تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

سرڪار مخالف گرينڊ الائنس

سرڪار مخالف گرينڊ الائنس

پاڪستان عوامي اتحاد (پائي) ۽ قومپرستن واري اتحاد (پونم) Pakistan Oppressed Nations Movement وچ ۾ اتحاد لاءِ ڪوششون جاري آهن. جيتوڻيڪ نواز هٽايو تحريڪ هلائڻ لاءِ ٺهندڙ گرينڊ الائنس جو موجوده حالتن ۾ ٺهڻ اڻٽر آهي پر اها به حقيقت آهي ته ساڳئي وقت گرينڊ الائنس ٺاهيندڙ پائي ۽ پونم وارا اڳواٽ ٺهيل مختلف مڪتبه فڪر جي پارٽين تي مشتمل اتحاد ان سوال تي ڀڃ ڊاهه جي دور مان گذربا. 16 جماعتن واري وفاق پرستن جي اتحاد ”پائي“ ۾ پ پ کانسواءِ باقي سڀ مڙئي واري خاني ۾ اچن ٿا پر پونم جي صورتحال ٿوري مختلف آهي. پونم ۾ جيڪي به ڌريون آهن، انهن ۾ اي اين پي جو ليڊنگ رول ته آهي ئي پر ٻيون ڌريون به آساني سان هضم ڪرڻ جهڙيون ناهن. نواز هٽايو ۽ وري اليڪشن ڪرايو ۽ اليڪشن ۾ ڏي وٺ واري بارگين جي معاملي ۾ پونم ۾ شامل ٽن ڌرين، جن ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ، جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ ساگر پارٽي اهڙيون آهن، جيڪي گرينڊ الائنس جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪيڪ جو ٽڪڙو چاهيندي به نه وٺي سگهنديون. محاذ ۽ ساگر وارا ته اليڪشن وڙهڻ کان رهيا، باقي آهي فرنٽ، ان کي سنڌ ۾ پ پ وارا ڪڏهن به ايڊجسٽ نه ڪندا. ها البته قادرمگسي، پليجو ۽ يوسف لغاري کي گرينڊ الائنس سبب هڪ حد تائين سڀاڻي جي سيٽ اپ ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري گرينڊ الائنس ٺاهڻ واري سوال تي پونم اختلافن جو شڪار يقينن ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي ٽٽڻ جو عمل مقصد جي حاصلات کان اڳ ئي شروع ٿي وڃي.
جهڙي طرح موجوده حالتن ۾ پٺاڻن جو نواز ليگ سان ٺاهه ممڪن ڪونهي اهڙي طرح فرنٽ جو پ پ سان ٺاهه غير فطري ۽ غير منطقي ٿو لڳي، ٺيڪ آهي اي اين پي، فرنٽ کان مضبوط ڌر آهي پر جيڪڏهن پونم جي پليٽ فارم تان سڀاڻي پٺاڻن کي نواز شريف سان گڏ هلڻو پوي ٿو ته ڇا هو هلندا؟ يقينن ڪو نه هلندا. اهڙي طرح ممتاز به پائي جي مک ليڊر محترمه سان گڏ نه هلي سگهندو. پٺاڻ، جيڪا شيءِ پنهنجي لاءِ ناپسند ڪن ٿا، ان ئي بنياد تي هو ٻي ڌر کي به پسند يا ناپسند کان وٺي اصولن واري معيار جي بنياد تائين ساڳيو پسند يا ناپسند جو حق ڇو نه ٿا ڏين؟ ڇا اهو غلط آهي ته پونم ٺهڻ واري مرحلي کان اڄ تائين ان جو ڪنوينر اجمل خٽڪ اهو ڪو نه چوندو رهيو آهي ته پونم ڪنهن کي اقتدار کان لاهڻ ۽ ڪنهن کي ويهارڻ لاءِ ناهي. سڀاڻي جڏهن پونم ان مقصد لاءِ استعمال ٿيو ته ڇا پوءِ اجمل خٽڪ جي ساک تي آڱريون نه کڄنديون؟
جهڙي طرح پونم گرينڊ الائنس واري سوال تي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو ساڳئي طرح عوامي اتحاد (پائي) به ان مرحلي مان ئي گذرندو. ڇو ته پائي ۾ به هن وقت سخت اختلاف آهن ته پونم وارا هڪ ته آزادي پسند آهن ٻيو ته انهن جي اچڻ سان پائي جي ننڍين پارٽين جي حيثيت ختم ٿي ويندي. پائي جي ڀيٽ ۾ پونم پ پ لاءِ وڌيڪ موزون ان ڪري آهي ته پائي جي 50 ميمبرن وارين پارٽين جا ليڊر به نواز هٽائڻ بعد واري صورتحال ۾ پنهنجي قد بت کان وڌيڪ حصي جا مطالبا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن پ پ ٽي ٽي سيٽون به پائي جي ٽانگا پارٽين کي ڏئي ته پ پ جي ڀينگ ٿي ويندي. ان ڪري پ پ جي خواهش آهي ته پونم اچي. ڇو ته پونم وارا جيڪو ان حوالي سان حصو گهرندا اهو 80 سيڪڙو ته بلوچستان ۽ سرحد وارن حلقن سان واسطو رکي ٿو، جتي شيئر ڪرڻ ۾ پ پ کي ڏکيائي گهٽ ٿيندي، جڏهن ته پائي وارا ته پنجاب ۾ وڏو حصو ٿا گهرن. پ پ پنجاب ۽ سنڌ ۾ وڏو شيئر ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به راضي نه ٿيندي. پائي واريون پارٽيون، جن ۾ ڪارڪن گهٽ ۽ ليڊر گهڻا آهن، انهن کي پونم سان گڏجي گرينڊ الائنس ٺاهڻ تي پنهنجو پتو ڪٽجندي نظر اچي ٿو ان ڪري هنن کي اهو اتحاد سوٽ نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي ته طاهر القادري ۽ اسلم بيگ جهڙا ماڻهو فاروق لغاري، عمران خان ۽ قاضي حسين احمد ڏانهن ڏسن ٿا. هتان جا سياسي پنڊت چون ٿا ته ان صورتحال ۾ جيڪڏهن پونم ۽ پائي ۾ گرينڊ الائنس ٺهي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ ٻيو اينٽي نواز الائنس لغاري ۽ قاضي وارو به ٺهي سگهي ٿو.
ڪاوش جي هنن ئي ڪالمن ۾ مون لکيو هو ته گرينڊ الائنس وقت جي ضرورت بڻبو پيو وڃي ۽ رمضان تائين اتحاد جو مرحلو مڪمل ٿيندو ۽ عيد کان پوءِ حڪومت خلاف تحريڪ زور پڪڙيندي. ان بعد مهرباني محترمه جي جنهن هفتي کان پوءِ ساڳئي ڳالهه لاڙڪاڻي ۾ چئي منهنجي راءِ کي هٿي ڏني. هاڻي ته پير پاڳارو ۽ محترمه به 99ع کي نواز شريف جي وڃڻ جو سال قرار ڏئي رهيا آهن. اهو به عجيب اتفاق آهي ته ايڏي وڏي عرصي کان پوءِ اهو واحد معاملو آهي جنهن تي بينظير ڀٽو ۽ پير پاڳارو ۾ هم خيالي نظر آئي آهي. اها هم خيالي يقينن ان موقف جي حقيقي هئڻ جي بشارت ٿي لڳي ته واقعي ۾ 99 جو سج پاڪستان ۾ سياسي تبديلي جي نويد سان اڀرندو.
نواز حڪومت جي خاتمي بابت آڪٽوبر 97ع کان وٺي ماڻهو ٻهارو ڦرڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا. مختلف تاريخون به ڏيندا رهيا پر هيستائين نواز شريف تي قسمت جي ديوي سدائين هر ڏکئي گهڙي ۾ پر کولي کيس لڪائيندي رهي آهي. نواز شريف صرف هاڻوڪي اقتدار ۾ نه پر پنهنجي سياسي زندگي ۾ ناڪامي ڪڏهن ڏٺي ئي ناهي سدائين ٻه هٿ اڳتي رهيو آهي سواءِ غلام اسحاق خان سان وڙهڻ واري غلطي جي. اهڙي صورتحال ۾ آخر هو ڇو هڪ لمحي لاءِ سوچي ته هاڻي هن جي اقتدار جي آخري گهڙي آهي. هو ته سمجهي ٿو ته ”هو ڄائو ئي حڪمراني ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.“ هن کي ته آئنده ڳچ عرصي تائين پنهنجي وڃڻ جو آثار نٿو لڳي پر پوءِ به ماڻهن سان گڏ هاڻي بي بي ۽ پاڳاري جهڙا متضاد خيال ماڻهو ان نقطي تي هم خيال ٿا لڳن. نه صرف اهي پر پائي ۽ پونم وارا به ان ڳالهه تي متفق ٿا لڳن ته 99ع تبديلي جو سال آهي.
پائي ۽ پونم وارن ۾ 99ع تبديلي جو سال هئڻ تي اتفاق بذات خود لاشعوري اتحاد آهي جنهن کي هاڻي رڳو باضابطا طور گرينڊ الائنس جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ٿيندڙ ڪوششون هاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. هي مضمون جنهن مهل اوهين پڙهندا هوندا. ان وقت پونم وارا شايد گرينڊ الائنس ۾ شموليت ڪرڻ بابت پنهنجو فيصلو ڪري چڪا هوندا.
پائي ۽ پونم جي ليڊنگ پارٽين يعني پ پ ۽ اي اين پي کي جڏهن 99ع ۾ تبديلي جي پڪ آهي ته پوءِ هو طاهر القادري ۽ اسلم بيگ يا ممتاز ۽ ڪنهن ٻئي جي وڃڻ جي ڇو پرواهه ڪندا؟ اهڙا تجربا ۽ روايتون پ پ لاءِ ته نوان نه آهن پر پٺاڻن پاران اهڙو رويو اختيار ڪرڻ عجيب هوندو ۽ سڀاڻي جنهن پچ تي هو سياست ڪن ٿا ان پچ جا کيڏاري، جيڪي هنن جا فطري ساٿاري آهن، انهن جو اعتماد مٿن نه رهندو. جيڪڏهن ان اتحاد جي نتيجي ۾ پٺاڻن اعتماد وڃايو ته اهو سندن تمام وڏو Discredit هوندو. ڇو ته 9 سال نواز شريف جي صحبت ۾ رهڻ کان پوءِ معمولي مسئلي تي عليحدگي جو تازو تجربو پٺاڻن سامهون آهي. هو سمجهن به ٿا ته سڀاڻي پ پ جي رفاقت به کين اهو ڪجهه متان نه ڏئي سگهي. جيڪو نواز نه ڏئي سگهيو. جيڪڏهن ان صورتحال ۽ انهن خدشن جي موجودگي ۾ پ پ ۽ اي اين پي وارا پنهنجي پنهنجي ساٿين کي گڏ نه وٺي هلي سگهيا ته اهو ايئن هوندو ته هو پنهنجي واري ۾ بيٽنگ ڪري هليا ويندا ۽ جن کان هنن فيلڊنگ ڪرائي پئي، انهن جي بيٽنگ مهل هنن فيلڊنگ نه ڪئي. اهو پٺاڻن جي کاتي ۾ تمام وڏو گناهه هوندو. جنهن جو ڪفارو شايد هو ڪڏهن به ادا نه ڪري سگهن.
تازو نواز ليگ سان نڪاح ٽوڙائيندڙ متحده قومي موومينٽ جي جلاوطن سربراهه الطاف حسين پنهنجي جماعت جي سياسي ويڳاڻپ ڏسي هينئر مختلف جماعتن سان سهڪار لاءِ پيچ پائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. چيو وڃي ٿو ته متحده ۽ پ پ وچ ۾ باضابطا طور تي اتحاد/ سهڪار جي سلسلي ۾ رابطا پڻ ٿيا آهن. ان ڏس ۾ اخباري اطلاع اهي به آهن ته پ پ سان تعلق رکندڙ سنڌ جو هڪ اڳوڻو وزير بينظير ڀٽو جو هڪ لفافي ۾ بند پيغام کڻي لنڊن پهتو هو. جتي هن الطاف حسين سان ملاقات ڪري کيس اهو لفافو پهچايو. اخباري رپورٽن موجب ڄاڻايل پ پ اڳواڻ الطاف حسين سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن ساڻس سياسي معاملن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جيتوڻيڪ پ پ سنڌ پاران الطاف ۽ بينظير ڀٽو جي وچ ۾ اهڙن رابطن جي ترديد ڪئي وئي آهي پر اخبارن جا صفحا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته انهيءَ ملاقات کان ترت ئي پوءِ الطاف حسين جو اهو بيان اخبارن ۾ آيو ته ”اسان ڪنهن به اتحاد جو حصو بڻجڻ بجاءِ انهي سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ سياسي حلقا انهي بيان کي وڏي اهميت ڏئي رهيا آهن. انهن حلقن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سنڌ توڙي وفاق سطح تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته امڪاني بدلجندڙ سياسي منظرنامي ۾ ايم ڪيو ايم جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. سندس سينيٽ ۾ موجود 5 سينيٽر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ويٺل 14 ميمبر وڏو ڪم ڏئي سگهن ٿا. ساڳئي وقت سنڌ جي شهرن ۾ امن امان جي صورتحال کي پڻ ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ پ پ کي ايم، ڪيو ايم کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻو پوندو. ٻي صورت ۾ وري کين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پ پ اهو نه چاهيندي ته سندس هوم گرائونڊ ۾ هن لاءِ مسئلا پيدا ٿين.
سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته پ پ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم، سرحد ۾ پونم جي نالي ۾ اي اين پي کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن انهي پنڌ ۾ پائي يا پونم ۾ شامل ڪي جماعتون گڏ نٿيون هلي سگهن ته پ پ انهن کي ڇڏڻ لاءِ به تيار آهي پر شايد پونم جي قيادت اڃا اهڙو فيصلو ڪرڻ کان ڪي قدر ڪيٻائي رهي آهي. هاڻي بال اي اين پي جي ڪورٽ ۾ آهي ته هو پونم ۾ شامل ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي يا وري هو پ پ سان ناتا ڳنڍي.
هاڻ ڏسجي ته هاڻوڪي حڪمران جماعت وارا پنهنجي مخالفت ۾ ٺهندڙ انهي اتحاد بابت ڇا ٿا چون؟ ملڪ جي وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي صدر ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو ٺهندڙ گرينڊ الائينس سندس حڪومت جو وار به ونگو نه ڪري سگهندو. مخالف ڌر وارا ڀلي پنهنجا رانجها راضي ڪري وٺن. ساڳئي وقت هن پونم ۽ پائي جي اتحاد بابت به اها راءِ ڏني ته پونم وارن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ آزادي پسندن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. ايندڙ سال 99ع کي مخالف ڌر پاران تبديلي جو سال ڪوٺڻ بابت نواز شريف جو چوڻ هو ته انهي سال کي قطعي طور تي چونڊن جو سال قرار ڏئي نٿو سگهجي. اسان پنهنجو مدو پورو ڪنداسين. نواز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کيس هيوي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ هو پنهنجي مينڊيٽ کي ڪتب آڻي عوام جي خدمت جاري رکندو.
(19 ڊسمبر 1998ع)