اٽڪ قلعي کان سعودي عرب تائين جي اڏام
نواز شريف نيٺ سموري خاندان سميت ملڪ ڇڏي سعودي عرب هليو ويو آهي. ڪالهه اٽڪ قلعي ۾ جڏهن ڪلثوم نواز مڙس سان ملي موٽي آئي ته هن جي چهري جا تاثر عجيب هئا. رات جو نائين وڳي سندس گهر پهتاسين ته ڪافي تعداد ۾ صحافي موجود هئا. ڪلثوم نواز ”ڊيل ٿيڻ“ کان انڪار ڪندي چيو ته ڪا ڊيل ناهي ٿي پر هن جي چهري مان لڳي پيو ته هوءَ سچ ڪو نه پئي ڳالهائي. ٽن چئن مهينن ۾ موٽي اچڻ جو اعلان ڪري هوءَ گهر رواني ٿي وئي. اسين سندس ڪرائي جي گهر واري لان ۾ شامياني هيٺان ويهي رهياسين. ڪجهه دير بعد سيءُ وڌي ويو. موٽي اچي آفيس ۾ خبرون فائيل ڪري ڪلثوم جي گهر واپس پهتاسين ته هر ڪو پريشان هو. نواز شريف جو ڦيڻي نڪ وارو فوٽوگرافر ذوالفقار بلتي، مسلم ليگ جا ملازم ۽ مشاهد الله خان جهڙا جيالا پريشان هئا.سيد ظفر علي شاهه، احسن اقبال جهڙا شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ته نظر ئي ڪو نه پئي آيا ڄڻ ته هو ڪوما ۾ هجن. مون بلتي کان پڇيو ”او بلتي تيرا ڪي بڻي گا؟“ ته هو ماٺ ٿي اداس نگاهن سان ڏسي چپ ڪري ويو پر ان تي وڏو ٽهڪڙو به پئجي ويو. ان مهل ڪنهن لاءِ خوشي جو موقعو هو ته ڪهن لاءِ عذاب هو. ڪنهن کي نوڪري وڃڻ جو غم هو ته ڪنهن کي جيل مان ڇٽڻ جي خوشي هئي. ڪلثوم نواز پهرين ماڙ واري بيڊ روم ۾ ويٺي هئي ته طاهره اورنگزيب ۽ نجمه حميد ساڻس ملڻ آيون، هو موٽي ويون ته سيف الرحمان ۽ مجيب الرحمان جون زالون آيون. جن به ڪلثوم کي چيو هوندو ته اسان کي اڪيلو ڇڏي نه وڃي. ڏسندي ئي ڏسندي لاهور جي رائيونڊ ۽ ماڊل ٽائون مان سامان جي هڪ ٽرڪ آئي. ان ۾ قالين، ڪپڙن جا بيگ، هيٽر ۽ ڪمبل مطلب ته هر شيءِ هئي. 11 بيگ ٽرڪ مان لاهي ڪلثوم جي ڪمري ۾ نيون ويون. هن تلاشي وٺي لسٽون ٺاهي اهو سامان وري چوڌري جعفر جي گهر امانت طور موڪلي ڏنو. اڌ سامان کڻي اها ٽرڪ هوائي اڏي تي هلي وئي. ان دوران اطلاع مليو ته شهباز شريف ڪراچي کان هتي آيو آهي ۽ عباس شريف آزاد ٿي رائيونڊ پهتو آهي. رات 4 وڳي تائين بک تي انتظار ڪري لاهه نڪري ويا هرڪو اوٻاسيون ڏئي رهيو هو ته اوچتو گوڙ ٿي ويو. بيگم ڪلثوم نواز ڏاڪڻ لهندي ٽپ ٽپ ڪندي آئي پئي هن جي پويان جاويد هاشمي ۽ تهمينا دولتانه هئا. ڪاري جرسي ۽ ڪاري پوتي پائي جڏهن هوءَ هيٺ آئي ته بظاهر هن جي ڊريس ماتم جو منظر پيش ڪري رهي هئي پر هن بٽياڻي جو گول مٽول چمڪدار چهرو ٻهڪي رهيو هو. هن مسڪرائيندي چيو ته اسين وڃون پيا. صحافين پڇيو ته 6 ڪلاڪ اڳ ۾ توهان چيو ته ڊيل ناهي ٿي، ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن وينداسين، اوهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو؟ ڪلثوم چيو ته ان مهل مون کي خبر نه هئي هاڻي پي ٽي وي ذريعي اطلاع مليو آهي.هن چيو ته اسان معافي نامو داخل ناهي ڪيو، جيڪڏهن حڪومت وٽ آهي ته ظاهر ڪري. اسان کي ٻاهر موڪليو ٿو وڃي. مختصر ڳالهه ٻولهه بعد ڪلثوم گاڏي ۾ ويٺي، سندس ڀائٽيو احسن لطيف عرف موٽو گاڏي هلائي رهيو هو. ان کان اڳئين سفيد پاجارو ۾ مريم صفدر، ڪيپٽن صفدر، جنيد صفدر ۽ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ويٺل هئا. ڪلثوم سان گڏ عاصمه نواز ۽ مهر النساءِ صفدر ويٺا. 4 لڳي 5 منٽن تي صبح جو گاڏيون گهران نڪتيون ته مسلم ليگ جو ڪو به ليڊر يا ڪارڪن گهر تي موجود نه هو. ڪلثوم جي هڪ نوڪرياڻي در تي بيهي اداس چهري سان الوداع ايئن ڪري رهي هئي ڄڻ هن کي مالڪن جي قيد مان آزاد ٿيڻ تي خوشي گهٽ پر نوڪري وڃڻ جو غم وڌيڪ هجي. ٻنهي گاڏين کي ڪڍڻ بعد 51 نمبر گهٽي جي ٻنهي ڇيڙن تي پوليس رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو. 15 منٽن تائين هنن ڪنهن کي به نڪرڻ جي اجازت نه ڏني، جڏهن گاڏيون نامعلوم مقام ڏانهن روانيون ٿي ويون ته 15 منٽن بعد گهٽي کلي.
اطلاعن موجب گاڏيون راولپنڊي جي 10 ڪور واري ميس ۾ پهتيون جتي شهباز ۽ نواز اڳ ۾ ئي موجود هئا. هنن گڏجي روزو رکيو. نواز شريف ۽ حسين نواز کي اي پي سي ۾ اٽڪ مان گڏ آندو ويو. 12 آڪٽوبر بعد پيءُ پٽ جي پهرين ملاقات بڪتربند گاڏي ۾ ٿي. بعد ۾ هنن کي فوجي ايئرپورٽ چڪلالا آندو ويو. ڪنهن زماني ۾ ان جاءِ تان نواز شريف جي ڪري جهاز دير سان روانا ٿيندا هئا پر ڪالهه آچر تي هو جهاز لاءِ انتظار ڪندو رهيو. سعودي شهزادي سليمان سان هن جي ملاقات به ٿي. ان دوران لاهور کان خاص جهاز ذريعي ميان شريف، شميم اختر، نصرت شهباز، نوڪر، نوڪرياڻيون ۽ ٻيا گهر ڀاتي به آيا، جن کي به لائونج ۾ آندو ويو. شميم اختر کي وهيل چيئر تي جهاز مان لاٿو ويو ۽ لائونج ۾ آندو ويو. شهباز ۽ نواز، ميان شريف ۽ والده جي پيرن تي ڪري پيا. والده روئڻ لڳي. ميان شريف غشي جي حالت ۾ هو ۽ ان کي اسٽريچر تي آندو ويو. ايئن اهي هي ملڪ ڇڏي هليا ويا. جهاز ۾ جيڪي ويا، تن ۾ ميان شريف، شميم اختر، نواز شريف، ڪلثوم نواز، حسين نواز، سائره نواز، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر، مهر النساءِ صفدر ۽ جنيد صفدر، شهباز شريف، سندس زال نصرت شهباز، ڌيءَ جويريا شهباز، ربيه ۽ رباب شهباز، عباس شريف، سندس زال صفيه عباس، ڌيءَ سلميٰ عباس، ذڪريا حسين، عزيز عباس، يوسف عباس ۽ بينا عباس خاندان جي ڀاتين ۾شامل آهن. جڏهن ته 3 نوڪرياڻيون نسيم مختيار، زبيده مختيار ۽ حاجره شامل آهن.
(11 ڊسمبر 2000ع)