تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف ۽ صف بنديون

صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف ۽ صف بنديون

صدر فاروق احمد لغاري ۽ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ اختلافن جي ڪاريهر نانگ وري ڪر کنيو آهي ۽ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. وزيراعظم بينظير ڀٽو، شيخ رفيق ۽ نصيرالله بابر سميت ڪيترائي پ پ اڳواڻ گذريل هڪ هفتي دوران اڌ درجن کان وڌيڪ دفعا ان خدشي جو اظهار ڪري چڪا آهن ته. ”صدر لغاري اسيمبلي نه ٽوڙيندو. هو جمهوريت پسند آهي، جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي اٿائين. هو جمهوريت کي نقصان نه پهچائيندو.“ ”لغاري بلوچ آهي. هو بلوچ روايتن جو مان رکندو ۽ پنهنجي ڀيڻ بينظير سان بي وفائي نه ڪندو.“ هي سٽون لکڻ تائين اهو آخري جملو ان ڏس ۾ نصير الله بابر چئي چڪو آهي. بهاره ڪهو (اسلام آباد جي ڀر وارو لاڙي شهر نما ڳوٺ آهي) اتي جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه به چيو هو ته عوام وزيراعظم جي مدد ڪري. جيڪڏهن عوام ساٿ نه ڏنو ته پوءِ ملڪ جو خدا حافظ هوندو. موجوده پ پ حڪومت جي پاليسي ساز مٿين اڳواڻن پاران خودبخود اهڙا خدشا ظاهر ڪرڻ در حقيقت هڪ اڻ ٿيڻي واقعي يا حادثي جو گس ٻڌائين ٿا.
صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو وچ ۾ اختلافن جو ذڪر 6 مهينا اڳ به ٿيو هو، جنهن بعد وري ظاهري طور اهو تاثر ڏنو ويو ته ٻنهي وچ ۾ اختلافن جي ٻرندر چڻنگ اجهامي وئي آهي. حقيقت اها هئي ته اها چڻنگ پوري طرح وساڻي ڪو نه هئي ۽ آهستي آهستي دکي رهي هئي. جڏهن ترڪي جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته ان وقت صدر، سندس مان ۾ مانجهاندي جي دعوت ڪئي هئي. پروگرام موجب ترڪ ۽ پاڪستاني وزيراعظمن کي ساڍي ٻارهين وڳي ايوان صدر پهچڻو هو. مهمان وزيراعظم پهچي ويو پر ميزبان وزيراعظم بينظير ڀٽو وقت تي نه پهتي. هڪ ڪلاڪ دير سان جڏهن بينظير ڀٽو پهتي ته صدر لغاري سندس گرمجوشي ۽ خوشي سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ بدران هٿرادو مرڪ آڻي وري موڊ آف ڪري ڇڏيو هو. نه صرف ايترو پر دعوت کان پوءِ صدر لغاري جي حڪم تي ايوان صدر وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري کي وزيراعظم جي دير سان پهچڻ تي لکت ۾ وضاحت طلب ڪرڻ لاءِ Explanation جاري ڪئي. اها خبر پوڻ تي چيو وڃي ٿو ته نه صرف وزيراعظم ناراض ٿي پر ان وضاحت جو جواب نه ڏيڻ جو به حڪم ڏنو هو. اهڙي معلومات ملڻ بعد صدر لغاري جي ٻروچڪي رڳ، سندس انا جي تسڪين لاءِ دکندڙ چڻنگ کي ڄڻ ته ڦوڪ ڏئي ڇڏي هئي. عين انهن ڏينهن ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي منظوري سان پاڪستان جي 50 هين سالگره جي گولڊن جوبلي تقريبات لاءِ رقم جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ انعامي ريفل ٽڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ صدر کي هڪ آرڊيننس موڪليو ويو، جيڪو هن واپس ڪري ڇڏيو. شايد اهو پهريون دفعو هو جو صدر کي پنهنجي عزت نفس مجروح ٿيڻ جو احساس ٿيو ۽ وزيراعظم کي به هڪ اسٽرانگ سگنل مليو ته اهو صدر لغاري جيڪو صدر هوندي به گذريل ٽن سالن کان سندس آڏو ڏاڍيان به نه ڳالهائيندو هو، هاڻي سندس رويي ۾ غلام اسحاق خان واري ارڏائي اچي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته وزيراعظم گذريل ٽن هفتن ۾ صدر سان نه ملي آهي.
سپريم ڪورٽ جي 20 مارچ واري فيصلي کان پوءِ حڪومت جي عدليا خلاف جارحاڻي رويي اختيار ڪرڻ دوران صدر چاهيندي به وزيراعظم آڏو پنهنجو احتجاج نوٽ نه ڪرائي سگهيو هو پر ملڪ جي هڪ اهم اداري جي سربراهه پاران صدر تي دٻاءَ وڌي وڃڻ بعد هن پنهنجي خاموشي ۽ لاتعقلي ختم ڪئي هئي. وزيراعظم ۽ صدر وچ ۾ اختلافن جون ڳالهيون بي بي سي تان به نشر ٿي رهيون آهن ته ان بعد تازو اطلاع آهي ته وزيراعظم ايوان صدر ۾ صدر کي فون ڪري رسمي هلو هاءِ ڪئي آهي پر پوءِ به اختلافن واري ڪر کنيل ڪاريهر نانگ ڳچي هيٺ ناهي ڪئي.
صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو وچ ۾ اختلافن پيدا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ۽ ڪوشش ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته عدليا واري معاملي تي جيتوڻيڪ صدر ايڏو ناراض نه ٿيو هو، پر جڏهن پنجاب ۽ خاص ڪري مرڪز ۾ صدر جي ويجهن ساٿين کي جڏهن اقتدار ۾ شريڪ نه ڪيو ويو ته صدر نه صرف پنجاب ۾ نڪئي سان اٽڪڻ لاءِ غلام مصطفيٰ کر جي سفيد وارن واري مٿي تي هٿ رکيو، پر شريعت ڪورٽ جي جج شفيع محمدي کي برطرف به ڪيو. شفيع محمدي جي برطرفي واري صدارتي حڪم کي حڪومت پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ ۾ الٽريشن ڪري برطرفي واري لفظ کي استعيفا جو مهذب ويس ڍڪائي جاري ڪيو ويو. جيڪڏهن صدر چاهي ها ته ان ڦيرڦار تي جعلسازي جي جرم ۾ حڪومت خلاف ڪارروائي ڪري سگهي پيو، پر هن الجهڻ بدران عقل کان ڪم وٺندي صحافتي حلقن ۾ اها ڳالهه عام ڪرائي ته شفيع محمدي کي برطرف ڪيو ويو آهي.
صدر جي آشيرواد سان غلام مصطفيٰ کر جي حڪم تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جا اعليٰ عملدار نڪئي حڪومت سان اهو تعاون نه پيا ڪن، جيترو اڳ ۾ ڪندا هئا. نواز کوکر جنهن تي نه صرف ڪرمنل ڪيس داخل آهن، پر هو 26 ڪروڙ 10 لک رپيا قرض وٺي هضم ڪري باقيدارن جي 250 وڏن قرض خورن واري لسٽ ۾ پڻ شامل آهي. تنهن کي وفاقي وزير بڻائڻ تي به صدر لغاري ناراض ٿيو هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته شايد صدر جي ئي چوڻ تي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي غلام مصطفيٰ کر چيو هو ته ”نواز کوکر جڏهن مخالف ڌر ۾ هو ته به غليظ زبان استعمال ڪندو هو ۽ هاڻي اسان سان گڏ آهي ته به غليظ زبان استعمال پيو ڪري.“ حڪومت ۾ شامل هڪ وفاقي وزير لاءِ ٻيو وفاقي وزير ايڏي وڏي ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ چوي، حقيقت ۾ ته اها کر جي بينظير ڀٽو واري فيصلي خلاف بغاوت هئي. اسيمبلي ۾ تهمينا دولتانه جڏهن نواز کوکر کي لوٽو سڏيندي پارٽي بدلائڻ جو طعنو ڏنو هو ته جواب ۾ نواز کوکر چيو هئس ته ”مان پارٽي بدلائي آهي، تو وانگر روز روز مڙس ڪو نه بدلائيندو آهيان.“ ان جملي تي اسيمبلي ۾ هنگامو ٿيو ۽ مخالف ڌر مطالبو ڪيو ته کوکر معافي وٺي. ان مهل غنيمت جو موقعو سمجهندي غلام مصطفيٰ کر چيو ته کوکر کي ايوان ۾ اچي غير مشروط طور تي معافي وٺڻ گهرجي. مجبور ٿي حڪومت وارن کوکر کي گهرائي تهمينا کان معافي وٺرائي هئي. چيو وڃي ٿو ته نواز کوکر کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪرڻ بابت صدر جو بظاهر ته اهو چوڻ هو ته کوکر لوٽو ۽ ڊيفالٽر آهي، پر حقيقت ۾ ته صدر کي ڪاوڙ اها هئي جو نومبر 1994ع ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب مهل لغاري چور لغاري چور جا نعرا هڻائيندڙ نواز کوکر ئي هو. مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل ۾ صدر جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۾ نواز کوکر جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو، اهو باغيرت بلوچ صدر لغاري کي اڄ به ياد آهي. صدر لغاري پنهنجي انائن جو حساب ڪتاب چڪائڻ لاءِ عدليا جي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ حڪومت جو گهيرو جنهن اندز سان تنگ ڪندو پيو وڃي اهو ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ طوفان جي روپ ۾ پنهنجي انجام تي پهچي سگهي ٿو. صدر لغاري نه صرف شفيع محمدي کي برطرف ڪيو پر چيو وڃي ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنهنجي احبابن واري دائري ۾ ايندڙ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ٿيندڙ جج شيخ رياض کي استعيفا ڏيارڻ ۾ به ڪامياب ويو، ۽ ٻئي ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي متاثر جج قاضي احسان کان به سرحد جي گورنر رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل خورشيد علي خان ذريعي استعيفا ڏياري آهي. سرحد جي گورنر خورشيد علي خان جنهن آفتاب شير پائو جي معرفت مارشل لا دور ۾ پ پ وارن خلاف نه وسارڻ جهڙيون جٺيون ڪرڻ جي باوجود به گورنري حاصل ڪئي هئي، ان جا به اڄڪلهه وزيراعظم بينظير ڀٽو سان تعلقات بهتر ناهن، جنهن سبب هن صدر واري ڪئمپ ۾ انٽري ورتي آهي. سرحد جي گورنر خورشيد علي خان خلاف جڏهن فاٽا جي ميمبرن وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي ته ڪاٺ مافيا سوات سميت سرحد جي مختلف علائقن مان ديال، چنار، اخروٽ ۽ چيڙ جا قيمتي وڻ وڍائي وڪرو ڪرائي رهي آهي ۽ فاٽا جي ميمبرن وزيراعظم کي انگ اکر ڏيندي ڪجهه مهينا اڳ ٿيل ملاقات ۾ ٻڌايو هو ته گورنر 300 ٽرڪون وڪرو ڪرائي چڪو آهي ۽ هر ٽرڪ تي 5 لک رپيا ورتا آهن ۽ هيستائين 15 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪو آهي. ته وزيراعظم اها ڳالهه ٻڌي نه صرف حيرت ظاهر ڪئي هئي پر گورنر کي ٻئي ڏينهن گهرائي سختي سان ان معاملي جو حساب ڪتاب پڇيو. وزيراعظم جي حلقن وٽان مليل معلومات موجب ان مهل گورنر صاحب کي ڏڪڻي وٺي وئي هئي ۽ هن چيو هو ته مون اها رقم ڳجهي فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. وزيراعظم وري سوال ڪيس ته ڳجهو فنڊ ته حڪومت توکي ڏيندي آهي؟ اهي لفظ ٻڌي گورنر روئڻهارڪي انداز ۾ چيو ته مون اها رقم استعمال ڪري ڇڏي آهي. جنهن تي وزيراعظم کيس ڏاڍا دڙڪا ڏنا هئا ۽ اڃان تائين مٿس ناراض آهي. وزيراعظم جي ڏکي آڏي پڇا ۽ ناراضگي کان پوءِ گورنر صدر لغاري جي ڪئمپ ۾ پهچي ويو آهي.
صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلافن جو نزلو ٻين گهڻن سميت رٽائرڊ جنرل نصير اختر تي به ڪريو آهي. جنرل (ر) نصير اختر جي کاتي ۾ ڪافي براين کانسواءِ ڪجهه چڱايون به آهن. هن جي وڏي ۾ وڏي چڱائي صدر لغاري کي صدر بڻائڻ لاءِ گهربل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ وٺي ڏيڻ واري پڻ آهي. تازو جڏهن هو ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿي بنا وردي پنهنجي گهر آيو ته کيس پي آءِ اي سميت ڪجهه ٻين سرڪاري ڪارپوريشنز مان ڪنهن هڪ ۾ چيئرمين بڻائڻ لاءِ چرپر ٿي هئي پر هاڻي معاملو ايئن ختم ٿي ويو آهي، جيئن ڪرپشن خلاف عدالتي ڪيمشن قائم ڪرڻ وارو مسئلو ڊي فيوز ٿي ويو آهي. انهن ڏينهن ۾ ته فاروق لغاري ۽ بينظير ڀٽو هڪ ڳالهه هئا، پر هاڻي جڏهن ڪجهه ڌار ٿيا آهن ته نصير اختر واري چڱائي وزيراعظم جي اڪائونٽ بدران صدر واري اڪائنٽ ۾ وڌي پئي وڃي ۽ ان ئي بنياد تي نصير اختر جون مارڪون به ڪٽجي ويون آهن. صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهميون وڇوڙي جي ڪنٽرول لائين قائم ڪرڻ ڏانهن صورتحال کي تيزي سان ڌڪي رهيون آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ جيڪڏهن اختلافن جي ڊيمارڪيشن مستقل طور ٿي وڃي ٿي ۽ ٻنهي جا حامي وڏن ۽ واضح گروپن ۾ سامهون اچن ٿا ته پوءِ نه صرف موجوده پيپلزپارٽي جي حڪمراني واري حيثيت کي ڌڪ لڳندو، پر مستقبل جو سياسي وايو منڊل پڻ توقع جي خلاف جڙندو. ان صورتحال جا اثر پيپلزپارٽي جي سياسي سگهه کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندا.
(11 آگسٽ 1996ع)