هڪ ٻيو “ڀٽو ڪيس” هڪ ٻي ڀٽو حڪومت
مرتضيٰ ڀٽو جي قتل، صدر لغاري جي ورتل اپائن ۽ نواز-لغاري ملاقات ملڪ جي سياسي ڪن ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ سيلاب سبب مسلم ليگ جي ”حڪومت هٽايو، پاڪستان بچايو تحريڪ“ لڙهي ويئي هئي پر مرتضيٰ جي قتل کان پوءِ ڄڻ ته اپوزيشن کي هڪ اهم اشو ملي ويو، ويتر صدر لغاري پرڏيهه مان موٽڻ بعد مرتضيٰ جي قتل کان هڪ ڏينهن پوءِ 21 سيپٽمبر تي حڪومت جي صلاح کان سواءِ استعيفا ڏيندڙ ججن واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪليو. ٻئي ڏينهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي احتسابي ڪميشن جي اپوزيشن واري رٿ جي حمايت ڪندي پارليامينٽرين کي خط لکيو ۽ ان جي 2 ڏينهن بعد مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف سان 3 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ پهرين ملاقات ڪري، پنهنجي اڳوڻي پارٽي جي سربراهه، وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي هينئن تي مڱ ڏريا آهن.
مرتضيٰ ڀٽو، نواز شريف ۽ قاضي حسين احمد آگسٽ 96ع ۾ ئي چوڻ شروع ڪيو هو ته سيپٽمبر جي آخر ۾ حڪومت بحران جو شڪار ٿيندي. آڪٽوبر ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي ۽ نومبر تائين حڪومت جو رهڻ ناممڪن بڻجي ويندو. واقعي حڪومت سيپٽمبر جي آخر ۾ بحران جو شڪار ٿي آهي، پر معصوم مرتضيٰ ڀٽو کي پير پاڳاري جي ڪيل پيشن گوئي جي باوجود به اها خبر نه پئجي سگهي ته ان بحران پيدا ڪرڻ ۾ سندس ئي خون ٻارڻ طور استعمال ٿيندو. جيڪڏهن مير ، پير جي ان بيان جو جوش بدران هوش سان جائزو وٺي انتظام ڪري ها ته شايد هو 20 سيپٽمبر تي شهيد نه ٿئي ها. پير پاڳاري چيو هو ته ”هاڻي وقت وري ڀٽو خاندان جي فرد جي سر جي تقاضا ڪري ٿو.“ زال سان اختلافن ۽ طلاق کان پوءِ جيتوڻيڪ ”حضرت“ پير پاڳارو ڪجهه وقت لاءِ پيش گوئين واري ڊيوٽيءَ تان موڪل ڪري ويو هو، پر جيئن ئي صورتحال بهتر ٿي ته فخر سان جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ پير پاڳاري پهرين پيشن گوئي ڀٽو خاندان جي سر جي ڪئي هئي. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي پنهنجي ڀاءُ جي پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيڻ جي خبر بيگم نصرت ڀٽو جي سيڪريٽري رخسانه بنگش ڏني، جنهن بعد بينظير ڀٽو نصير الله بابر کان تصديق پڇي ته بابر به معلوم ڪري ٻڌائڻ جو کيس آسرو ڏنو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ جنرل (ر) نصير الله بابر تصديق ڪئي. سرڪاري ادارن جن ۾ انٽيليجنس بيورو پڻ شامل آهي، تن وزيراعظم سان ته اهو بهانو ڪيو ته هو اها ڏک واري خبر سڌي طرح ٻڌائي سگهڻ جي جرئت نه پيا ڪن! هاڻ اهي ڳالهيون به کليون آهن ته مرتضيٰ ڀٽو جو هڪ دوست 20 سيپٽمبر تي 7 وڳي شام کان وزيراعظم جي مختلف ويجهن ساٿين کي چوندو رهيو ته ڪجهه ڪريو، خدا خير ڪري مرتضيٰ ڀٽو کي خطرو آهي. باخبر حلقن ٻڌايو ته مرتضيٰ جي ان خيرخواهه، ڊاڪٽر ظفر نيازي، آمنا پراچا ايڊووڪيٽ ۽ رخسانا بنگش کي به فون ڪيو پر هنن خبر ناهي ته ڇو اڳتي ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ٻڌي. اهڙو اطلاع ڏيندڙ همراهه اڄڪلهه غائب آهي. کيس ڪارين واسڪوٽين وارا ڳولي رهيا آهن، سندس زندگيءَ کي به خطرو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن جي هٿان ”فطري موت“ ملي به ويو، ته به مرتضيٰ ڀٽو جي خون جا تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ ۽ ذري گهٽ اکين ڏٺا شاهد ختم نه ٿي سگهندا، ڇو ته نصير الله بابر، آءِ بي جو چيف مسعود شريف، ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، ايس ايس پي واجد دراني، اي ايس پي شاهد حيات خان، ايس ايڇ او حق نواز سيال ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ڪلفٽن ٿاڻي جا اهي سپاهي به اهڙا شاهد آهن جن کي گهڻو ڪجهه معلوم آهي، وقت اچڻ تي شاهد ۽ سلطاني شاهد ٿي بيهندا.
مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏياريندڙ واعده معاف گواهه مسعود محمود، دبئي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 19 سيپٽمبر خميس ڏينهن فوت ٿي ويو. جنهن کي دبئي ۾ ئي دفن ڪيو ويو آهي. قصوري ڪيس ۾ ملزم طور نامزد مسعود محمود جيڪو ذوالفقار ڀٽو وارن ڏينهن ۾ فيڊرل سيڪيورٽي فورس (ايف ايس ايف) جو سربراهه هوندو هو، اهو ضياءُ الحق کان مال وٺڻ بعد ملزم مان ڦري سلطاني شاهد بڻيو ۽ اکين ڏٺي شاهد طور ذوالفقار ڀٽو خلاف شاهدي ڏيندي چيو هو ته قصوري کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڀٽو ڏنو هو. ان ئي مستند شاهديءَ جي بنياد تي ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ملي هئي. جنهن بعد مسعود محمود آمريڪا شفٽ ٿي ويو هو. سندس پٽ بعد ۾ دبئي ۾ شفٽ ٿي آيو. تازو پٽ سان ملڻ جڏهن آمريڪا مان مسعود محمود دبئي آيو ته دل جو دورو پوڻ ڪري مري ويو. ڪالهه جو مسعود مجبور، فطري عمر پوري ڪري مري ويو. اڄ جا مسعود محمود ڪجهه گهڻيرا آهن.
ڪجهه مهينا اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري شهيد ڀٽو ڪيس ٻيهر هلائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي. ان درخواست تي اڄ تائين ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي ۽ ان ڪيس جو اڪيلو زندهه شاهد مسعود ئي بچيو هو، جيڪو پڻ مري ويو. جنهن جي ٻئي ڏينهن تي شهيد ڀٽو جو ڪيس ٻيهر هلائڻ جو مطالبو ڪندڙ ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن کي پارٽي ۽ حڪومت مان ڪڍڻ واري مسئلي تي ڀيڻ سان اختلاف ڪري ڌار سياسي جدوجهد ڪندڙ مير مرتضيٰ به قتل ٿي ويو. ان سان گڏ ئي شهيد ڀٽو ڪيس ٻيهر هلائڻ جو مطالبو ڪندڙن ۽ اکين ڏٺن شاهدن جو ته انت اچي ويو پر مرتضيٰ قتل ڪيس جو حشر ان ڪري اهڙو نه ٿيندو، جو هڪ ته هن وقت ضياءُ الحق اقتدار ۾ ناهي، ٻيو ته هي تازو سانحو آهي جنهن جا سڌا يا اڻ سڌا گواهه نصير الله بابر کانسوءِ باقي سڀ نوجوان آهن.
جيتوڻيڪ وزيراعظم چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته کيس پنهنجي ڀاءُ جا قاتل کپن، پر واقعي جي ڳجهارت ڀڃڻ بدران مرتضيٰ قتل ڪيس بابت گاديءَ واري شهر ۾ هيڊڪوارٽر وارن ٻن ڳجهين ايجنسين وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي.
المرتضيٰ تي لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ ڪندڙ ٽيم جي سربراهي ساڳيو واجد دراني ڪري رهيو، جيڪو مرتضيٰ کي قتل ڪندڙ پوليس پارٽيءَ جي ضلعي جو سربراهه (ايس ايس پي) هو. المرتضيٰ تي فائرنگ ڪندڙ پوليس وارن جي رائيفلن جي نالين مان نڪرندڙ موت مار گولين جو نشانو بيگم نصيرت ڀٽو جي ڇاتي هئي. جيڪڏهن بيگم ڀٽو کي بچائڻ لاءِ ڍال بڻجندڙ سندس ڪارڪن اڳيان نه اچي ها ته شايد ڌيءُ جي حڪومت ۾ ماءُ مري وڃي ها. قدرت شايد نصرت ڀٽو کي اڃا ارڏي پٽ جي صدمي لاءِ زندهه رکيو هو. ان وقت به نصيرالله بابر جي اهائي ٻولي هئي ته المرتضيٰ ۾ ”را“ جا ايجنٽ هئا. اڄ جڏهن مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿي ويو ته به نصيرالله بابر چوي پيو ته مرتضيٰ جا باڊي گارڊ ”را“ جا ايجنٽ هئا. جن کي پوليس پڪڙڻ پئي چاهيو. جيتوڻيڪ وزيراعظم هر هر پئي چوي ته مرتضيٰ ڀٽو کي سازش هيٺ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي پر پوءِ به نصيرالله بابر چوي پيو ته نه مرتضيٰ اتفاقي طور پوليس مقابلي ۾ مري ويو آهي. ٻنهي مان ڪنهن جو بيان درست آهي، ان جو تعين اڃا نه ٿي سگهيو آهي.
مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بابت جوڙيل عدالتي تحقيقاتي ڪميشن ڏسون ته ڇا ٿي رپورٽ ڏئي؟ اهو به ڏسڻو آهي ته مير جي ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو، جنهن جو سياسي ڪيريئر پڻ داءُ تي لڳل آهي، اهو بچائڻ ۽ ڀاءُ جي قاتلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن کي سزا ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه. جيڪڏهن وزيراعظم ان ڪم ۾ ناڪام وئي ته سندس سياسي ڪيريئر کي ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهڻ جيترو نقصان ٿيندو ۽ عوام اعجازالحق وانگر هن کي طعنا، مهڻا ۽ ميارون ڏئي سندس جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيندو. ماڻهن جي مهڻن جو اعجازالحق تي ته گهڻو اثر نه ٿيو آهي پر شايد بينظير ڀٽو ان وانگر ڪنڌ کڻي نه جي سگهندي. ضياءُ الحق جي مرڻ بعد اعجاز الحق اقتدار ۾ رهي به پيءُ جي قاتلن کي وائکو ڪري سندن خلاف ڪارروائي ۾ ناڪام رهيو. جيتوڻيڪ هن ڪافي دفعا پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ به چيو آهي ته هن کي پنهنجي والد جي قاتلن جي خبر آهي.
وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ان ڳالهه سان اسان سئو سيڪڙو متفق آهيون ته مرتضيٰ کي سازش هيٺ قتل ڪيو ويو آهي. ڇو ته واقعي مهل مان هڪ دوست سان گڏ ڊفينس کان موٽندي ڪلفٽن هيلي پيڊ واري ٽه واٽي کان جڏهن ٻن تلوارن واري چوڪ ڏانهن اچڻ چاهيو پئي ته پوليس وارن اهو روڊ سوا ستين وڳي شام کان ئي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو. اسان کي به موٽايو ويو ۽ اسان بلاول هائوس واري چوڪ کان ڦري بوٽ بيسن وٽان ٿي، شان سرڪل واري چوراهي کان مين ڪلفٽن روڊ تي آياسين. جنهن بعد سوا نائين وڳي خبر ملي ته مرتضيٰ پوليس مقابلي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي، جيڪڏهن واقعي مرتضيٰ ڀٽو جو قتل رٿيل نه هو، ته پوءِ سوا ستين وڳي کان پوءِ ڪلفٽن هيلي پيڊ واري ٽه واٽي کان هيٺ لهي ٻن تلوارن ڏانهن 70 ڪلفٽن جي ڀر مان ايندڙ روڊ تي ٽريفڪ ڇو بلاڪ ڪئي وئي هئي؟ محترمه بينظير ڀٽو چئي رهي آهي ته مرتضيٰ ڀٽو اصول پسند ماڻهو هو. اها ڳالهه مرتضيٰ ڀٽو به چوندو هو ته وزيراعظم منهنجي ڀيڻ آهي، ان سان اختلاف اصولن جي بنياد تي آهن. هو چوندو هو ته مان چاهيان ٿو ته شهيد جي پارٽيءَ ۾ شهيد ڀٽو جا غدار ۽ قاتل نه هجن پر بينظير ڀٽو ان معاملي تي مصلحت جو شڪار آهي. مرتضيٰ ڀٽو انهن ئي اصولن جي بنياد تي ڀيڻ کان ڌار ٿي جدا سياسي جدوجهد شروع ڪئي. خبر ناهي مرتضيٰ جي ان اصول پسنديءَ کي وزيراعظم 20 سيپٽمبر کان اڳ ڇو نه تسليم ڪيو هو؟ 26 سيپٽمبر تي شهيد ڀٽو ڪاميٽيءَ پاران سوڳ جو سڏ ڏيندي هڙتال جي اپيل ڪئي وئي. ان اپيل جي ايم ڪيو ايم سميت اڪثر جماعتن حمايت ڪئي پر سرڪاري پيپلزپارٽيءَ مخالفت ڪئي. مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي هڪ هفتو به نه گذريو هو، ته به وزيراعظم آمريڪا جو رٿيل پرڏيهي دورو ملتوي نه ڪيو؟ اهي اهڙا سوال ۽ خيال آهن جيڪي تمام گهڻا مونجهارا پيدا ڪن ٿا. مرتضيٰ جي وحشياڻي قتل تي ملڪ جي هر هڪ شخص کي افسوس آهي. مير جو قتل اڃا تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي. هيستائين سامهون آيل ڳالهيون الزام ۽ قياس آرائيون آهن. حقيقت ڇا آهي؟ اهو معلوم ڪرڻ حڪومت، ”سرخن“ ۽ پريس لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي!
صدر لغاري، مرتضيءَ ڀٽو جي مرڻ سان گڏوگڏ لڳاتار جيڪي اپاءُ ورتا آهن، اهي حڪومت لاءِ ايئن ئي مورچا بند پوليس وارن جو گهيرو پيا لڳن. جنهن ۾ مرتضيٰ ڀٽو ڦاٿو هو. ضياءُ الحق جي ظلم ۽ عذاب آڏو، وڏيرو هجڻ جي باوجود به سياسي ايمان نه بدلائيندڙ فاروق لغاري نه صرف بلوچ آهي پر پ پ جو سابق جيالو پڻ آهي. پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جي پراڻي پرسنل رڪارڊ جاچڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچبو ته هن جو اهو مرڪ ناهي، جو ايڏي وڏي سانحي ۽ ٽريجڊيءَ جو شڪار بينظير ڀٽو، جنهن جي اکين جا اڃا لڙڪ ئي خشڪ نه ٿيا آهن ته کيس ڦاسائڻ لاءِ ايڏو ڄار وڇائجي. جنهن مان بينظير نڪري ئي نه سگهي، اهو ممڪن نٿو لڳي. صدر جي ورتل لڳاتار اپائن مان اهو به تاثر ملي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، شايد پنهنجي مرضيءَ سان نه پيو ڪري، پر سوال اهو آهي ته لغاري اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ڪري؟ هن وٽ معقول جسٽيفڪيشن به ٿي سگهي ٿي. نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ صدر سان ڪيل ڳالهيون ايڏي سخت لهجي ۾ خود ميان صاحب به پريس بريفنگ دوران نه ٻڌائي سگهيو، جهڙيون تيرن جهڙيون تکيون ڳالهيون ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف جي حوالي سان چيون ويون آهن. نواز-صدر ملاقات کان پوءِ ته بي بي نواز گيم ختم ٿيندڙ لمحن ۾ پهچي رهي آهي. نواز شريف وننگ اسٽروڪ لڳائڻ لاءِ لوزبال تي ڇڪو هڻڻ لاءِ ڪيريز کان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ بالر به ايمپائر ڪراس ڪري بال اڇلائڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري چڪو آهي. بي بي ميچ هارائي رهي آهي. جنهن ۾ تمام ٿوري دير آهي.
(6 آڪٽوبر 1996ع)