لڏڻ ۽ ٻڏڻ وچ ۾ بيٺل واڳ ڌڻي
اڄڪلهه جيتوڻيڪ ٺاپر آهي پر پوءِ به گادي واري شهر جا باخبر حلقا پيشن گوئيون ڪري رهيا آهن ته عنقريب وري بحران اچڻ وارو آهي ۽ هن دفعي ايندڙ بحران جي نتيجي ۾ حڪومتي بئنچن ۾ ٽاڪوڙو پوندو ۽ وزيرن ۾ به واضح گروپ ٿي ويندا. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته ان بحران جي نتيجي ۾ سرڪار هلي ڪو نه ويندي پر لڏي اهڙي ويندي جو ڪنهن به مهل ٻڏي سگهي ٿي. ساڍن ٻارنهن مهينن جي هن حڪومت بابت اڳڪٿيون ڪرڻ جا شوقين حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته هن حڪومت جي مجموعي عمر 25 مهينن کان وڌيڪ نه آهي. هيستائين ساڍا ٻارنهن مهينا گذري چڪا آهن باقي وقت اڌ وڃي رهيو اٿن. ان حساب سان ته هي حڪومت مارچ 1999ع تائين هلندي. اهي حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته حڪومت خلاف بينظير ڀٽو ۽ قاضي واريون تحريڪون سيپٽمبر 1998ع ۾ باقاعده زور وٺنديون.
ڊسمبر1998ع ۾ آرمي چيف جي مقرري ٿيندي. جنرل جهانگير ڪرامت کان پوءِ جيڪي 2 سينيئر جنرل هن وقت آهن اهي جون 98ع تائين رٽائر ڪري ويندا. هنن جي رٽائرمينٽ وزيراعظم منظور ڪري ڇڏي آهي تنهن ڪري سندن ملازمت جي مدت وڌڻ جو ڪو به امڪان نه آهي. هنن جي رٽائرمينٽ بعد اڄڪلهه جيڪا تازو ترتيب ڏنل سينارٽي لسٽ آهي ان موجب ڪرامت کان پوءِ سينيئر جنرل علي قلي خان آهي پر هو ملٽري انٽيليجنس جو چيف رهيو آهي ۽ هيستائين جي روايتن موجب ڪنهن به ڳجهي ايجنسي جي سربراهه کي ڪنهن به فورس جو سربراهه نه ڪيو ويو آهي. سينارٽي لسٽ موجب علي قلي خان کان پوءِ ترتيبوار سينيئر جنرل ۾ جنرل خالد نواز خان آهي جيڪو هن وقت بهاولپور ۾ ڪور ڪمانڊر آهي ان بعد منگلا وارو ڪور ڪمانڊر جنرل پرويز مشرف ۽ هن کان پوءِ آءِ ايس آءِ جو چيف جنرل نسيم رانا سينيئر آهي. هي چارئي جنرل هڪ بئچ جا آهن. هنن مان جنرل نسيم رانا کانسواءِ باقي ٽئي جنرل آڪٽوبر 1999ع ۾ رٽائر ٿيندا ۽ جنرل نسيم رانا ڊسمبر 1998ع ۾ رٽائر ٿيندو. چيو وڃي ٿو سينارٽي لسٽ موجب نئين آرمي چيف جي تقرري لاءِ مقابلي ۾ علي قلي خان ۽ خالد نواز مان هڪ جو امڪان گهڻو آهي. هنن ٻنهي جا والد به فوج مان ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيا هئا. علي قلي خان جي والد جو نالو جنرل (ر) حبيب الله خان ۽ خالد نواز جي والد جو نالو جنرل (ر) نواز ملڪ آهي. انهن جنرلن بعد سينارٽي موجب ترتيبوار جنرل افتخار حسين شاهه، جنرل ضياءَ الدين ۽ ملتان وارو ڪور ڪمانڊر جنرل صلاح الدين ترمذي جا نمبر آهن. اهم حلقن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ صلاح الدين ترمذي تائين لسٽ ۾ شامل جنرلن جي نالن تي غور ٿيندو ۽ اهو وزيراعظم جو صوابديد آهي ته هو جنهن کي به مقرر ڪري.
جڏهن کان سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو آهي ته سينارٽي جي اصول کي ڪنهن به حالت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ان بعد حڪومت لاءِ صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي. ان تناطر ۾ جڏهن آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو به ڏسجي ٿو ته نظر اچي ٿو ته حڪومت کي ان معاملي تي وڏي ”مغز ماري“ ڪرڻي پوندي. ايئن به هر حڪومت لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ پل صرات تان گذرڻ کان گهٽ ناهي رهيو.
گادي واري شهر ۾ چوٻول آهن ته ايندڙ سيپٽمبر تائين ڪلنٽن جي دوري کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو ۽ قاضي حسين احمد واريون تحريڪون به زور وٺنديون ۽ اهو ئي وقت هوندو جڏهن اپوزيشن جو گرينڊ الائنس به ٺهندو. اي اين پي سميت سڀ ننڍيون وڏيون ڌريون ان ۾ شامل ٿينديون. هي گرينڊ الائنس هڪ مضبوط پليٽ فارم بڻبو. هي اهو ئي وقت هوندو جڏهن آمريڪي صدر بل ڪلنٽن به ايشيا جي دوري تي ايندو جنهن دوران ڪشمير جي قسمت جو فيصلو ٿيندو. جيڪو ”سپر پاور“ جي پروگرام موجب، نه ڀارت کي ۽ نه پاڪستان کي ملندو پر ڌار هڪ رياست طور دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندو. جيئن ته اڄڪلهه ڀارت ۾ هندو انتها پسند جماعت بي جي پي کٽي آئي آهي ان جي حڪومت جڙڻ بعد جيسين هنن جي ساک خراب ٿئي ان کان اڳ ئي ڪلنٽن پنهنجو ڪم ڪندو يعني ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو. جيئن ئي ڪشمير معاملو حل ٿيندو ته ان بعد حڪومت خلاف تحريڪ زور وٺندي ۽ اها تحريڪ مارچ 99ع تائين ڪنهن انجام تائين پهچندي. مارچ 1999ع کان پوءِ جي ڇا صورتحال هوندي ان بابت في الحال ڪا به ٿيوري نه پئي پيش ڪئي وڃي. خود حڪومت جي خاتمي جي ٿيوري پيش ڪندڙ به ان مسئلي تي مونجهارن جو شڪار آهن. هڪ راءِ اها آهي ته ان بعد سارڪ ملڪن ۾ ”فري ٽريڊ“ وارو فارمولو رائج ڪيو ويندو. هندستان ۽ پاڪستان ٻئي پنهنجون فوجون گهٽ ڪندا. خرچ گهٽائي ڇڏيندا ۽ عالمي ادارن وارا هنن ٻنهي ملڪن کي ڏنل پنهنجا قرض وصول ڪرڻ شروع ڪندا.
ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۽ ان جي نتيجن جي حوالي سان امڪاني رد عمل مان به گهڻيون ئي ٿيوريز گشت ۾ آهن. ڪن حلقن جو خيال آهي ته آدمشماري جا نتيجا ڪو به قبول نه ڪندو ان جي نتيجي ۾ ٽنهي صوبن ۾ پنجاب خلاف ”جذبات“ وڌي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ آدمشماري فوج جي نگرانيءَ ۾ ٿي رهي آهي پر پوءِ به چيو وڃي ٿو ته آدمشماري جي نتيجن تي گوڙ ٿيندو. ڇو ته عام چونڊون به فوج جي نگراني ۾ ٿيون هيون ۽ انهن جا نتيجا ته سڀني قبول ڪيا پر پوءِ به ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا هئا. افتخار گيلاني ۽ محمود خان اچڪزئي سميت جنهن به ڌانڌلي جو الزام فوج تي هنيو آهي اڄڪلهه قومي ڌارا مان ايئن پري ڌڪجي ويا آهن جيئن مکڻ مان وار نڪري ويندو آهي. شاباس هجي محترمه کي جنهن سان اليڪشن ۾ ايڏي جٺ ٿي پر پوءِ به هن ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي به قومي اداري تي الزام نه ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ وري آهستي آهستي گيم ۾ موٽي رهي آهي. بهرحال آدمشماري ٿيڻ بعد جيئن ته حتمي نتيجو 18 مهينن ۾ قانون موجب ايندو آهي ۽ عبوري نتيجو ٽن مهينن ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪومت قانوني طور پابند آهي ان ڪري انهن نتيجن ۾ جيئن ته پوءِ به ڦير ڦار ٿي سگهي ٿي جنهن جو الزام حڪومت تي اچي سگهي ٿو پر فوج تي نه ايندو ڇو ته فوج صرف آدمشماري ڪرڻ تائين ٻڌل آهي ان بعد حڪومت ڄاڻي ۽ ان جو ڪم.
حڪومت وارن جڏهن کان صدر رفيق تارڙ کان احتساب ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي آرڊيننس جاري ڪرايو آهي تنهن بعدا حتساب بيورو کي لامحدود اختيار ته مليا آهن پر احتساب بيورو وارن کان اهي هضم نه پيا ٿين. هو انهن اختيارن جو استعمال بنا سوچڻ سمجهڻ جي ايئن ڪري رهيا آهن جو سندن واهه واهه ٿيڻ بدران بدنامي پئي ٿئي. تازو احتساب بيورو وارن جنهن نموني عثمان فاروقي جي ڌيءَ ۽ زال کي پڪڙيو ان بعد ته قومي دولت ڦريندڙ عثمان فاروقي جي گهر وارن سان هڪ همدردي پيدا ٿي پئي جنهن جو مثال خود وزيراعظم جو اهو حڪم آهي جنهن موجب شرميلا فاروقي کي ڇڏڻو پيو. سيف الرحمان صاحب حسين لوائي جي آسٽريليا ۾ گرفتاري جي دعويٰ ڪئي پر ٻئي ڏينهن هن پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته هو باعزت نموني سان گڏيل عرب امارات ۾ ويٺو آهي. اهي خبرون اچڻ بعد سيف جي احتساب واري ڪارراوئي جي ڪهڙي ساک باقي بچي؟ لوائي خلاف سيف جي هڪ سال بعد ڪارروائي بابت چيو وڃي ٿو ته اها ان سبب ڪري ڪئي وئي آهي ته لوائي چوڌري شجاعت جو خانداني يار آهي. چيو وڃي ٿو ته سيف ۽ شجاعت جي پاڻ ۾ اڻبڻت ايتري وڌي وئي آهي جو احتساب بيورو جي مشينري اڄڪلهه محترمه وارن سوئيز اڪائونٽس جي جاچ ڇڏي لوائي ۽ ”چوڌرين“ جي دوستن جي ڪڍ لڳل آهي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ جيڪڏهن احتساب بيلنس ڪرڻ لاءِ ڪنهن حڪومتي ماڻهو خلاف ڪو ڪيس اچي ته پڪ سمجهجو ته اهو شجاعت جو دوست يا ويجهو عزيز هوندو. اهو جيڪو به ڪجهه ٿي رهيو آهي محترمه بينظير وارن لاءِ ڀلو آهي ڇو ته هو ڪجهه ڏينهن سڪون سان گذاريندا آهن. محترمه کان وڌيڪ سندس ميڊيا سيل وارن مسڪينن لاءِ سڪون واري ڳالهه هوندي جيڪي سيف الرحمان جي الزامن جا جواب ڏيڻ ۾ ئي پورا هوندا آهن.
احتساب جي چيمپئن سيف الرحمان کي اهڙا اختيار ڏيڻ تي صدر تارڙ ته اپوزيشن جون تنقيدون برداشت ڪري رهيو آهي پر سيف الرحمان جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه پئي چري. اپوزيشن ليڊر محترمه بينظير ڀٽو به تارڙ خلاف ايئن ئي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي آهي جيئن لغاري تي نواز شريف ڪرڻ شروع ڪئي هئي.نواز وارن ته لغاري کي صرف جيالي صدر جو لقب ڏنو هو پر محترمه تارڙ کي اتفاق فائونڊري جو چوڪيدار ڪوٺيو آهي. نواز وارن جي مسلسل تنقيد کان گهٽ پر خود بقول لغاري جي ته هو محترمه ۽ اهم پارٽي ميمبرن جي توهين آميز روين سبب سندن خلاف ٿيو هو پر ساڳيو فارمولو تارڙ تي ڪو نه هلندو ڀلي محترمه ڪيتري به ڪوشش ڪري پر تارڙ رائيونڊ جي مريدي ڪو نه ڇڏيندو. ان ڪري محترمه لاءِ بهتر شايد اهو ئي ٿيندو ته هوءَ ان لائين تي وقت وڃائڻ بدران ڪو ٻيو گس جهلي. اهو ڪم جهانگير بدر سٺي نموني ڪري سگهي ٿو. جيڪو چون ٿا ته اڄڪلهه شهباز شريف جي ڪري بلڪل خاموش آهي. جهانگير بدر ته حڪومت وڃڻ بعد ايئن گم ٿيو آهي جو ڳوليو ڪو نه ٿو لڀجي نه ڪو سندس بيان ٿو اچي ۽ نه هو وري ڪو گهڻو سرگرم آهي. تازو پتو پيو ته جهانگير بدر ملڪ ۾ موجود آهي ۽ خاموشي جي زندگي گذاري رهيو آهي. هڪ خبر موجب هن جي لاهور جي ٻاهران روڊ تي گاڏي خراب ٿي پئي. هو شهر مان هڪ مستري وٺي ان مستري جي موٽر سائيڪل تي ٻيلهه چڙهي گاڏي ٺهرائڻ پئي ويو ته رستي ۾ پوليس وارن کين روڪيو ۽ دڙڪا ڏنا ته ٻيلهه سواري تي بندش آهي ۽ دهشتگردي سبب پابندي لڳائي وئي آهي اوهان ڀڃڪڙي ڪئي آهي. تنهن ڪري ٿاڻي حلو. جهانگير بدر کين تعارف ڪرايو ته هو معزز سينيٽر آهي ۽ سندس گاڏي خراب ٿي پئي آهي پر پوليس وارن هن کان ڪارڊ گهريو ته اهو به هن وٽ ڪو نه هو جنهن بعد سپاهين چيس ته جيڪو ڦاسندو آهي اهو سينيٽر ئي سڏائيندو آهي اوهان کي ٿاڻي هلڻو پوندو. هنن ۾ اڃا بحث مباحثو جاري هو ته رستو بلاڪ ٿيڻ ڪري ڪجهه ماڻهو مڙي ويا جن پوليس وارن کي ٻڌايو ته جهانگير واقعي سينيٽر آهي ۽ پوءِ پوليس وارن کيس ڇڏي ڏنو. گم ٿيل جهانگير بدر جي ان خبر بعد ئي سندس اها پهرين سرگرمي ظاهر ٿي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته جهانگير بدر جي ”خاموشي“ جو سبب هن کان پ پ پنجاب جي صدر جو عهدو وڃڻ آهي.
(10 مارچ 1998ع)