اسيمبلي ٽٽڻ وارو فيصلو ڪيئن ٿيو؟
”صراحي آئيگي، رات جام آئي گا“ وارو شعر اعتزاز احسن پڙهيو ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه چيس ته ”جام اوهان وٺو ۽ صراحي به.“ ان تي عدالتي ڪمري ۾ 100 سيٽن واري هال ۾ 200 ماڻهن جي هجڻ ڪري پيدا ٿيل گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. فيصلي واري ڪارروائيءَ وقت ناهيد خان، نواز کوکر ۽ پي پي جا مقامي اڳواڻ به موجود رهيا. جڏهن هڪ موقعي تي اعتزاز دليل ڊگها ڪرڻ شروع ڪيا ۽ چيف جسٽس چيس ته هاڻي وقت گذري ويو، گهڻو ڪجهه هٿن مان نڪري چڪو آهي ته اعتزاز، رضا رباني، اقبال حيدر ۽ ٻين جا منهن لهي ويا.
سپريم ڪورٽ جيڪا اسيمبليءَ ويجهو ايوان صدر جي اونچي بلڊنگ جي ڀر ۾ واقع آهي، تنهن جي سنگ مرمر وارين ڀتين واري خوبصورت عمارت جي چوڌاري پوليس وارا وڏي تعداد ۾ موجود هئا. پي پي عورتون ۽ ڪارڪن مک دروازي وٽ صبح کان ئي بيٺل رهيا ۽ ”گو لغاري، گو“ جا نعرا هڻندا رهيا. سپريم ڪورٽ جيڪا شاهراهه دستور تي واقعي آهي، تنهن ۾ دستور ۽ جمهوري نطام بابت اهم فيصلو ٿيڻ جو انتطار پوري ملڪ کي هو. عدالتي حدن ۾ انٽيليجنس جا اهلڪار به موجود هئا. جن سيڪيورٽيءَ جو نظام سنڀاليو هو. عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سائي رنگ جا خصوصي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، جنهن سبب پبلڪ ۽ صحافين کي ڏکيائي ٿي. عدالتي ڪمري ۾ 80 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي صحافي موجود هئا. نواز کوکر آيو ته احترام طور هن کي ڪرسي ڏيڻ لاءِ ڪارروائي دوران سپريم ڪورٽ جو ملازم ڊوڙندو آيو. عدالت ۾ برگر فيميلن جا نوجوان نينگر ۽ نينگريون به موجود هيون. عدالت جي مين گيٽ کان عدالتي ڪمري تائين 4 جڳهين تي تلاشي ورتي وئي. ڪيترن وڪيلن کي ڪارروائي ڏسڻ کان روڪيو ويو، ڇو ته وٽن ڪارڊ ڪو نه هئا. پريس وارن لاءِ ايڪسٽرا ڪرسيون لڳايون ويون. عدالتي ڪارروائي هلندڙ هئي ته اوچتو هڪ ڏاڙهيءَ وارو ٿلهو متارو نوجوان فائيل کڻي اوچتو ڊائيس تي آيو ۽ بنا اجازت ڳالهائيندي چيائين ته ڪراچيءَ بابت ڪافي قصا منظر تي نه آيا آهن، مان ٻڌائڻ گهران ٿو. هن جي اوچتي اچڻ سبب جج حيران ٿي ويا. چيف جسٽس چيس، ”ڪير آهين، چپ ڪري ويهه“ بعد ۾ هو هليو ويو.
هڪ موقعي تي چيف جسٽس اعتزاز کي چيو ته اوهان گهڻو وقت ورتو آهي، ڪم جي ڳالهه ڪريو. خالد انور ٿوري وقت ۾ تمام گهڻا الزام ثابت ڪيا آهن. هڪ لحاظ کان چيف جسٽس جا اهي لفظ صدر جي وڪيل خالدا انور لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪو نه هئا. لاهور جو سنهڙو، ڊگهي قد ۽ نڪ وارو وڪيل خالد انور، جڏهن نواز اسيمبلي ٽٽي هئي ته سندس پاران ڪيس وڙهيو هو ۽ غلام اسحاق جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري حڪم کي غلط ثابت ڪري اسيمبلي بحال ڪرائي هئائين. ساڳئي خالد انور هن ڪيس ۾ صدر لغاريءَ جو اسيمبلي ٽوڙڻ وارو حڪم سچو ثابت ڪندي، اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو بحال ڪرايو. يعني خالد 93ع ۾ اسيمبلي بحال ڪرائڻ لاءِ دليل ڏنا ته اسيمبلي بحال ٿي. 97ع ۾ اسيمبلي خلاف دليل ڏنا ته اسيمبلي بحال نه ٿي. اهو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي. هاڻي 30 لک في وٺندڙ خالد انور نه صرف في وڌائيندو، پر لغاريءَ کان شاباس سميت خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا انعام وٺندو!
11 وڳي عدالت وقفو ڪيو. 40-11 تي ٻيهر ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ 2 وڳي تائين دليل مڪمل ٿيڻ بعد 30-3 تي فيصلو ٻڌائڻ جو آسرو ڏئي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ۾ موجود ماڻهن جو اهو ڏيڍ ڪلاڪ تمام بوريت ۾ گذريو، پر سيٽ ٻيهر نه ملڻ جي ڊپ کان هر ڪو ڪرسين تي ويٺو رهيو. مشڪل سان وقت پورو ٿيو، پر جج نه آيا. دروازي ڏانهن ڏسندي ڏسندي اکين ۾ سور پئجي ويو. نيٺ 20-4 تي دروازو کليو ته سفيد طري ٽائيپ پٽڪي وارا سائي ڊريس پاتل دفتري آيا، سڀني کي آسرو ٿيو، عدالت ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. سڀني کان اڳ جسٽس منور مرزا بعد ۾ ارشاد حسن خان ۽ فضل الاهي ۽ ان کان پوءِ جسٽس راجا افراسياب، جسٽس ضياءَ محمود مرزا، جسٽس سليم اختر ۽ آخر ۾ چيف جسٽس اندر آيا. 25-4 تي چيف جسٽس مائيڪ آن ڪئي ته وڪيلن، پي پي وارن پنهنجا ڪن کڙا ڪيا، صحافين قلم ۽ ڪاپيون تيار ڪيون. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته 6 ججن اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي کي بحال ڪيو آهي ۽ هڪ جج مخالفت ڪئي آهي. شارٽ آرڊر 12 صفحن تي مشتمل آهي. تفصيلي آرڊر بعد ۾ ايندو. هن شارٽ آرڊر پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن جي پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻهو اٿي بيٺا. جج پوئين دروازي مان نڪتا ۽ عوام به ٻاهر آيو. ناهيد خان ۽ بين تڪڙو تڪڙو هلندي گيٽ ڪراس ڪيو ۽ ڪارڪنن کي ٻڌايو ته عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو. ان تي ڪارڪن مڇرجي پيا ۽ ”گو لغاري گو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيائون. ”لغاري هاءِ هاءِ“ جي نعرن بعد ڪارڪن ڪاهي پيا. پوليس وارن دروازي کي تالو هڻي ڇڏيو. 10 منٽن بعد لٺ بازي ڪئي وئي ته ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڪارڪنن پٿر بازي شروع ڪئي. شاهراهه دستور بند ٿي ويو. هر طرف پٿر پيا هئا، روزي کولڻ جو ٽائيم به ويجهو پهتو. هرڪو پريشان هو.
عدالتي ڪارروائي دوران نان مسلم صحافين ۽ پاڻ جهڙن الستين سان جٺ ٿي، نه کائڻ لاءِ نه پيئڻ لاءِ ٻيو ته ٺهيو سگريٽ به نه پئي پيتو. تنگ ٿي وقفي ۾ ٻاهر اچي ڪار پارڪنگ وٽ سگريٽ دکائي پوليس جي ڀر ۾ پيتو ۽ گرڙي ڪرڻ جي بهاني پاڻي پيئڻ بعد فيصلو ٻڌڻ لاءِ ٻيهر اندر وياسين. شدت سان احساس ٿيو ته ڪاش روزو رکون ها.
شام جو روزي کان پوءِ اوندهه سبب ڪارڪن هليا ويا ۽ جج به گهرن لاءِ روانا ٿيا. اهڙيءَ طرح اڄ کان 3 ڏينهن بعد ٿيندڙ عام اليڪشن لاءِ موجود خطرو ختم ٿي ويو ۽ هاڻي ”ڊٽ ڪي“ اليڪشن ٿيندي.
(30جنوري 1997ع)