٻيڙي ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو آهي. امين فهيم لاءِ گادي واري شهر جي باخبر حلقن جي دعويٰ آهي ته هن کي مستقبل جو زويراعظم بڻائڻ لاءِ ڪم هلي پيو. بينظير ڀٽو جي نااهلي بعد پ پ وارن جيڪڏهن مخلوط حڪومت ٺاهي ته ان ۾ به وزيراعظم جو اميدوار هو ئي هوندو. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته عبوري سيٽ اپ ۾ راجا ظفرالحق يا مخدوم امين فهيم کي اعليٰ عهدو ڏيڻ تي ته اتفاق آهي پر اهو طئي نه ٿيو آهي ته ڪنهن کي ڏنو وڃي. امين فهيم جو مطالبو ۽ ڪوشش اها آهي ته هو چونڊن بعد Take over ڪرڻ لاءِ تيار آهي في الحال نه. جڏهن ته راجا ظفرالحق ٻنهي صورتن ۾ تيار آهي. هڪ خيال اهو به آهي ته اميدوارن جي ڳولا توڙي اسٽينڊ باءِ انتظام عبوري سياسي سيٽ اپ لاءِ مڪمل آهن پر اقتدار جي مالڪن جي مخصوص ۽ طاقتور گروپ ۾ ٿورڙو اختلاف راءِ ٿي پيو آهي. هڪ گروپ جو خيال آهي ته سياسي سيٽ اپ ضرورت آهي، سويلين ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو وڃي. چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو به شفاف ڪردار ۽ ڪنهن سويلين ماڻهو کي ئي ڏنو وڃي. ڀلي پوءِ پي سي او ۾ تبديلي ڪري چيف ايگزيڪيوٽو کان وڌيڪ اختيار صدر کي ڏئي جنرل مشرف ان عهدي (صدر) تي هليو وڃي. ان راءِ وارن جو تعداد اڪثريت ۾ آهي. اقليتي گروپ وارن طاقت ور ماڻهن جو خيال آهي ته ريفارمز واري ايجنڊا مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪو سيٽ اپ آهي اهو ئي هلڻ گهرجي. موجوده صدر چونڊيل آهي اهو ئي ڪم ڪري. عبوري سيٽ اپ اچڻ بعد ريفارمز ايجنڊا تي ڪم سست ٿي ويندو. ان ”معمولي“ اختلاف راءِ نبيرڻ لاءِ ڪم هلي پيو. ڏسجي ته ڪهڙي معاملي تي اتفاق راءِ ٿئي ٿو.
مستقبل جي حوالي سان فيصلو چٽو ٿيڻ بعد ئي مسلم ليگ جي مستقبل جو به فيصلو ٿيندو. قيادت جي تبديلي واري سوال تي مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽري ۽ معطل سينيٽر سرانجام خان سميت سرحد جي سڀني اڳواڻن ۽ ڪارڪن لڏي پاڻ کي پري رکيو آهي. سرانجام خان ۽ صابر شاهه اهو به چون ٿا ته ”ليگ ۾ قيادت جو بحران پنجاب جي ليڊرن جو پيدا ڪيل آهي. حل به اهي ڪڍن، اسين بعد ۾ ڏسنداسين، في الحال نواز شريف سان گڏ آهيون.“ سرحد ۾ اي اين پي توڙي پ پ سميت سڀني کان وڏي جماعت مسلم ليگ ئي آهي جيڪڏهن سرڪار وارا سرحد ليگ تي ڪم نه ڪري سگهيا ته نواز ليگ جي ٽٽڻ جي باوجود به نواز شريف واري لڏي جو اثر غير موثر نه ٿي سگهندو. هڪ ٻئي تي عدم اعتماد بلڪه بي اعتباري، هڪٻئي خلاف خفيه سازشن ۽ مونجهارن جو شڪار مسلم ليگ بابت سياسي مبصرن جو خيال آهي ته قيادت جي جنگ ايتري ته گهڻ رخي ٿي وئي آهي جو ڪا به اڳڪٿي ڪرڻ مناسب نه ٿي لڳي پر ساڳئي وقت مبصرن جو خيال آهي ته سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه وارو سلسلو رڳو اي اين پي کان شروع ٿي مسلم ليگ تي ختم ڪو نه ٿيندو پر اهو سفر اڳتي هلندو.
(6 جولاءِ 2000ع)