ڪجهه نواز حڪومت جي بي وفا همدردن بابت!
نئين سيٽ اپ جي قيام کي 36 ڏينهن گذري ويا آهن. اڃا تائين رڳو نواز شريف ۽ غوث علي شاهه خلاف باقاعده ٽرائل شروع ٿيو آهي. اسحاق ڊار، چوڌري نثار ۽ سيد مشاهد حسين خلاف اڃا نه چارجز فريم ٿيون آهن ۽ نه سندن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيو آهي. اقتدار دوران مشاهد، نثار، ڊار ۽ شهباز سان سنگت رکڻ جي شوقينن توڙي ساڻن وفاداري جي بلينڪ پيپر تي وچن ڪندڙ ماڻهو ۽ لاهوري گروپ جا سنڌي عاشق جن ڪالاباغ ڊيم جون برڪتون بيان ڪيون هيون سي به سندن سار نٿا لهن. هنن جي ڪنهن همدرد يا دوست هنن جي حبس بي جا خلاف ڪا پٽيشن ته داخل ڪرڻ پري رهيو پر حمايت ۾ بيان به نه ڏنو آهي. مشاهد پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هتان وارن مون سميت سنڌي صحافين تي بقول هن جي بي تڪا سوال پڇڻ جي ڏوهه ۾ پريس ڪانفرنس ۾ سڏائڻ تي به غير اعلانيه بندش وڌي هئي پر حيدرآباد توڙي ڪراچي مان ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي يارن کي هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ۽ اسلام آباد هوٽل ۾ رهائش ڏئي پريس ڪانفرنس ۾ سڏائيندو هو. انهن دوستن به هن سان ڏکئي وقت ۾ نه رهائي آهي، بهرحال جيڪو ڪجهه به آهي مشاهد توڙي ڊار لاءِ انساني حقن جي تنظيمن پاران آواز اٿارڻ کان اڳ واڳ ڌڻين کي گهرجي ته هو هنن کي عدالت ۾ وڃڻ جو حق ڏين ته سندن نيڪ نامي ٿيندي. گادي واري شهر توڙي زندهه دل لاهور وارا مسلم ليگ جا پيارا صحافي توڙي سياسي ورڪر اڄ مسلم ليگ کان ايئن پري آهن ڄڻ ته هو سندن واقف ئي نه هئا.
ڪالهه هتي پ پ ترجمان جي حوالي سان بيان شايع ٿيو جنهن ڪرپشن ڪيسن ۾ پڪڙيل نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪامورن کي فري ۽ فيئر ٽرائل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن تي اڪثر دوست چون ٿا ته ”ايڪ جيسي آپس مين ڀائي ڀائي هين“ پ پ جي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو لنڊن ۾آهي ۽ اتان ڪافي دفعا رابطا ڪيا ۽ پڇاڙي بيان ڏنا ته مون کان مشورا وٺو. جڏهن کيس ڪو جواب نه مليو ۽ الٽو سري محل واري ڪيس جي تحقيقات شروع ٿي وئي ته هن هارڊ لائين اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 6 مهينا اڳ فوج سميت انٽيليجنس ايجنسين تي مشتمل قومي حڪومت جوڙڻ جا مطالبا ڪندڙ محترمه هاڻي اليڪشن منعقد ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ بابت وڏي پئماني تي مهم هلائڻ لاءِ مشورا پئي ڪري. ڪجهه ڏينهن اڳ جهانگير بدر کي پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جهانگير بدر 5 نومبر 96ع تي پ پ حڪومت جي برطرفي کان پوءِ مظاهرن ۽ جلسن جلوسن ۾ پاسيرو رهندو هو. ايتري قدر جو پارليامينٽ سامهون محترمه جي سربراهي ۾ ڪڍيل ريليءَ تي جڏهن پوليس وارن پٿر وسايا ته 200 ميٽر پري ڪنڊ ۾ بيٺل جهانگير بدر گاڏي جي ايڪسيليٽر تي زور ڏنو هو، خورشيد شاهه، نويد قمر، امين فهيم، رائو سڪندر اقبال، احمد مختار توڙي رضا رباني، اعتزاز احسن ۽ سرحد جي پٺاڻن ملڪ جي سيڪريٽري جنرل لاءِ شاهه محمود قريشي جي حمايت ڪئي هئي ۽ سفارش به ڪئي هئي پر ناهيد خان جهانگير بدر جي حق ۾ هئي. نيٺ ناهيد خان کٽي وئي ۽ جهانگير بدر سيڪريٽري جنرل ٿي ويو.
چيو وڃي ٿو ته پ پ توڙي مسلم ليگ وارا سنجيدگيءَ سان هڪ ٻئي سان رابطي ۽ سهڪار لاءِ سوچين پيا. هنن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ جو مٿن احتساب جو ”وڏ ڦڙو“ وسڻ شروع ٿئي هو گڏجي جدوجهد لاءِ سوچين، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ نواز شريف کي مسلم ليگ مان ڪڍي بيگم عابده حسين يا فخر امام کي ليڊر قرار ڏئي يا وري پير پاڳاري جي سربراهي ۾ پارٽي ٺاهڻ واري پائيپ لائين ۾ پيل آئيڊيا تي ترت عمل ٿي ويندو.
تازو ليفٽيننٽ جنرل (ر) تنوير حسين نقوي جي سربراهي ۾ قومي ادارن جي نئين سر تعمير لاءِ بيورو ٺاهيو ويو آهي. ان بيورو کي ٿنڪ ٽئنڪ جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ اڪثريت فوجي آفيسرن جي آهي. پاڪستان ۾ چين جي مدد سان جيڪا ”الخالد ٽئنڪ“ ٺاهي وئي آهي ان جو باني به جنرل تنوير کي سڏيو ويندو آهي، هو تمام محنتي جنرل آهي. سنڌ جي هڪ گهڻ گهري همراهه کان ملاقات دوران پڇيم ته ”سائين ٿنڪ ٽئنڪ بابت ڇا خيال آهي؟“ ته چيائين ته ”هيءَ ته ٽئنڪ ئي ٽئنڪ آهي. جنرل تنوير نقوي کي الخالد ٽئنڪ جو باني هئڻ جو اعزاز ڀلي هجي پر هي الخالد ٽئنڪ نه پر ٿنڪ ٽئنڪ آهي.“ جنرل تنوير کي سڃاڻيندرن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح هن ڪاميابي سان الخالد ٽئنڪ جي رٿا هلائي اهڙي نموني هو ٿنڪ ٽئنڪ به هلائيندو.
تازو فوجي حڪومت وفاقي سيڪريٽرين کان پنهنجي پنهنجي ڊويزنن ۽ وزارتن جي ڪرپٽ آفيسرن جون لسٽون طلب ڪيون آهن. اڳ گهرو کاتي ليٽر لکيو بعد ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن خط لکيو ته لسٽون ڏيو. پتو پيو آهي ته سڀني وفاقي سيڪريٽرين موڪليل رپورٽن ۾ حيرت انگيز انڪشاف ڪيو آهي ته انهن ادارن ۾ هڪ به ڪرپٽ آفيسر ناهي. هنن جواب ۾ لکيو آهي ته هر آفيسر جي ملڪيت جا تفصيل اسٽيبلشمينٽ وٽ آهن. تنهن ڪري هو چيڪ ڪن ته ڪهڙي آفيسر جي ملڪيت، حيثيت کان وڌيڪ آهي. ڪامورن خلاف بظاهر ته حڪومت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن معرفت ڪارروائي جو ڏيکاءُ ڏنو آهي پر سمورين ڳجهين ايجنسين وٽ جن به سرڪاري آفيسرن جا فائيل آهن. انهن جي اسڪيننگ ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ ٻن هفتن اندر آفيسرن خلاف ڪريڪ ڊائون ماٺ ميٺ ۾ ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي ٿيندو. جيئن اڄڪلهه ڊيفالٽرن خلاف بظاهر ته خاموشي آهي پر اندر ئي اندر هر هڪ ڊيفالٽر جي پويان باهه لڳي پئي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته اوچتو گرفتار ڊيفالٽرن جي جڏهن لسٽ ظاهر ٿي ته فوجي حڪومت جي سست رفتاري واري ڪارڪردگي تي شڪ ظاهر ڪندڙ ماڻهو ساراهه ڪندي ڪندي ٿڪجي پوندا.
جيتوڻيڪ پنجاب توڙي سرحد ۽ بلوچستان هائوسز سنڌ هائوس سان گڏ ئي آهن پر انهن هائوسز ۾ ڪڪڙوڪو لڳي پئي آهي. سنڌ هائوس وسي رهيو آهي، شفقت شاهه ڄاموٽ جو ڪمرو به بڪ آهي پر هو رهي ڪنهن ٻئي جاءِ تي ٿو. سنڌ جي کاتي ۾ وزير ٿيل ڄاموٽ صاحب آمريڪي اسٽائيل جو سنڌي آهي باقي آمريڪا ۾ رهندڙ چاچو يوسف هارون حقيقت ۾ سنڌين ۽ سنڌ لاءِ پريشان آهي. قائداعظم جو ويجهو ساٿي چاچو يوسف هارون 81 سالن جو جوان آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهندي به سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪري ٿو. هن کي سڀ کان وڌيڪ فڪر ته ملڪ جو آهي پر سنڌ لاءِ به اوترو ئي فڪمرند آهي. هو جڏهن 26 سيپٽمبر تي وطن آيو هو ته مون هن ئي ڪالم ۾ لکيو هو ته جيئن ٿر ۾ ٻاٻيهو ٻوليندو آهي ته مينهن وسندو آهي تيئن چاچي جي اچڻ سان پاڪستاني سياست ۾ تبديلي ايندي آهي. سيپٽمبر جي آخر ۾ شايع ٿيل ڪالم بعد 12 آڪتوبر جو واقعو پيش آيو. نواز حڪومت برطرف ٿي جنرل مشرف اقتدار سنڀاليو. چاچو يوسف هارون پاڪستاني سياست جو ٻاٻيهو ثابت ٿي ويو. ان جي به ڪئمپ آفيس سنڌ هائوس ۾ آهي.
ٻن ڏينهن کان ممتاز ڀٽو به سنڌ هائوس ۾ ترسيل آهي. هو بلڪل نجي دوري تي آهي ۽ زينت ڀٽو جي مائٽن جي شادين ۾ شرڪت لاءِ آيو آهي شايد هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو وري لاهور وڃي.
(26 نومبر 1999ع)