پنجن رياستن تي ٻڌل نئون پاڪستان قائم ڪرڻ جو اعلان
ڪالهوڪو ڏينهن مستقبل ۾ تمام وڏي تاريخي ڏينهن طور ليکيو ويندو. ڪالهوڪي ڏينهن گهڻن ماڻهن کي اڄ کان 58 سال ڇهه مهينا ۽ 9 ڏينهن اڳ وارو 23 مارچ 1940ع وارو ڏينهن ياد ڏياري ڇڏيو. 2 آڪٽوبر 98ع ۽ 23 مارچ 1940ع جي هڪجهڙائيءَ بابت مستقبل جي تاريخ جو شاگرد ضرور ڪڏهن لکندو. ڇو ته ٻنهي تاريخي ڏينهن ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ پاڪستان جي قيام جي جيڪا قرارداد پاس ٿي هئي تنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان 5 قومن (سنڌين، بلوچن، پٺاڻن، پنجابين ۽ بنگالين) جي رياستن جي رضاڪاراڻه طور الحاق تي مشتمل ملڪ هوندو. ان پاڪستان جي مرڪز وٽ صرف 3 کاتا هوندا. جن ۾ ناڻو، دفاع ۽ پرڏيهي معاملا شامل آهن. باقي هر صوبو بااختيار هوندو. اڳتي هلي پاڪستان جو اهو بنياد بعد ۾ پنجابي شائونسٽ لابي بدلائي ڇڏيو ۽ منڍ کان وٺي ئي مضبوط مرڪز جي چڪر ۾ پيل رهيا. نيٺ ان لابيءَ پاڪستان جو دلپسند بنياد بڻايو. ڍانچو ٺاهيو ۽ مضبوط مرڪز بڻائي پنهنجا مقصد ماڻيا. انهن پنجن قومن کان پاڪستان ٺاهڻ جو سگنل وٺي بعد ۾ چيو ويو ته ٺهراءُ ۾ پنجن رياستن جو اصطلاح غلطيءَ سان لکجي ويو هو اصل ۾ اهي پنج يونٽ هوندا. ستن سالن بعد پاڪستان ٺهيو ته انهن پنجن قومن ۾ اڪثريت بنگالين جي هئي ۽ بنگالي باقي چئن صوبن کان وڌيڪ اڪثريت ۾ هئا. اها اڪثريت پنجاب جي حڪمران طبقي کي ڀانءِ نه آئي ۽ هنن منڍ کان ئي ون يونٽ ۽ مارشل لا جو سهارو ورتو. نيٺ سندن هٺ ڌرميءَ ڪري 24 سالن بعد هنن ملڪ ٽوڙي بنگالين کي ڌار ڪيو پر سندن اڪثريت قبول نه ڪئي. ان بعد پنجاب ذوالفقار ڀٽو کي اڳتي آڻي پنهنجو ڪم ٽپايو ۽ ان بعد اسان کان جيئرو جاڳندو ورتل ڀٽو لاش جي صورت ۾ واپس ڪيو. وري ساڳئي پنجابي لابي مارشل لا هڻي 11 سال حڪومت ڪئي. آخر ۾ محمد خان جوڻيجو جهڙي حڪومت ڏئي جمهوريت جو لالي پاپ ڏنو. ان بعد بينظير، نواز شريف، وري بينظير ۽ هاڻي وري نواز شريف اقتدار ۾ آندا ويا. بهرحال جيڪو به هو پر عوام جا چونڊيل ماڻهو هئا. انهن مان هڪ کي به آئيني طور مقرر ڪيل پنجن سالن جي مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي. ساڳي پنجابي شائونسٽ لابي حاوي رهي ۽ ضرورت مهل وزيراعظمن کي گهر موڪليندي رهي. هاڻي جڏهن نواز شريف 181 ميمبرن جي حمايت سان اقتدار حاصل ڪيو ته اچڻ سان اٺين ترميم ختم ڪئي ۽ 14هين ترميم هڻي هارس ٽريڊنگ به بند ڪئي پر هاڻي کيس ڊپ آهي ته مارشل لا نه لڳي وڃي. لنڊن جي اخبار آبزرور ۾ شايع ٿيل خبر بعد حڪومت فوج کان اها ترديد ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي ته فوج جو مارشل لا لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي.
اڄ جڏهن اسين 98ع ۾هلون پيا ته هن ملڪ کي قائم ٿئي 51 سال ٿي ويا آهن. ان عرصي ۾ پنجاب جي حڪمران طبقي موج مستيون ڪيون باقي سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان بقول عطاءُ الله مينگل جي ”غلامن وارو سلوڪ روا رکيو.“ شايد اهو ئي سبب هو ته پهرين آڪٽوبر تي عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه اجمل خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ چئني صوبن جي قومپرست جماعتن جي ڪانفرنس سڏائي وئي. ٻه ڏينهن جاري رهڻ بعد اها ڪانفرنس ڪالهه پوري ٿي. پنجاب مان سرائيڪين شرڪت ڪئي ۽ پنجابي نه آيا. ڪانفرنس ۾ 16 ٺهرائن کانسواءِ گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي جو تت 23 مارچ 1940ع ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ جهڙو ئي آهي. جنهن ۾ به پاڪستان کي پنجن قومن جو ملڪ قرار ڏنو ويو آهي جن ۾ سنڌي، بلوچ، پشتون، پنجابي ۽ سرائيڪي آهن. قومن جي انگ ۾ فرق ناهي پر رڳو بنگالين بدران سرائيڪي آهن. اسلام آباد پڌرنامو جيڪو سڀني جي صلاح سان سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي سربراهه يوسف لغاري لکيو سو رسول بخش پليجي پڙهيو. 23 مارچ 40ع وارو ٺهراءُ به انگريزيءَ ۾ هو ۽ 2 آڪٽوبر 98ع وارو ٺهراءُ به انگريزيءَ ۾ آهي. هٿ سان لکيل هن ٺهراءُ جا ڪل 10 صفحا آهن. صحافين کي مليل پڌرنامي ۾ ليڊرن جون صحيحون ناهن. هن پڌرنامي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي سرحدن جي نئين سرجوڙ جڪ ڪئي وڃي. پنج صوبا ٺاهيا وڃن. چار ساڳيا ۽ پنجون سرائيڪي، باقي بلوچستان جي پٺاڻن ۽ بلوچن وچ ۾ حد بندي بعد ۾ ٻنهي جي رضامندي سان طئي ڪئي ويندي. ڪانفرنس ۾ مهاجرن يا ڪنهن ٻئي گروهه جي صوبي جو ذڪر ناهي باقي تقريرن ۾ محمود خان اچڪزئي، عطاءُ الله مينگل، اجمل خٽڪ ۽ ٻين مخالفت ڪندي رسول بخش پليجي جي خدشي تي گارنٽي ڏني ته هو اهڙي ڪنهن به صوبي جي حمايت نه ڪندا پر پڌرنامي ۾ اهڙي گارنٽي شامل ناهي. مهاجر صوبي جي حوالي سان پليجي کي مخاطب ٿيندي اچڪزئي ته ان حد تائين چيو ته سنڌين کي خبردار ٿيڻ گهرجي. هاڻي کان ئي جدوجهد ڪرڻ گهرجي ڇو ته صورتحال خراب آهي. ان کي روڪڻ لاءِ سنڌين کي پاڻ سوچڻو پوندو. مينگل يا اسين سنڌين جي مدد لاءِ لشڪر نه موڪلينداسين پر جيڪڏهن مهاجر صوبي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌين ان خلاف تحريڪ هلائي ته اسين سنڌين جي حق ۾ مظاهرا ڪرائينداسين ۽ بيان ڏينداسين. پليجي جي خدشي وارو نقطو يعني ”مهاجر صوبي“ وارو مسئلو آهي ته پراڻو پر هاڻي جڏهن سڀ گڏجي پنجاب جو ڍينگو ڊاهي سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن ته آئون سال کن اڳ هن ئي ڪالمن جو حوالو ڏيندس جن ۾ مون لکيو هو ته ”اسٽيبلشمينٽ هر موجوده صوبي کي ٻن ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي آهي ۽ مناسب وقت تي هو اهو ڪارڊ سامهون آڻيندا.“ هاڻي جڏهن هن ڪانفرنس جي پڌرنامي کان پوءِ شايد اهو وقت اچي وڃي جو قومپرستن جي جدوجهد کان اڳ اسٽيبلشمينٽ يا نواز شريف، جيڪي ٻڌڻ ۾ به هڪ آهن ۽ ڏسڻ ۾ به، سي اهو ڪارڊ اڳ نه کيڏي ڇڏين، ان معاملي کي به هن تحريڪ وارن کي سامهون رکڻو پوندو.
امداد محمد شاهه جنهن جي والد سائين G.M سيد پاڪستان ٺهرايو، تنهن هڪ ٻئي خدشي ڏانهن به اشارو ڏنو آهي. اهو هي ته ”اسٽيبلشمينٽ قومپرستن سان مذهبي انتها پسندن کي ويڙهائڻ جي سازش ڪندي.“ ان ۾ ڪو شڪ به نه ڀانيو ڇو ته جنهن سچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪالهه 2 آڪٽوبر تي پنجن قومن جي رياستن تي مشتمل نئون پاڪستان قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي تنهن بعد اسلام آبادي ايوانن ۾ بقول اجمل خٽڪ جي ته زلزلو متل آهي. چاهي اهي ايوان راولپنڊيءَ جا هجن يا اسلام آباد جا. هن اجلاس ۾ ڪيل تقريرن جي آڊيو، وڊيو رڪارڊنگ ايجنسين جي سياسي سيل وارن وٺي ڇڏي آهي جنهن کي هو جاچين، ڏسن ۽ ٻڌن پيا. هڪ خدشو اهو به ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ فرقيوارانه فساد ڪرائي في الحال قومپرستن جي تحريڪ جو رخ موڙجي. هڪ وفاق پرست پنجابيءَ ته تبصرو ڪندي ايئن به چيو آهي ته قومپرستن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ تمام وڏي رتوڇاڻ ٿيندي ۽ هڪ دفعو ٻيهر مارشل لا لڳي سگهي ٿي. جنهن بعد هو نئين آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ چونڊ ڪرائي نئون آئين ٺاهيندا جنهن ۾ مڙئي ڪنهن حد تائين حق ڏيندا. جڏهن ته حڪومتي ڌر وارن اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هن تحريڪ جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ته خير ويندي ئي ويندي پر ملڪ ۾ يا ته مارشل لا لڳندو يا وري هندستان حملو ڪندو. بهرحال اهڙا خدشا ئي هن ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جو هڪ حوالي سان اقرار آهن.
ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جا ميزبان پٺاڻ هئا جنهن ڪري هو حاوي به رهيا. مزيدار ڳالهه اها هئي ته هتي فاٽا، بلوچستان ۽ پشاور جا پٺاڻ هڪ ٿي ويا هئا. سندن اها ٻڌي حقيقت ۾ سنڌ بلوچستان ۽ سرائيڪي همراهن لاءِ هڪ نمونو ۽ پيغام هو ته هو به اهڙي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن. انهن علائقن جي ننڍين پارٽين کي به ذاتي اختلاف وساري گڏ ٿيڻ گهرجن. ليڊرن جي انائن، تعصبن ۽ ليڊر شپ واري خُشفهميءَ بدران هن عظيم ڪاز لاءِ گڏجڻ وارو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي.
پڌرنامي تي شايد صحيحون ان ڪري نه ٿيل هيون جو پ پ وارا غائب ٿي ويا هئا. پ پ جو نثار کهڙو جيڪا تقرير ڪري ويو ان ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن مان معلوم ٿئي ته هو ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهين جي نفي يا ٽڪراءَ ۾ ايندڙ موقف رکي ٿو. ڪالهه سڄو ڏينهن پ پ وارا غائب رهيا. ان مان ته لڳي ٿو ته هو شايد هن پڌرنامي تي صحيح به نه ڪن. هڪ قومپرست اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن پ پ وارن صحيح نه ڪئي ته اسين اهو سمجهنداسين ته هنن کي اسٽيبلشمينٽ وري موجوده سسٽم کي بچائڻ جي ڊيوٽي ڏئي ڇڏي آهي.
چڱو ٿيو جو سياڻپ ڪري پڌرنامو انگريزيءَ ۾ آندائون نه ته ٻه درجن ٽانگا پارٽين جا سرائيڪي ليڊر ۽ سنڌ جي ڏيڍ سر واري مسجد جيترين پارٽين جا اڳواڻ چڱو خاصو ڦڏو ڪن ها. بهرحال انگريزيءَ ۾ هوندي به ڪجهه سرائيڪين، حئي بلوچ ۽ ڪجهه سنڌين گوڙ ڪيو. لطيف ٻگهئي پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جي چوڻ تي احتساب جي ڏس ۾ نئون احتساب قانون جوڙي ڦرلٽ ڪندڙ حڪمرانن ۽ ڪامورن جي احتساب لاءِ ٺهراءُ آندو پر سڀني رد ڪيو ۽ چيو ته اوهان هٿ سان حڪمرانن کي موچڙا هڻڻ جو اختيار ٿا ڏيو. ان تي ممتاز به ڪجهه ڪاوڙ ۾ هو ۽ لطيف ٻگهيو به هٻڪيو پئي.
اجمل خٽڪ تقرير دوران چيو ته اسين هاڻي ماٺ ڪري نه ويهنداسين. قومن کي تسليم ڪرائڻ ۽ نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪنهن آڏو جهول نه جهلينداسين پر وڙهي حق وٺنداسين. هن جڏهن قادر مگسيءَ جي تعريف پئي ڪئي ته پليجي کيس مرڪي ڏٺو ۽ ماٺ رهيو. عطاءُ الله مينگل پنهنجي تقرير ۾ فوج ۽ پنجاب کي ٽنهي صوبن سان ٿيل زيادتين جو سڌو ذميوار قرار ڏنو. سڄي سيمينار ۾ سمورن مقررن پوري پنجاب کي نه پر پنجاب جي مخصوص طبقي کي استحصالي قرار ڏئي باقي پنجابي عوام کي معصوم ۽ اٻوجهه سڏيو پر هن 70 کان وڏي عمر واري ڪراڙي چيو ته پنجاب جو عوام به ظالم آهي. ڇو ته هن جن حڪمرانن کي چونڊيو آهي اهي سڀ ظالم رهيا آهن اڄ تائين ڪنهن به حڪمران جو پنجابي عوام گهيراءُ نه ڪيو نه آمر جنرلن کي برو چيو آهي. سندس ان ڳالهه تي جيئي سنڌ وارن ڏاڍيون تاڙيون وڄايون.
ڪالهوڪي ڏينهن اڪثر اڳواڻ ڄڻ ته بور ٿي رهيا هئا. خاص طور ڀائو قمر ڀٽي پنهنجي تقرير بعد بور پئي ٿيو. قمر ڀٽيءَ جي قرباني سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ته باقاعده مڃي ويندي آهي. هن غريب جي پٺن تي اڄ به ڦٽڪن جا نشان آهن پر هو خبر ناهي ته ڇو ڌار پارٽي ٺاهڻ جي سيلاب ۾ لڙهي ويو آهي. قادرمگسي جيڪو ڪنهن وقت گل محمد جکراڻي جو جيئي سنڌ ۾ ڪارڪن هوندو هو سو هاڻي پاڻ ليڊر آهي پر گل محمد جکراڻي سڄي حياتي جيئي سنڌ جو ليڊر رهڻ بعد موٽ واري وهيءَ ۾ فرنٽ ۾ ڪارڪن طور وڃي شامل ٿيو. سدائين کلندڙ هن پراڻي ديشي جيئي سنڌ ڇو ڇڏي؟ ان جو به هڪ داستان آهي جيڪو مناسب وقت تي هنن ڪالمن ۾ لکبو.
(3 - آڪٽوبر 1998ع)