ڇا چونڊن جي نتيجي ۾“ديو گوڙا” جهڙي حڪومت قائم ٿيندي؟
محترمه بينظير ڀٽو برطرفيءَ کان پوءِ 11 ڏينهن گاديءَ واري شهر ۾ گذاريا، بعد ۾ ڪراچيءَ وئي ۽ موٽي به آئي. هوءَ ڇنڇر ڏينهن لاهور رواني ٿي وئي. ڪراچي محترمه جي هوم پراونس جي گاديءَ وارو شهر آهي، جتي محترمه جي استقبال لاءِ پوري سنڌ مان ڪارڪن ڪٺا ٿيڻ جي باوجود به اٺ يا ڏهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو نه اچي سگهيا. اهڙي استقبال تي گاديءَ واري شهر جي سگهارن حلقن اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هنن حلقن کي امڪان هو ته محترمه جو آڌر ڀاءُ وڏي پئماني تي ٿيندو، پر ايئن نه ٿي سگهيو- ان ڳالهه خود محترمه کي به پريشان ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن لاهور رواني ٿيڻ وقت راولپنڊي اسٽيشن تي پڻ 500 کان وڌيڪ ڪارڪن گڏ نه ٿي سگهيا ۽ لاهور پهچڻ تي به ڪو ايڏو وڏو آڌر ڀاءُ نه ٿي سگهيو اٿس. اهو ئي سبب آهي جو.بي بي، پنهنجي برطرف ٿيل حڪومت جي بحاليءَ تي زور ڏئي رهي آهي. اليڪشن جي تياري ته پري رهي پر ان بابت محترمه اڃا غور به ڪو نه شروع ڪيو آهي. پنهنجا حيرت انگيز حد تائين معمولي استقبال ڏسڻ بعد هوءَ اليڪشن واري آکاڙي کان پري پئي ڀڄي.
گاديءَ واري شهر ۾ جتي اڳ ۾ 3 فيبروريءَ تي اليڪشن بابت شڪ ظاهر ڪيا پئي ويا، اتي هاڻي محترمه جا معمولي آڌر ڀاءُ ڏسي، ان ڳالهه جي خاطري محسوس ڪئي پئي وڃي ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي. هن وقت سنڌي توڙي پوري ملڪ جي پرنٽ ميڊيا، بينظير حڪومت جي بحاليءَ بدران اليڪشن جو ماحول ٺاهڻ ڏانهن وڃي پئي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو بينظير جي خواهش ۽ لائين جي ابتڙ پرنٽ ميڊيا هلي رهي آهي. ان ڳالهه تي به بي بي ڪافي پريشان آهي.
شايد اهي ئي سبب آهن جو محترمه اقتدار مان ڌڪجڻ بعد سنڌ ۾ پنهنجي ساک کي سهارو ڏيڻ لاءِ اها ڳالهه مشهور ڪرائي ته بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلزپارٽيءَ جي چيئرپرسن بڻائڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي. حقيقت اها آهي ته بيگم نصرت ڀٽو کي جڏهن بي بي چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. پي پي شهيد ڀٽو پنجاب جي نائب صدر جميل عباسي 21 نومبر تي بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات کان پوءِ ٻڌايو ته بيگم صاحبه، بي بي کي انڪار ڪيو آهي ۽ چيو ته هوءَ هاڻي ڇو ۽ ڪنهن لاءِ پارٽي قيادت سنڀالي.
محترمه سوچي پئي ته بيگم ڀٽو کي 70 ڪلفٽن موڪلي غنويٰ جو رول محدود ڪيو وڃي. ڪجهه ماڻهن کيس مشورو ڏنو آهي ته في الحال نه، اليڪشن شيڊول پڌرو ٿيڻ بعد اهو آخري حربو استعمال ڪيو وڃي پر سوال اهو آهي ته ڇا اڃان به بيگم نصرت ڀٽو محترمه جي خواهش جي تڪميل لاءِ ٻارڻ بڻبي؟ ڇا بيگم نصرت ڀٽو غنويٰ جي راهه ۾ بينظير خاطر رڪاوٽ بڻبي؟ ان بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. ڇو ته مرتضيٰ جي دردناڪ قتل کان پوءِ جهڙيءَ طرح بيگم نصرت ڀٽو اندر ئي اندر ۾ کاڄندي رهي آهي ۽ سندس سوچ ويچار واري سگهه به جهڪي ٿي وئي آهي، ان بعد اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو ته بيگم صاحبه اهڙو قدم کڻي پر جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته پوءِ به ڇا سنڌ جو عوام محترمه جي اهڙي حڪمت عمليءَ ۾ اچي غنويٰ کي نظر انداز ڪندو؟ جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل راءِ عامه جو جائزو وٺبو ته جواب نفي ۾ ملندو. ڇو ته عوام کي پڪو ويساهه آهي ته جيڪڏهن بي بي چاهي ها ته مرتضيٰ جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين ايتري وقت ۾ سزا ڏياري سگهي پئي، جيتري وقت ۾ محترمه حڪومت جي بحاليءَ جو مطالبو ڪري رهي آهي. 20 سيپٽمبر تي مرتضيٰ جي قتل کان پوءِ مصلحتن جو شڪار محترمه بينظير ڀٽو 45 ڏينهن اقتدار ۾ رهي، پر هن ان ڏس ۾ عوام کي مطمئن ڪندڙ اپاءُ نه ورتا. ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت جي برطرفي ۽ آصف زرداريءَ جي گرفتاري بابت جيترا بيان محترمه بينظير ڀٽو احتجاجي طور ڏنا آهن، جيڪڏهن ايترو احتجاج به ڪري ها ته به کيس ڪراچيءَ ۾ معمولي ماڻهن جي استقبال واري سانحي کي منهن ڏيڻو نه پوي ها. خود پوٺوهار جا پيپلا پڻ ان ڳالهه تي حيرت پيا ڪن ته محترمه جيترو احتجاج مڙس جي گرفتاريءَ تي ڪيو اوترو احتجاج ڀاءُ جي قتل تي ڇو نه ڪيو. اها ڳالهه سنڌ جو ماڻهو اڳ ۾ ئي پچاري رهيو آهي، ڇو ته سنڌي معاشري ۾ عورت مڙس کان وڌيڪ ڀاءُ کي ڀائيندي آهي.
گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته آصف زرداريءَ جي گرفتاري کان پوءِ محترمه 3 ڀيرا ڪوشش ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو آصف سان جيل ۾ ملاقات ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي نئون رخ ڏئي، پر بيگم صاحبه پنهنجي ڌيءُ کي جواب ڏئي ڇڏيو ۽ آصف سان ملڻ لاءِ جيل وڃڻ کان معذرت ڏيکاري. مون ان معاملي بابت جڏهن محترمه جي پريس ترجمان شاهه محمود قريشيءَ کان پڇيو ته هن چيو ”بي بي، بيگم صاحبه جي آصف سان ملاقات لاءِ ڪوشش ڪئي، پر گهرو کاتي وارن ملاقات جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو“ ملتان جي هن پير جي بيان ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ اهو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا، ته هو پاڻ اندازو لڳائين.
بي بي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد يوسف رضا گيلانيءَ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي حڪم کي چئيلنج ڪيو آهي.ان درخواست جي ٻڌڻي 30 نومبر تي ٿيندي. پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ٺيڪ نه هئي ته پوءِ اسيمبليءَ کي سزا ڇو ملي. اسپيڪر پنهنجي پٽيشن ۾ حڪومت جي برطرفيءَ بابت ڪو به معاملو نه اٿاريو آهي. جڏهن ته محترمه بينظير جي پٽيشن ۾ پنهنجي حڪومت جي برطرفيءَ کي غلط قرار ڏيندي، ان جي حق ۾ دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن. محمود خان اچڪزئي پڻ هڪ پٽيشن داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ صدر جي اختيار کي چئلينج ڪندي چيو ويو آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ وارو اختيار آئين جي روح جي خلاف آهي. محترمه واري پٽيشن ٻيو دفعو سپريم ڪورٽ ڇنڇر تي موٽائي ڇڏي هئي. جيڪا ڪئين اعتراض دور ڪرڻ کان پوءِ مس مس هاڻ وصول ڪئي وئي آهي. آئيني ۽ قانوني ماهرن جو خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو عدالت جوڻيجو حڪومت جي برطرفيءَ واري ڪيس ۾ ڏنل فيصلي سان ملندڙ جلندڙ فيصلو ٻڌائي پر اهو ضروري ناهي. ڇاڪاڻ ته عدالت مرضيءَ جي مختيار آهي. واضح رهي ته جوڻيجو ڪيس ۾ عدالت چيو هو ته اسيمبلي ٽوڙڻ وارو صدارتي حڪم ٺيڪ ناهي، پر هن وقت اليڪشن جو ماحول آهي، عوام اليڪشن چاهي ٿو، ان ڪري اليڪشن ٿيندي. گاديءَ واري شهر ۾ ان کانسواءِ هڪ ٻي راءِ به آهي، جيڪا اها آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ بينظير حڪومت ۽ اسيمبلي وٽو ڪيس جيان بحال به ڪئي ته، محترمه اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهندي. ٿوري وقت ۾ جهڙيءَ طرح پيپلزپارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو کان شفقت محمود جهڙا رازدار ماڻهو به ڌار ٿي ويا آهن. تهڙيءَ طرح ضرورت جي صورت ۾ ڪافي ايم اين اي خدا حافظ چئي سگهن ٿا، ڇو ته ارباب غلام الرحيم، جنهن کي ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ ۾ شامل به نه ڪيو ويو، ته به هو پنهنجي اصولن موجب حڪومت وڃڻ جي 48 ڪلاڪن اندر ڌار ٿي ويو، پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ملي ٿو وڃي ته پوءِ ڪير محترمه سان گڏ بيهندو؟ ان ڏس ۾ گوهر ايوب خان کان جڏهن پڇيم ته هن کلندي چيو ته ”پنجاب اسيمبليءَ ۾ جيئن مسلم ليگ استعيفا ڏئي جند ڇڏائي، تيئن قومي اسيمبليءَ جي بحاليءَ جي صورت ۾ مسلم ليگ استعيفا ڏيڻ ۾ دير نه ڪندي.
اهڙي صورتحال بابت باخبر هوندي به محترمه بينظير هر هر اسيمبليءَ جي بحاليءَ لاءِ مطالبا پيش ڇو پئي ڪري؟ ان جو فقط ۽ فقط هڪ جواب آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته هن کي عوام آڏو ڪنڌ کڻي هميشه وانگر پاڻ سان ٿيل واردات کي ظلم قرار ڏيڻ جو هڪ سگهارو جواز ملندو، ۽ ان کي ڪيش ڪرڻ ۾ هوءَ پنهنجي ڪمال جي زوال واري حد تائين ڪوشش ڪندي.
ايندڙ اليڪشن بابت ملڪ جي معاملن هلائڻ واري پاليسي ساز شهر اسلام آباد جي اهم حلقن ۾ اها چوپچو آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي مرتضيٰ واري پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي جماعت اسلامي ۽ عمران خان ڌڪ رسائيندا. جيڪڏهن پي پ پ شهيد ڀٽو، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف وارا گڏائي 30 سيٽون به قومي اسيمبليءَ جون کڻي ويا ته مستقبل ۾ قومي اسيمبلي ڀارت جهڙي لوڪ سڀا واري ”هنگ“ پوزيشن ۾ هوندي، جتي ديوگوڙا جهڙن الستين جي قسمت جو خانو کلندو. پاڪستان ۾ مستقبل جو ديوگوڙا ڪير هوندو؟ ان بابت اڃان ڪا واضح پوزيشن نه آهي. ڇو ته ديوگوڙا نالو ئي هڪ حادثي جو آهي. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ديو گوڙا خود بخود نمودار ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته قاضي حسين احمد عورتن جي وڏي ريلي کي خطاب ڪندي ڇنڇر ڏينهن وثوق سان انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ اسيمبليءَ جو وزيراعظم نه نواز شريف ٿيندو ۽ نه بينظير ڀٽو. قاضيءَ جهڙي طرح نومبر ۾ بينظير حڪومت جي خاتمي جو انڪشاف ڪيو هو، جيڪو سچ ثابت ٿيو، تنهن کان پوءِ سندس ٻيو انڪشاف پڻ سچ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته قاضيءَ کي اهو پتو ڪنهن مناسب ذريعي وٽان ئي پيو هوندو ۽ يقينن هن اها ڳالهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي ملائڪن پاران پهچايل پيغام کان پوءِ ئي چئي هوندي.
(26 نومبر 1996ع)