پاڪ- ڀارت جنگ جا امڪان ۽ افواهن جي گردش
هندستان ۽ پاڪستان ۾ جنگ ٿيندي يا نه وارو سوال ملڪ جي مختلف حصن جيان گادي واري شهر جي سفارتي، سياسي توڙي صحافتي حلقن سميت زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن وٽ اڄڪلهه عام بحث جو موضوع بڻيل آهي. وزيراعظم نواز شريف پاران چين جو 6 ڏينهن وارو دورو ٻن ڏينهن تائين محدود ڪري واپس وطن اچڻ واري واقعي سبب گمان وڌي ويا آهن. جيتوڻيڪ جنگي ماهرن جي راءِ آهي ته هيستائين جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان ڀارت وارن ڪا به تياري نه ڪئي آهي. والاريل ڪشمير ۾ 7 انفينٽري ڊويزن فوج ۽ 44 بٽالين پيرا ملٽري فورسز کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت جو سڄو فوڪس ڪارگل ۽ دراس سيڪٽرز تي آهي، باقي سرحدن جي ٻين پاسن تي اڃان ڀارتي فوج جي جنگي چرپر نظر نه پئي اچي. صرف ۽ صرف ان منطق جي بنياد تي پاڪستان جا ماهر اهو نتيجو پيا اخذ ڪن ته ڀارت جنگ نه ڪندو ۽ سندس حڪمت عملي جنگ ڪرڻ جي اهليت جي ابتڙ آهي. بيڪ گرائونڊ بريفنگس ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته واجپائي اليڪشن کٽڻ لاءِ زور پيو لڳائي ته هن (واجپائي) کان وڌيڪ پاڪستان جو دشمن ڪير به ناهي. ان راءِ جا به ڪافي پاسا آهن ۽ ان کي رڳو جواز سمجهڻ مناسب نه آهي. هڪ سرڪاري ذريعي چيو ته جيڪڏهن ڀارت جنگ ڪئي ته پوءِ ڪشمير تي اسٽيٽسڪو واري حيثيت ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ ڪشمير تي ڪنٽرول هندستان ۽ پاڪستان نه پر ڪنهن ٻي قوت جو هوندو.
پاڪستان جا سرڪاري ذريعا آمريڪي جنرل زيني جي دوري بعد اها ڳالهه به يقين سان چئي رهيا آهن ته ڪوسووو وانگر آمريڪا هاڻي ڪشمير بابت به جلد مداخلت جو خواهشمند آهي. هن وقت اڌ ڪابينا جا وزير، وزيراعظم جا خصوصي پيغام کڻي اسلامي ملڪن ڏانهن ويل آهن ۽ انهن بابت سرڪاري حلقن جي دعويٰ آهي ته سندن سفارتي مشن ڪامياب رهيا آهن. عالمي طور ڀارت جو سفارتي طرح گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. تنهن ڪري مستقبل قريب ۾ اهو امڪان آهي ته صورتحال واضح ٿي ويندي. جيتوڻيڪ وزيراعظم پاران چين جو دورو هڪدم مختصر ڪري واپس وطن اچڻ واري فيصلي متعلق ڪالهه رات تائين اهو افواهه گرم هو ته چين ۾ نواز شريف کي سڌ پيئي ته 3 جولاءِ کان اڳ ڀارت حملو ڪرڻ وارو آهي اوهين واپس وڃي تياري ڪريو پر بهرحال سرڪاري طور وزيراعظم جي اوچتو واپس اچڻ بابت سرڪاري ترجمان اهو سبب ڄاڻايو آهي ته دوري کي مختصر ڪرڻ جو فيصلو اڳواٽ ئي ٿي ويو هو پر ان جو اعلان چين پهچڻ کان پوءِ ڪيو ويو.
هڪ سينيئر فوجي آفيسر کان جڏهن پڇيو ويو ته چيو وڃي ٿو ته آمريڪي جنرل اوهان کي ”سمجهائي“ ويو آهي ان بعد اوهان ڇا سمجهيو آهي؟“ ته هن چيو ته آمريڪي ڪمانڊر کي ”اسان سمجهايو“ آهي ۽ هو ”سمجهي ويو“ آهي. هن سينيئر آفيسر جو اهو به چوڻ هو ته فوج ڪارگل ۽ دراس سيڪٽر واريون چوڪيون خالي نه ڪندي. پاڪستاني عسڪري ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان کي پوئتي هٽائي ڀارت کي نتيجو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي تعداد کان 16 ڊويزن فوج وڌيڪ آڻڻي پوندي جيڪو تعداد هندستان فراهم ۽ اسپيئر نٿو ڪري سگهي. پهريون دفعو پاڪستان جي فوجي حلقن کان اهو به ٻڌو ويو ته ”ڪشمير ۾ آمريڪي ۽ عرب مسلمان مجاهد به وڙهن پيا. انهن بابت اسان به ٻڌو آهي.“ ڪارگل ۽ دراس وارن علائقن ۾ جن چوٽين تي مجاهدن جو قبضو آهي اتي 31 جولاءِ کان پوءِ رهڻ ممڪن ناهي ۽ 3 هفتن کان وڌيڪ انهن پهاڙن جي اوچائين تي زندهه رهڻ به ممڪن ناهي. جڏهن هڪ فوجي آفيسر کان پڇيو ويو ته ”ڪارگل ۽ دراس ۾ زميني فوج ته وڙهي نه ٿي سگهي، ڇو ته پهاڙي علائقو آهي برف به گهڻي آهي، ڇا هندستان جي هوائي حملن بابت حڪمت عملي لاءِ اسان جوابي حڪمت عملي ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪوسوو ۾ نيٽو هڪ به زميني فوجي کانسواءِ جنگ ڪري سگهي ٿو ته هن معاملي ۾ اوهين ڀارتي تيارين کي نظر انداز ڪري جنگ جي امڪان کي رد ڪيئن ٿا ڪريو؟“ ان تي فوجي ماهرن جو چوڻ هو ته ”نه پاڪستان يوگوسلاويه آهي ۽ نه ڀارت نيٽو آهي.“ پاڪستان جي سرڪاري ماهرن جو خيال هو ته هو اهڙو ڄار وڇائي چڪا آهن جو هندستان ڳالهين جي ٽيبل تي ايندو.
پهريون دفعو پرڏيهي کاتي جي ترديد جي باوجود به هڪ سرڪاري همراهه تصديق ڪئي ته نياز اي نائيڪ جيڪو واجپائي جو گهاٽو يار آهي هو خصوصي فالڪن جهاز ۾ نئين دهلي ويو آهي. جيڪو بيڪ ڊور ڊپلوميٽڪ چينل جو سلسو آهي. ڀارت جا به اهڙي ٽائيپ جا ڪجهه ماڻهو گذريل هفتي خاموش سفارتي مشن تي پاڪستان آيا هئا. هڪ انتهائي ذميوار ۽ وفاقي حڪومت جي سگهاري شخص جڏهن چيو ته آمريڪي سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر به خفيه مشن تي پاڪستان ايندو هو ۽ ضياءَ الحق ساڻس ملاقات لاءِ هن جي جهاز ۾ ويندو هو. ان تي جڏهن کانئس پڇيو ويو ته اسان جي صدر جي اها حيثيت هئي جو سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر سان ملڻ سندس جهاز ۾ ويندو هو ته هن کلندي چيو ته فيڪٽ از فيڪٽ (حقيقت، حقيقت هوندي آهي) پاڪستان مجاهد جن کي ڀارتي سياسي اڳواڻ توڙي هندستاني فوج ۽ صحافي ”گهس بيٺيا“ سڏي رهيا آهن. انهن بابت پاڪستان سرڪار جو خيال آهي ته هو 15 سالن کان ڪارگل ۽ دراس ۾ وڙهن ٿا. هو پاڪ فوج جي ڪنٽرول ۾ ناهن هو آزادي جي جنگ ٿا وڙهن. پاڪستان سندن سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد ڪري پيو. هيستائين ترڪي وارن ڪشميري مجاهدن جي مدد لاءِ ڪيمپون هنيون آهن ۽ چين پاڪستان جي مجاهدن بابت موقف جي حمايت ٿو ڪري باقي دنيا جا ٻيا ملڪ ان نقطي تي پاڪستان جي موقف بابت خاموش آهن. بهرحال انهن مجاهدن ڀارتي فوج جي نڪ ۾ دم ڪيو آهي. بيڪ گرائونڊ بريفنگس دوران پاڪستان جا سرڪاري ماهر يقين سان چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن پاڪ-ڀارت جنگ لڳي ته هندستان ڪشمير وڃائي ويهندو. ان تي جڏهن اهو سوال ٿيو ته ”اها ته سٺي ڳالهه آهي“ ته وري ان جو جواب مليو ته ”پر نقصان به گهڻو ٿيندو.“
ڪلنٽن- نواز ملاقات جي حوالي سان سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته اها في الحال ضروري ناهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪلنٽن دوري تي اچي وڃي، ڇو ته آمريڪا ڪشمير بابت اسٽيٽسڪو تبديل ڪرڻ واري راءِ جو حامي ٿي چڪو آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته هندستان وارا سرفروش نالي هڪ فلم ٺاهي رهيا آهن. جنهن ۾ پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان فلم ۾ مک اداڪار ڀارتي ڪرڪيٽر ڪپيل ديو ۽ اجي جديجا (جاڙيجو) هوندا. پاڪستان سرڪار کي ان ڳالهه تي به خوشي آهي ته اڄڪلهه مصر وارا پاڪستان جا حمايتي ٿي ويا آهن ۽ حسني مبارڪ سيپٽمبر ڌاري پاڪستان جو دورو به ڪندو. مبصرن جو خيال آهي ته پاڪ فوج ڪارگل ۽ دراس وارو مسئلو گهٽ ۾ گهٽ 31 جولاءِ تائين ختم ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، جيڪڏهن 31 جولاءِ تائين ڪارگل تي مجاهد موجود رهيا ته هندستاني فوج سياچين وارو محاذ ڇڏي ويندي، جيڪڏهن نه ڇڏيائون ته اتي موجود سندس فوجي بکيا مري ويندا، جنهن سان ڀارتي فوج جو مورال ڪري پوندو. ان سموري صورتحال جي باوجود به جيتوڻيڪ پاڪستان جا ملٽري ۽ پوليٽيڪل ماهر پاڪ-ڀارت جنگ جي خطري کي نظر انداز ڪن ٿا پر پوءِ به هتان جي حلقن ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي خاص ڪري 3 جولاءِ تائين جنگ ڇڙڻ واري امڪان جا افواهه هلي رهيا آهن.
(جولاءِ 1999ع)