احتساب ۽ واعدي معاف گواهن جو ستون ڪردار
احتساب سيل جي انچارج سينيٽر سيف الرحمان جن ستن ڄڻن جو بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري خلاف واعدي معاف گواهه بڻجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ هڪ شخص جو نالو ڄاڻي واڻي ظاهر نه ڪيو ويو آهي. اهو شخص به آصف زرداري جي تمام ويجهو هو، تنهن شخص جو نالو منصورالحق آهي. هي ساڳيو منصور الحق آهي جيڪو نيوي جو سربراهه هو ۽ جنهن جي برطرفي کان پوءِ کيس هڪ اهم شخصيت پاڻ وٽ گهرائي ويهاريو ۽ ٽيبل تي رکيل فائيل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هن ۾ مون پڙهيو آهي ته ”آگسٽا“ آبدوز جيڪي فرانس کان خريد ڪيون ويون تن ۾ 7 ڪروڙ رپين جي ڪميشن کاڌي وئي آهي. مان به ڪاروباري ماڻهو آهيان ۽ اندازو گهڻو ڪري غلط نه ويندو اٿم.“ جنهن نوادرات جي لنڊن وڃڻ جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهيو آهي ۽ جنهن بابت مشاهد حسين به قومي اسيمبلي ۾ ڳالهايو هو. اهي مبينا طور تي ايئرپورٽ تائين نجي ٽرڪن ۾ لوڊ ٿي نه پهتا هئا بلڪه اهي ٽرڪ به ذريعن چواڻي هڪ اهم اداري جا هئا ۽ انهن نوادرات ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي عجائب گهرن مان نڪتل پراڻي دور جا هٿيار ۽ ٻيون قيمتي شيون هيون. سو ڳالهه سمجهڻ وارا سمجهي ويا هوندا ته منصورالحق کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ مٿس ٻي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، پر ڪراچي کان آيل سامان لنڊن ۾ وصول ڪرڻ جو الزام واجد شمس الحسن تي لڳو ۽ هو اڃان جيل ۾ آهي ڇو ته هو اڃان باضمير هجڻ جون ٻانگون پيو ڏي ۽ ان ڪري ته هو اڃان واعدي معاف گواهه بڻجڻ تي راضي ناهي ٿيو ۽ ايئن ناهي جيئن احمد صادق صرف 36 ڪلاڪ جيل ۾ گذاري سڀ ڪجهه ٻڌائڻ تي راضي ٿي ويو.
سلمان فاروقي، عثمان فاروقي، شاهد حسن خان سميت ڪيترائي ماڻهو آصف ۽ بينظير خلاف گواهه بڻجي چڪا آهن ۽ هاڻي ڪيسن مٿان ڪيس هن جوڙي خلاف احتساب ڪمشنر وٽ ويندا. آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جيڪي به دوست ٺاهيا، صحافين کان وٺي ڪامورن ۽ صنعتڪارن تائين، اهي سڀ جا سڀ ”ڪاڻا“ ثابت ٿيا آهن. ڪي پي ٽي جو سابق چيئرمين اڪبر ايڇ خان، آءِ بي چيف مسعود شريف ۽ ايف آءِ اي جو ڊي جي رحمان ملڪ اڃا رهيل آهن. هو ٻي قسط جا واعدي معاف گواهه ٿي پيا سگهن پر اڃان ايمان پختو ڪيو ويٺا آهن. جيلن ۾ في الحال موسم سازگار هئڻ سبب اها گرمي اڃان ڪو نه ٿي آهي. جون شروع آهي، جولاءِ ۾ هنن جو ايمان خراب ٿي ٿو سگهي. آصف ۽ ذوالفقار مرزا جا دوست آخر ايئن ڇو ٻولڻ لاءِ تيار ٿيا آهن؟ ان جو سبب اهو آهي ته سندن دوستي جو بنياد اصول تي قائم ڪو نه هو. مسعود شريف شروع ۾ صرف پنهنجي پراڻي کاتي وارن (فوج) جي چوڻ تي پرڏيهه ويل آصف کي گهرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪرايو. حڪومتي ذريعن جي چوڻ موجب آصف جو واپس اچڻ جو موڊ ڪو نه هو. مسعود شريف وٽو حڪومت جي بحالي بعد ميمبرن کي ڦاسائڻ واري ڪم لاءِ آصف کي غلط گائيڊ ڪندي چيو ته في الحال حڪومت وڃڻ جو انديشو ناهي ۽ اسين مشڪل ۾ آهيون تون اچ. قسم ڪتاب کڻن بعد نيٺ هو آصف کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ذوالفقار مرزا جيڪو اڄ ڪلهه پنهنجي خوبصورت ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙائي ڪلين شيو ٿيو گهمندو پيو وتي تنهن جي نئين روپ بعد هو نوجوان ٿي پيو آهي ۽ پنهنجي عمر کان 10 سال ننڍو پيو لڳي. اهو به دعا ڪري ان صحافي کي جنهن کيس 4 ۽ 5 نومبر جي وچ واري رات ڏيڍ وڳي اسيمبلي ٽٽڻ جو اطلاع ڏئي ان مهل غائب ٿيڻ جي صلاح ڏني جنهن تي هن عمل ڪندي ٽپڙ ٻڌا هئا نه ته هو به اڄڪلهه جيل جون هوائون کائيندو وتي ها ۽ ٿي سگهي ٿو ته آصف وانگر ڪنڌ ۾ سور سبب کيس پٽو به پائڻو پوي ها. جيڪي صحافي ان رات ذوالفقار سان خاص پارٽي ۾ گڏ هئا اڄ اهي ئي سيف الرحمان جا دست راست بڻجڻ لاءِ چڪر پيا ڪاٽين پر کين اپائنٽمينٽ نٿي ملي.
موجوده حڪومت جيڪا اڃا تائين شفيع سيوهاڻي ۽ اڪبر لاسي کان سواءِ ڪنهن کي به احتساب جي ڄار ۾ ڦاسائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اها احتساب بابت جانبداري جو پيدا ٿيل تاثر به ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ڇو ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير لياقت جتوئي، سينيٽر راجا اورنگزيب سميت ڪيترن ئي ليگي اڳواڻن خلاف ريفرنس تي ڪارروائي نه ٿي آهي. ڪوڙا يا سچا جيڪي ريفرنس احتساب ڪمشنر کي مليا آهن تن تي هيستائين ڪارروائي ڇو نه ٿي آهي؟ جيڪڏهن اهي ريفرنس اڌورا يا غلط آهن ته ان بابت به عوام کي ٻڌايو وڃي پر ان ڏس ۾ احتساب ڪمشنر خاموش آهي. اڳ ۾ هو چوندو هو ته في الحال آرڊيننس آهي، جڏهن مستقل قانون ٺهندو ته پوءِ مان گهٽ نه ڪندس. مستقل قانون پاس ٿيڻ کي به 12 ڏينهن گذري ويا آهن.
ويجهڙ ۾ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بابت جاچ ڪندر ٽربيونل پنهنجي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. ان رپورٽ ۾ ڪافي سوالن جا جواب نه ڏنا ويا آهن ۽ واضح اشارا نه ٿا ملن. قتل جو حڪم جاري ڪرڻ بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو حڪم ڊي آءِ جي يا آءِ جي سطح تي نه پر .اعليٰ اٿارٽيز“ جاري ڪيو. اعليٰ اٿارٽيز جو تعين ڪير ڪندو. بينظير ڀٽو تڪڙ ۾ بيان ڏئي ڇڏيو ته اعليٰ اٿارٽي معنيٰ آءِ ايس آءِ يا ايف آءِ اي. ان بيان تي گادي واري شهر جي اهم حلقن ۾ بحث هلي رهيو آهي. 9 جون تي هڪ سابق جنرل سان ڪچهري ٿي. هن جو چوڻ هو ته اسان وٽ پارلياماني حڪمراني وارو راڄ آهي. ان ۾ اعليٰ اٿارٽي وزيراعظم جي هوندي آهي ۽ ڪنهن صوبي جي اعليٰ اٿارٽي وڏو وزير هوندو آهي. مرتضيٰ جي قتل وقت بينظير وزيراعظم هئي. عبدالله شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. ڪراچي ۾ آءِ جي کان وٺي ايس ايڇ او تائين سڀ ماڻهو هنن جي مرضي جا هئا. انهن کان وڏي هائر اٿارٽي ڪنهن جي هئي. راولپنڊي جي چڪلالا اسڪيم ۾ واقع جنرلز ڪالوني واري سندس گهر ۾ ٿيل ملاقات دوران هن رٽائرڊ جنرل هڪ دلچسپ ڳالهه چئي. هن چيو ته جڏهن بينظير وزيراعظم هئي ۽ 20 مارچ 96ع تي عدليا جو فيصلو آيو ته ججن جي ڀرتي ۾ چيف جسٽس جي مشوري کي لازمي قرار ڏنو ويو ته بينظير ڀٽو احتجاج ڪندي چيو ته پارلياماني جمهوريت ۾ چيف ايگزيڪيوٽو يا هائر اٿارٽي وزيراعظم هوندو آهي ۽ جج ڀرتي ڪرڻ ان جو صوابديدي اختيار آهي. هن چيو ته جڏهن جج ڀرتي ڪرڻ يا ڪو فيصلو ڪرڻ سميت اختيارين جو معاملو پيدا ٿيندو هو ته بينظير چوندي هئي ته هائر اٿارٽي وزيراعظم آهي پر هاڻي جڏهن مرتضيٰ جي قتل جو معاملو آهي ته بينظير چوي ٿي ته هائر اٿارٽي آءِ ايس آءِ يا ايف آءِ اي آهي؟ گادي واري شهر جا سفارتي حلقا اڄڪلهه ”هائر اٿارٽيز“ جي تعين بابت مختلف سياستدان ۽ صحافين جي مان ۾ دعوتون ڏئي وضاحت پڇن پيا.
سڀ کان اهم ڳالهه ان رپورٽ جي حوالي سان اها به ڪئي پئي وڃي ته مرتضيٰ تي گوليون هلائيندڙ سپاهين کان وٺي ڊي آءِ جي شعيب سڊل ۽ واجد دراني کي بينظير ڀٽو، آصف زرداري، عبدالله شاهه ۽ نصير الله بابر اقتدار ۾ رهڻ دوران ۽ بعد ۾ به بي گناهه قرار ڏيندا رهيا ۽ وضاحتون ڪندا رهيا ته سڊل ۽ دراني قتل ۾ ملوث ناهن. جيڪڏهن اهي ناهن ته ٻيا ڪير آهن؟ ان بابت به بينظير ۽ سندس ساٿي ڪو واضح اشارو نه ڏئي سگهيا. باقي سڊل ۽ دراني پاران جيتريون وضاحتون بي بي وارن ڪيون اوتريون وضاحتون هنن پاڻ به نه ڪيون آهن. هاڻي جڏهن ٽربيونل جي رپورٽ ان ڏس ۾ سڊل ۽ دراني تي چارجز فڪس ڪيون آهن ۽ شعيب سڊل نظر بند به ٿيو آهي ته عام ماڻهو هاڻي ڇا سمجهي؟ ٽربيونل ”هائر اٿارٽي“ جو تعين نه ڪري رپورٽ کي متنازعه بڻجڻ کان ته بچائي ورتو پر عوام خوب سمجهي ٿو ته ان وقت هائر اٿارٽي ڪهڙي هئي؟ ان بابت هاڻي جيڪو به جيتري وضاحت ڪندو اوترو ڦاسندو.
وفاقي بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي. هن بجيٽ ۾ وزارتن، ڊويزنن ۽ مختلف ادارن جا غيرترقياتي ۽ ترقياتي خرچ گهٽ ڪيا ويا آهن. اها سٺي ڳالهه آهي ته قومي وسيلن جو زيان نه ٿئي پر قومي ناڻي جي ضايع ٿيڻ جو هڪ چرچو اسلام آباد جي باخبر حلقن ۾ گردش ڪري رهيو آهي ۽ اسلام آباد، مري ۽ ڀوربن جي فضائن ۾ گردش ڪندڙ هر هيلي ڪاپٽر کي ڏسي، اهو چرچو ڄاڻائيندڙن کان رڙ نڪريو وڃي ته ”ڏسو ڪٿي اهو هيلي ڪاپٽر ڏهي (ڌونئرو) وٺڻ ته نه پيو وڃي.“ باخبر اسلام آبادين جو چوڻ آهي ته ”وڏو صاحب ناشتي ۾ ڏهي کائي ٿو ۽ اڪثر سٺي ڏهي جي تلاش ۾ ٽائم بچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر کي اڏائي مري جي مارڪيٽ مان ڏهي گهرائي وڃي ٿي.“ وڌيڪ خدا کي خبر! ڳالهه ڪيتري آهي ۽ ان مان ڳالهوڙو ڪيترو ٺاهيو ويو آهي، پر جيڪڏهن اهو درست آهي ۽ پ پ وارن کي خبر پئجي وئي ته هو گڙٻڙ ڪري وجهندا.
اتفاق فائونڊري جي مئنيجر، ايڊووڪيٽ نديم افضل جي معرفت قومي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کان 5 ارب رپين جي COMPANSATION لاءِ جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي ان تي به نظرثاني ڪري. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته بينظير دور ۾ اتفاق انڊسٽري عتاب ۾ رهي جنهن سبب 5 ارب جو نقصان ٿيو. اهو نقصان قومي بئنڪن کي ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي وزيراعظم جي فيڪٽرين کي نقصان نه ڀري ڏيڻ جي ڪهڙي بئنڪ جو سربراهه جرئت ڪندو؟ اهي 5 ارب رپيا وٺي هروڀرو ميان صاحب پنهنجي لاءِ اشو پيدا ڪندو ۽ خاص ڪري جڏهن پ پ جي نصير الله بابر پاران نواز شريف مٿان 11 ارب رپيا قرض وٺن جو الزام لڳو آهي ته اهڙو قدم سياسي اشو بڻجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جڏهن اپوزيشن ليڊر هو ته هن 11 ارب رپيا قرض وٺڻ جي ترديد ڪندي تڏهوڪي قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته مٿس 58 ڪروڙ رپين جو قرض آهي. جيڪڏهن ايترو قرض به آهي ته ميان صاحب اهو پيسو واپس جمع ڪرائي احتساب جي اسپيڊ وڌائيندو ته ان سان سندس حڪومت جي ساک ۾ اضافو ٿيندو.
(16 جون 1997ع)