جسقم- متحده گڏيل سرگرميون، سياسي پنڊتن جي نظر ۾
ضياءُ الحق جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم کي جيل ۾ وڌو هو ته غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ کر سميت پ پ قيادت ٿڌائپ کان ڪم وٺندي احتجاجي تحريڪ کان ايئن پرهيز ڪري رهي هئي جيئن اڄ مسلم ليگ جي قيادت ڪري رهي آهي. ڀٽي کي بچائڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اڄ اهڙو ئي ڪردار بيگم ڪلثوم نواز ادا ڪري رهي آهي. ڀٽي واري ڪيس کي 23 سال گذري ويا آهن پر اڄ فرق صرف نالن جو آهي. ضياءَ الحق بدران مشرف، ڀٽو بدران نواز، نصرت بدران ڪلثوم، جيتوڻيڪ 23 سال هڪ جنريشن جو عرصو آهي پر ان ۾ پاڪستان اندر ڪا تبديلي نه آئي آهي. اسٽيبلشمينٽ توڙي سياستدانن جي روين، سوچن ۽ ڪردارن ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه آئي آهي. اڄ جڏهن ڪلثوم نواز احتجاجي تحريڪ جي ڳالهه ٿي ڪري ته ليگي قيادت ان کان لنوائي رهي آهي. سينيٽر سرانجام خان جيڪو ليگ جو جنرل سيڪريٽري به آهي تنهن جي گهر 2 ڏينهن اڳ يعني 18 فيبروري تي رات جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سرتاج، اعجاز الحق، مجيد ملڪ، راجا ظفر الحق وغيره هئا. ان اجلاس ۾ بظاهر ته 2 مارچ تي پشاور ۾ ٿيندڙ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ ايجنڊا تيار ڪئي وئي پر ان اجلاس ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي احتجاجي تحريڪ هلائڻ واري پاليسي جو سخت نوٽيس ورتو ويو. ليگي ليڊر متفق هئا ته هن موقعي تي تحريڪ هلائڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي. ان بعد 19 فيبروري تي بيگم ڪلثوم نواز سان ملاقات ڪري هن کي سمجهايو ويو ته هوءَ تحريڪ جي ڳالهه نه ڪري ڇو ته ان سان نواز شريف جو ڪيس ڪمزور ٿيندو ۽ عدليا ناراض ٿيندي. 19 فيبروري تي راولپنڊي ۾ شام جو هلڪي بوندا باندي واري ماحول ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪلثوم نواز کان اهو چورايو ويو ته ”فوج سان ٽڪر نه کائينداسين، عدليا تي اعتماد آهي ته اها انصاف ڪندي. پارٽي قيادت مان مطمئن آهيان. تحريڪ هلائڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي.“
مسلم ليگ وارا پر اميد آهن ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ نواز شريف/ جهاز ڪيس جو فيصلو اچي ويندو. مسلم ليگ وارا سزا اچڻ جي صورت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪندا. امڪاني طور چيف جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي سربراهي ۾ بينچ جڙندي جيڪا اپيل جي سماعت ڪندي جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ته وري سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ويندي ۽ جيسين عدالتن مان اپيلن جو فيصلو نه ايندو تيسين مسلم ليگ وارا پنهنجي هاڻوڪي موقف مطابق تحريڪ نه هلائيندا. سرانجام خان ڪاوش سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته عدالتن ۾ جيسين ڪيس هلندو تيسين تحريڪ نه هلائبي. جيتوڻيڪ في الحال تحريڪ نه هلائڻ واري معاملي تي ليگي ليڊرن ڪلثوم نواز کي قائل ڪري ورتو آهي پر اهو اتفاق راءِ گهڻو وقت هلندي نظر نٿو اچي. ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ ليگي قيادت سان بيگم ڪلثوم نواز جو ڦڏو ٿي سگهي ٿو. جيئن ئي خاص عدالت جي جج رحمت حسين جعفري جو فيصلو آيو، ڪلثوم نواز تحريڪ هلائڻ واري موقف تي زور ڏيندي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي گڏيل احتجاجي مظاهري تي پوليس جيڪا لٺين جي عنايت ڪئي ۽ جيڪو ساڻن سلوڪ ڪيو ويو آهي ان کان پوءِ ته پ پ هجي يا پائي، جي ڊي اي هجي يا مسلم ليگ، تحريڪ هلائڻ کان سڀ توبهه ڪندا. ايم ڪيو ايم ۽ جسقم مظاهري سان جيڪو سلوڪ ٿيو اهو هڪ لحاظ کان ٻين پارٽين کي سگنل آهي ته آئنده جيڪو به ايئن ڪندو ان جو حشر انهن کان به خراب ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حڪومت چاهي ها ته ايم ڪيو ايم ۽ جسقم ليڊر شپ کي اڳواٽ ئي گرفتار ڪري ڇڏي ها پر کين لٺيون هڻي ڪپڙا ڦاڙي، رتو رت ڪري گرفتار ڪرڻ جو فيصلو شايد ڪنهن مصلحت وچان ئي ڪيو ويو هو.
ايم ڪيو ايم لاءِ ته مشهور آهي ته انهن کي ٻئي ٽئين سال ايجيٽيشن جي ضرورت هوندي آهي جيئن هو Intact (سالم) رهي سگهن پر هن دفعي ايم ڪيو ايم وارن سان گڏ سنڌين به پادر کاڌا آهن. جيئي سنڌ وارا جن لاءِ عام تاثر اهو آهي ته کين مار موچڙي جي پرواهه نه هوندي آهي تن کي هن دفعي اهو ٿيو آهي ته نه صرف سنڌي اخبارن پر ملڪ جي انگريزي ۽ اردو اخبارن به کين ڪوريج ڏني آهي. دنيا جي اليڪٽرانڪ ميڊيا به ان جلوس کي ڪوريج ڏني جنهن ۾ زي ٽي وي ته ڪجهه وڌيڪ ئي مهرباني ڪئي آهي.
مسلم ليگ ۽ پ پ سان اتحاد ڪري ڪري بيزار ٿي پيل ايم ڪيو ايم هاڻي جسقم وارن ڏانهن هٿ وڌايو آهي. هونئن ته اهو فطري اتحاد ٿو لڳي. هيستائين جسقم ۽ ايم ڪيو ايم سهڪار بابت ڪا به حتمي راءِ قائم نه ٿي سگهي آهي. مبصرن جا ان معاملي بابت ٻه رايا آهن: (1) پهريون رايو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن اها ضرورت محسوس ڪئي آهي ته هو پنهنجي فطري اتحادين يعني سنڌين سان گڏجن ۽ گڏجي جدوجهد ڪن. چيو وڃي ٿو ته راند جي پس منظر ۾ موجود ڌرين نئين صورتحال ۾ اهو داءُ کيڏيو آهي ته پيپلزپارٽي جي Base area (بنيادي علائقي) کي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي نئون فورم ۽ آپشن فراهم ڪيو وڃي جيئن هو پ پ جي دائري مان نڪري اچن. ان ٿيوري مطابق چيو وڃي ٿو ته اهو ڪم لوڪل اسٽيبلشمينٽ جي مرضي ۽ منشا موجب ٿي رهيو آهي ۽ نه رڳو پ پ پر مسلم ليگ جو Base area ڪمزور ڪرڻ لاءِ به حڪمت عملي جڙي رهي آهي. جنهن لاءِ فاروق لغاري، عمران خان يا ڪنهن ٻئي کي هٿي ڏياري ويندي. ٻئي ڪم هڪ وقت ڪرڻ سان راند جو پرچو آئوٽ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري في الحال سنڌ ۽ بعد ۾ پنجاب تي طبع آزمائي ٿيندي. جيڪڏهن ان ٿيوري کي کڻي هڪ لمحي لاءِ مڃجي به سهي ته اهو معاملو ته جسقم ۽ ايم ڪيو ايم جي مقصد مطابق ٿو لڳي جنهن لاءِ لٺيون کائڻ انهن لاءِ ڪو مهانگو سودو ناهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه لوڪل اسٽيبلشمينٽ جي خواهش موجب هجي ها ته پوءِ الطاف حسين جي بيانن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ايڏو گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي ها ۽ پوليس وارا به ايترو تشدد نه ڪن ها. هي ته پهريون مظاهرو هو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم وارن کان وڌيڪ گرفتاريون به سنڌين جون ٿيون ۽ موچڙا به سنڌين کاڌا. آفتاب شيخ جي واسڪوٽي ۾ ته گهنج ئي نه پيو پر بشير قريشي جا لٽا ليڙون ڪيا ويا. ڪراچي ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه هو تنهنڪري جيڪڏهن مٿين ٿيوري درست هجي ها ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو وڌيڪ هجڻ کپن ها. (2) ان حوالي سان جيڪا ٻي ٿيوري گردش ۾ آهي، تنهن ۾ ”پرڏيهي هٿ“ جو ڪردار ٻڌايو وڃي ٿو. هي ٿيوري وڏا ور وڪڙ کائي اتي اچي ڇيهه ڪري ٿي ته متحده جا ڀارت سان ”مختلف معاملا“ آهن، (جيتوڻيڪ الطاف حسين ساک تي ان الزام جي ترديد ڪندو اچي ٿو) ۽ جيڪڏهن سرحدن تي ڀارت ڪا گڙ ٻڙ ڪرڻ جو ارادو رکندو هوندو ته ان وقت ڀارت کي اها ڳالهه suit ڪندي ته پاڪستان اندر ڪو هنگامو متل هجي. ضروري ناهي ته الزامن تي ٻڌل اها ٿيوري درست هجي پر متحده پاران جسقم کي اڳيان ڪري پاڻ پوئتي رهڻ واري حڪمت عملي ڪيترن ئي حوالن سان معنيٰ خيز ضرور آهي.
عام طور تي اسان وٽ اهو رواج ٿي ويو آهي ته هر مثبت ڳالهه مان به ڪنڊا ڪڍيا ويندا آهن ۽ ڪنهن به معاملي کي منفي انداز سان جيترو ڏٺو ويندو آهي اوترو مثبت انداز ۾ نه ورتو ويندو آهي. ان حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ جسقم جي اتحاد ۽ سندن گڏيل سرگرمين بابت اهي ۽ انهن کان علاوه جيڪي به اندازا يا ٿيوريز گردش ۾ آهن سي ضروري ناهي ته صحيح هجن يا ان انداز ۾ هجن. انهن جو اتحاد نيڪ نيتي تي به ٿي سگهي ٿو ڇو ته ماضي ۾ اهي ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جون سهڪاري رهيون آهن.
ليفٽيننٽ جنرل امجد جيڪو احتساب بيورو جو سربراهه آهي سو اڄڪلهه لنڊن ۾ آهي. بظاهر تاثر اهو مليو آهي ته هو احتساب ڪيسن جي سلسلي ۾ ويل آهي ۽ هن نواز فيملي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ مواد، ثبوت ۽ تحقيقات ۾ مدد لاءِ ايف آءِ اي جي اڳوڻي جلاوطن ڊائريڪٽر جنرل رحمان ملڪ سان به رابطو ڪيو آهي. رحمان ملڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو واپس وطن ايندو ۽ احتساب بيورو سان گڏ ڪم ڪندو. هڪ اطلاع اهو به آهي ته جنرل امجد بينظير ڀٽو سان به رابطو ڪندو. خبر ناهي ته ان اڻ تصديق ٿيل اطلاع ۾ ڪيتري صداقت آهي پر چوڻ وارا چون ٿا ته مسلم ليگ ۽ پ پ ۾ ويجهڙائپ وارين هوائي خبرن ۽ رابطن وارين رپورٽن بعد جنرل امجد جيڪو چيف ايگزيڪيوٽو جو اعتبار وارو ساٿي آهي سو مشرف جي مينڊيٽ سان لنڊن ويو آهي ۽ مستقبل بابت ڪجهه معاملن تي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح بينظير سان جنرل امجد جو رابطو ٿيندو. جيڪڏهن جنرل امجد ۽ بي بي ۾ ڪنهن معاملي تي ڏي وٺ ٿي ته ملڪ ۾ في الحال عبوري ۽ بعد ۾ مستقل سياسي سيٽ اپ وارن معاملن تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. ملاقات جي ايجنڊا جي حوالي سان ته ڪا به تصديق ٿيل ۽ ٺوس معلومات ناهي پر اندازو اهو آهي ته متان لانگ ٽرم سيٽ اپ طور ملڪ ۾ صدارتي طرز حڪمرانيءَ جو نظام رائج ڪرڻ ۽ شارٽ ٽرم طور عبوري سيٽ اپ لاءِ بي بي جي صلاح سان ڪنهن ماڻهو جي مقرري جي ڳالهه ٿئي. ڏسجي ته انهن معاملن بابت محترمه ڪهڙا شرط رکي ٿي. آصف جي آزادي سندس پارٽي يا ماڻهن لاءِ کڻي مسئلو نه به هجي پر بي بي لاءِ ته وڏو مسئلو آهي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته آصف آزاد ٿيڻ بعد لنڊن يا دبئي ۾ ئي محترمه سان گڏ رهي ۽ شارٽ ٽرم وارو چلو گذرڻ تائين ٻئي انتطار ڪن.
(21 فيبروري 2000ع)