تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا حڪومت بينظير کي بيڪ فُٽ تي کيڏائڻ چاهي ٿي؟

ڇا حڪومت بينظير کي بيڪ فُٽ تي کيڏائڻ چاهي ٿي؟

بينظير ڀٽو کي جڏهن احتساب عدالت جي جج راولپنڊيءَ جي هڪ اسڪول جي عمارت ۾ ٺاهيل عدالت ۾ عدالتي وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ 4:30 وڳي شام جو 3 سال قيد بامشقت جي سزا پئي ٻڌائي ته عين ان وقت عدالت کان ڏيڍ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جي ايڇ ڪيو جي ڪاميٽي روم ۾ جنرل مشرف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس به هلي رهي هئي. جنرل مشرف جي 12 آڪٽوبر 99ع تي اقتدار سنڀالڻ کان وٺي جيڪي به فرمان، اعلان ۽ بيان جاري ڪيا ويا آهن، اهي بي وقتا جاري ٿيندا رهيا آهن، بي وقتي مان هتي مراد اهڙي وقت تي جيڪو صحافين ۽ اخبارن کي معقول ۽ موزون نه لڳندو هو.فوجي حڪومت جي ان انداز تي اهو شڪ هوندو هو ته هو ان ڪري ايئن پيا ڪن جيئن گهٽ کان گهٽ اخبارن ۾ سندن انهن فرمانن بابت عوام کي آگاهي ملي. خير اهو ته سرڪاري ڪاروهنوار جو معاملو هو، جيئن وڻين سو ڪن پر بينظير جهڙي هاءِ پروفائيل ليڊر جي ڪيس ۾ احتساب عدالت سرڪاري آفيسن جي وقت 3:30 کان به هڪ ڪلاڪ دير سان جيڪو فيصلو ڏنو اهو عجيب انداز ۾ ڏنو.
جڏهن کان ايس جي ايس ڪيس ۾ جسٽس قيوم پاران ڏنل سزا سپريم ڪورٽ ختم ڪئي هئي ان ڏينهن کان وٺي نيب وارا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو کي وري سزا ڏيارڻ لاءِ سرگرم هئا ۽ نيٺ لکين رپيا پگهار تي نيب جي قانوني مشاورت ڪندڙ ماهر جيڪي زرداريءَ سان ڪورٽ ۾ ڪچهريون ڪري مستقبل جي نوڪرين جي حوالي سان واسطو پڪو ڪرڻ جي چڪر ۾ کيس لطيفا به ٻڌائيندا آهن، اهي ئي ماهر نيب جي سيڪشن 31 اي هيٺ بينظير کي سزا ڏياري موجوده مالڪن کان مبارڪون وصول ڪري رهيا آهن ۽ هاڻوڪي نوڪري به پڪي ڪري رهيا آهن.
چون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ حڪومت ۽ پ پ ۾ مستقبل جي سياسي معاملن جي حوالي سان ڪجهه نقطن تي هم خيالي ئي هئي ۽ ان هم خيالي جي نتيجي ۾ ئي هڪ انٽيليجنس آفيسر عبدالرحيم جو 5 سالن کان پوءِ ستل ضمير جاڳائي ججن جي گفتگو جا ٽيپ بينظير تائين پهچائي کيس دفاع جو مضبوط بنياد فراهم ڪيو ويو پر جيئن ئي سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو ته بي بي منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ حڪمرانن جي رابطن جون ورنديون اوچي ڳاٽ سان ڏيڻ شروع ڪيون. ان ڪيس سبب دنيا کي بينظير ڀٽو اهو ٻڌائڻ ۽ يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته سندس خلاف ڪيس سياسي دشمني جي بنياد تي قائم ڪيل آهن. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ان انٽيليجنس آفيسر جو ضمير نه جاڳي ها ته بي بي هيستائين عطاءُ الله مينگل معرفت ايم ڪيو ايم سان گڏجي پونم جي پليٽ فارم تان سياست جو اعلان ڪري چڪي هجي ها ۽ اها صورتحال موجوده حاڪمن لاءِ هرگز قابل قبول نه هجي ها.
حڪمران ڌر سمجهي ٿي ته نيب آرڊينسن جي شق 31-اي هيٺ 3 سال سزا ملڻ بعد بينظير ڀٽو وري شايد اوترو ئي بيڪ فٽ تي هلي ويندي جيترو جسٽس قيوم جي فيصلي سبب وئي هئي ۽ هن جي بارگيننگ پوزيشن به ڪمزور ٿيندي پر سياسي پنڊتن جو نقطه نظر ان کان بنهه مختلف آهي. سياسي مبصرن جو خيال آهي ته ايس جي ايس ڪيس ۾ ڌڪ پچائڻ بعد هاڻي بينظير بيڪ فٽ تي نه کيڏندي ڀلي حڪمران يارڪر هڻن، ڇو ته غير حاضريءَ تي ٻڌايل سزا جي ايتري اهميت ناهي جيتري ڪنهن ڪرپشن يا ٻئي ڏوهه ۾ مليل سزا جي هئي يا هجي ها. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته عدالت ۾ حاضر نه ٿيڻ سبب نيب جي سيڪشن 31-اي ۾ وڌ ۾ وڌ سزا 3 سال آهي. جسٽس قيوم جي گفتگو واري ٽيپ ۾ خود جسٽس قيوم ۽ سيف الرحمان ۾ ان معاملي تي اختلاف هو ته وڌ ۾ وڌ سزا ناهي ڏبي، ان سان جج جي ساک متاثر ٿيڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. جڏهن جسٽس قيوم جهڙو جج جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته هو متعصب جج هو ۽ هن جو ان ڪيس ۾ مفاد ۽ مذموم مقصد هو. سو به چوي پيو ته قانون ۾ وڌ ۾ وڌ لکيل سزا نه ڏيڻ گهرجي، پر احتساب عدالت وڌ ۾ وڌ سزا ڏني آهي.
احتساب عدالت جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيلن جو حق آهي. جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڏيندي ۽ وري سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي، مطلب ته ترت انصاف فراهم ڪرڻ جي اصول تي جيڪڏهن عمل به ڪيو وڃي ته به سال ڏيڍ کان گهٽ عرصو ڪو نه لڳندو ۽ ان ڏيڍ سال جي عرصي ۾ تبديلي جا جهولا به گهلندا.
بينظير ڀٽو کي مليل سزا بعد ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مشرف- واجپائي ملاقات کي ملڪ مان سياسي حمايت ملڻ جا امڪان حڪومت پاڻ گهٽائي ڇڏيا آهن. ڪشمير مسئلي تي جيڪو به ٿئي ان کي سياسي ڌرين جي حمايت لازمي وٺڻي پوندي ۽ هن عمل سان ان ۾ اڃا وڇوٽيون وڌنديون. اپوزيشن جي گرينڊ الائنس اي آر ڊي ۽ حڪومت ۾ ڇڪتاڻ به وڌندي ۽ حڪومت پاران ايندڙ بجيٽ جيڪا 16 جون تي ايندي ان کان اڳ ان بجيٽ ۾ ۽ ان بعد جيڪي حڪومت ٽيڪس لڳائيندي اهو عمل اي آر ڊي کي حڪومت جي مخالفت جو هڪ گرائونڊ فراهم ڪندو. حڪومت ۽ اي آر ڊي جيڪي بظاهر ڇڪتاڻ ڏانهن وڌن پيا، ان صورتحال ۾ اي آر ڊي جي عوامي همدردي ۽ حمايت ۾ واڌارو ئي ٿيندو.
جيڪڏهن ڪا ڊيل نه ٿي ته آگسٽ کان پوءِ سيپٽمبر تائين اي آر ڊي ڇڪتاڻ واري فضا وڌائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻندو. شايد ان معاملي کي مشرف حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائڻ واري اعلان سان به پوءِ بهتر ڪري نه سگهندي. هن فيصلي سبب هلندڙ سال وطن موٽڻ جي خواهش رکندڙ بينظير ڀٽو شايد هڪ دفعو وري پنهنجي واپسي جي شيڊول تي نظر ثاني ڪري ۽ واپسي وڌيڪ ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪري.
ڪشمير مسئلي جي حل جي حوالي سان حاڪمن ۾ جيڪڏهن هم آهنگي ڪنهن به لمحي ڪنهن به موقعي تي ٽٽي ته پوءِ بينظير ڀٽو جي واپسي جو شيڊول پوئتي ٿيڻ بدران اڳتي به ٿي سگهي ٿو ۽ اي آر ڊي جي ڇڪتاڻ مرحليوار ڍڳو پير پيران واري پاليسي بدران تيز به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي پوسٽنگ ۽ عهدي جي سوال تي ملڪ جي ميٽرو پوليٽن جيڏي شهر ۾ فوجي حڪومت هوندي به ڪامياب هڙتال ٿي سگهي ٿي ته ڪشمير مسئلي تي هم آهنگي نه هئڻ سبب ته ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
(12 جون 2001ع)