تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ننڍن صوبن لاءِ پئسن جي اڻهوند

ننڍن صوبن لاءِ پئسن جي اڻهوند

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت آمريڪا جو پهريون سرڪاري دورو ڪري واپس وطن پهچي چڪو آهي. هن جي 10 ڏينهن واري آمريڪي دوري کي فوجي حلقا انتهائي اهم ۽ ڪامياب قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته اهو دورو ڪامياب ته آهي پر حڪومت لاءِ ان جا ڪي چڱا نتيجا ڪو نه نڪرندا. ڇو ته هاڻي هن خطي ۾ سياسي ڌرين جي ڪلهي تي بندوق رکي جيڪي به قوتون ڪو به ڪم ڪنديون، ان جو مڪمل ڪريڊٽ رڳو سياسي ڌرين کي ڪو نه ملندو پر ان جي 60 کان وڌيڪ سيڪڙو چڱائي نان سويلين جي کاتي ۾ ليکي ويندي. ڪنهن به فوجي سربراهه کي آمريڪا جو سرڪاري دورو ملڻ هن جي اهميت جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي پر جهانيگر ڪرامت واري ڪيس ۾ ان جا ٻٽا فائدا ليکجڻ گهرجن. ڪرامت آمريڪا جي جن اهم عهدن وارن آفيسرن سان ملي آيو آهي انهن جا جيڪڏهن عهدا لکيا وڃن ته ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ 5 لائينون گهرجن. هن جيڪو ڪجهه ملڪي مفادن ۽ آرمي جي مفادن بابت آمريڪا سان طئي ڪيو آهي ان بابت 30 مارچ کان شروع ٿيندڙ ۽ 3 اپريل تائين جاري رهندڙ ٽاپ ملٽري ليڊر شپ جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي فوجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺندو پر ان کان اڳ هو صدر تارڙ ۽ ميان نواز شريف کي به حال احوال ٻڌائيندو. گاديءَ واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته هاڻي نواز شريف کي گذريل بحران مان بچائيندڙن جو لهجو ۽ اسٽائيل سخت هوندو جنهن جا آثار جلد ئي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.
ڪرامت جي آمريڪي دوري دوران ئي پاڪستان غوري ميزائيل جي حتمي ٽيسٽ فائر واري تقريب ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پروگرام موجب ان ميزائيل جو افتتاح نواز شريف کي 22 مارچ تي ڪرڻو هو پر هاڻي خبر ناهي ته ۽ ان جو افتتاح ڪڏهن ڪندو؟ ڇو ته هن ميزائيل جي افتتاح لاءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو تياري ڪئي ته ان وقت سندس حڪومت هلي وئي ۽ هاڻي جڏهن نواز شريف ان جي افتتاح ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ته اها تقريب ئي ملتوي ڪئي وئي. پاڪستان کي غوري ميزائيل جي ٽيڪنالاجي اتر ڪوريا جي ليڊر ڪم ال سنگ ڏني هئي. اها ٽيڪنالاجي ڏيڻ تي اتر ڪوريا ۽ وٺڻ تي پاڪستان سرڪار تي وڏو دٻاءُ هو. بينظير جڏهن چين مان اتر ڪوريا وڃڻ جو پروگرام رٿيو ته ان کي اتر ڪوريا ۾ لينڊ ڪرڻ تائين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان دوري ۾ محترمه سان گڏ رهندڙ شخص ٻڌايو ته ٻيو ته ٺهيو پر پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري به ٻين کان وڌيڪ مخالفت ڪري رهيو هو. پاڪستان کي ميزائيل ٽيڪنالاجي بينظير ڀٽو اتر ڪوريا مان آڻي ڏني. آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري جي ڪاميابي اها به آهي ته آمريڪي فوجي سربراهه ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي جنهن جي ڪا عام رواجي ايجنڊا هرگز نه هوندي.
آرمي چيف جي دوري بعد جيڪي حلقا اهو چئي رهيا آهن ته هاڻي حڪومت کي گهٽ لفٽ ملندي سي ساڳئي وقت بينظير ۽ نواز شريف پاران ايندڙ پاليسيون/بيان ڏسي انهن مان ”لاهور“ ۽ ”لاڙڪاڻي“ جو تاثر محسوس ڪندڙ اهڙين پاليسين کي به ان ئي سلسلي جي ڪڙي قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي مستقبل لاءِ سٺو ڪو نه ٿا سمجهن. هن وقت پنجاب کانسواءِ باقي ٽئي صوبا اين ايف سي ايوارڊ موجب وفاق کان پئسا نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن. موٽروي پنجاب ۾ ته ٺهيو پر سنڌ ۾ انهن هاءِ ويز جي سيڪشنز جو ڪم به مڪمل نٿو ڪيو وڃي جن جو 80 سيڪڙو ڪم اڳ ۾ ئي مڪمل آهي. ماس ٽرانزٽ اسڪيم ڪراچي واري ته لڙهي وئي پر لاهور ۾ ٺهي رهي آهي. سنڌ لاءِ پئسا نه هئڻ جو بهانو ڪري تعمير سنڌ فنڊ مان هڪ ارب رپين جي ته وفاقي حڪومت ڪٽوتي ڪري ڇڏي پر پنجاب ۾ نوان هوائي اڏا ٺاهڻ لاءِ پئسو آهي. ننڍن صوبن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ته پئسو ڪو نه آهي پر سنڌ ۾ نواز ليگ جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي 5 ڪروڙ ڏيڻ لاءِ رات ئي رات ۾ بندوبست ڪيو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه حادثاتي طور نه پر ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد مخصوص ايجنڊا آهي جيڪا هن ملڪ جي مفاد ۾ نه پئي لڳي. اهو ئي سبب آهي ته پاڻ کي وفاق جي علامت سڏرائيندڙ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو هاڻي پنهنجي پنهنجي صوبن جي حقن جي ڳالهه پيا ڪن ۽ هو هاڻي پاڻ کي پنهنجي پنهنجي صوبي جو انقلابي ليڊر ظاهر ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اهڙي صورتحال جو سالن کان سنڌ جي قومپرست سياست ڪندڙن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي ڌڪ جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير واري صورتحال پيدا ٿئي. اهي ڌريون سنڌ پاران ڊيل ڪن جن هميشه اقتدار خاطر وفاق جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سڀاڻي هو اقتدار خاطر وري صوبن جي ڳالهه ڪري ڪاميابي ماڻي وٺن.
سينيٽر سيف الرحمان وارو احتساب بيورو هاڻي ان هٿرادو طور ڀريل 6 نمبر واري ڪارتوس جهڙو ٿي ويو آهي. جنهن ۾ گندرف ته آهي پر ڇرا ناهن. اهو ڪارتوس ڦاٽڻ سان ڌماڪو ته ڪندو پر ان سان شڪار ڪو نه ٿيندو. شرميلا فاروقي واري ڪيس جو ڪارتوس فائر ٿيڻ وارو آهي. هن ڪارتوس ۾ گندرف به آهي ته ڇرا به آهن ڏسون ته ان ڌماڪي سان ڪنهن کي ٿو نقصان رسي؟ چوڻ وارا چون ٿا ته شرميلا فاروقيءَ سان هڪ اهم شخصيت جيڪا فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ان جو شرميلا وٽ ٽيپ آهي جنهن ۾ ان شخصيت هن کي اسلام آباد سڏائي گپ شپ لاءِ چيو آهي ۽ اعتراض جوڳيون فرمائشون ڪيون آهن. ان کانسواءِ محترمه بينظير ڀٽو گلف جي دوري تي ويل آهي جتي هوءَ اي آر واءِ گولڊ جي مالڪ حاجي عبدالرزاق ۽ حسين لوائي سان به ملندي جنهن بعد اهو امڪان آهي ته هو ٻئي اهو بيان ڏيندا ته انهن کي ڪروڙين رپيا رشوت عيوض آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو خلاف واعدي معاف شاهد بڻجڻ لاءِ چيو ويو هو پر هنن انڪار ڪيو ته سندن خلاف احتساب جي نالي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اهي ثبوت آڻي محترمه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ثابت ڪندي ته احتساب بيورو وارا صرف ۽ صرف کيس بدنام ڪري رهيا آهن. محترمه پاڪستان جي ڪنهن عدالت کان آرڊر وٺي پنهنجا پرڏيهه ۾ منجمند ڪيل اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. محترمه اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿي ته احتساب بيورو احتساب جي نالي تي ڍونگ آهي ڇو ته هي حڪومت پنهنجي ڌر وارن خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿي وٺي. ان کانسواءِ محترمه جي گلف واري اڻمندائتي دوري جو مقصد آصف زرداري کي نواز سرڪار کان پرڏيهه علاج جي اجازت ڏيارڻ آهي. سياسي طور محترمه لاهورين کي مڃائي آصف جي علاج جي اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيڻ بعد هوءَ نواز وارن جي انهن عرب دوستن وٽ ويندي، جن جي ڳالهه ٽارڻ سرڪار لاءِ مشڪل هوندو. توقع آهي ته محترمه عرب شيخن جي سفارش بعد آصف جي پرڏيهه علاج ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. هونئن به ڏٺو وڃي ته انساني بنيادن تي اهو هر شخص جو حق آهي ته هن کي علاج ڪرائڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. آصف خلاف ڪرپشن ۽ مال ٺاهڻ جا الزام جنهن شدت سان لڳايا ويا آهن انهن ۾ وڌاءُ ٿو لڳي ڇو ته جيڪڏهن انهن الزامن ۾ گهڻي صداقت هجي ها ته هيستائين ڪو نه ڪو ڪيس حڪومت وارا بيهاري وڃن ها.
(26 مارچ 1998ع)