انٽرويو:
جڏهن فوج اسان جي آهي ته اسين فوج کان
پري ڇو رهون؟ اجمل خٽڪ
ڪاوش: اي اين پي سان زندگي جي رفاقت ڪيئن ختم ٿي، هاڻي ڪيئن ٿا محسوس ڪريو، عليحدگي جا سبب ڇا آهن؟
اجمل خٽڪ: افسوس آهي ته ساٿين کان عليحدگي ٿي وئي آهي. نظم ضبط جي خلاف ورزي سبب مون کي ڪڍيو اٿائون. جيڪي الزام هڻن ٿا ان بابت ته انهن کان ئي پڇو باقي منهنجي زندگي کليل ڪتاب جيان آهي. جيڪي ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا انهن الزامن تي يقين نٿا ڪن. مان انهن جو جواب ڏئي پنهنجو وات خراب ڪرڻ نٿو چاهيان، ڇو ته مان قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪريان ٿو.
ڪاوش: اعظم هوتي کي احتساب کان بچائڻ ۽ مشرف ملاقات سبب ته ڪو اختلاف نه هو؟
اجمل خٽڪ: جڏهن اوهان کي خبر به آهي ته پڇو ڇو ٿا؟ جڏهن احتساب سڀني جو ٿئي ٿو ۽ جنهن مال کاڌو آهي ان خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي ته پوءِ ٿيڻ گهرجي. مشرف سان ملاقات بابت ولي خان کي سمورا تفصيل ٻڌايا هئا. هو مطمئن هو رڳو قومي مفاهمت واري معاملي تي هو خوش نه هو. مان وري به چوندس ته جن سان جنم جو ساٿ رهيو انهن کان ڌار ٿيڻ تي خوش ناهيان.
ڪاوش: ملڪ ۾ ايتريون سياسي پارٽيون موجود آهن. سڀني جو لڳ ڀڳ پروگرام ساڳيو آهي، اوهان نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت ڪيئن محسوس ڪئي. اوهان جي پروگرام ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي. ماڻهو اوهان وٽ ڇو اچن؟
اجمل خٽڪ: مون نئين سياسي پارٽي ناهي ٺاهي، جيڪا پارٽي پاڪستان ٺهڻ بعد باچا خان، عبدالصمد خان اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، سائين جي ايم سيد يا شيخ عبدالمجيد سنڌ ۽ پنجاب مان افتخار الدين وارن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي يا جنهن مقصد جي تڪميل جي ضرورت لاءِ نعپ ٺاهي وئي. مون بزرگن جي ان مشن خاطر ان پراڻي پارٽي کي زندهه ڪيو آهي. اڄ جيڪي به پارٽيون موجود آهن. انهن مان هر هڪ اقتدار حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. ڳالهه عوام جي ڀلي جي ڪري ٿي، پر عوام کي ڏنو ڇا اٿائون؟ نعپ تي ڀٽو پابندي هنئي هئي. ان بعد نعپ جي ليڊرن ڌار گروپ ٺاهيا، مان سڀني سان ملندس. لطيف آفريدي اسان جو برخوردار، محمود اچڪزئي منهنجي دوست جو پٽ آهي ۽ ٻچو آهي. عطاءُ الله مينگل پراڻو ساٿي آهي. سائين امداد محمد شاهه به پنهنجو آهي. سندس پٽ جلال شاهه، يوسف لغاري سڀ ساٿي آهن. انهن سان رابطو ڪري نعپ کي وسيع ڪندس. اجمل خٽڪ چيو ته پاڪستان جنهن مقصد لاءِ ٺهيو هو ان جي حصول لاءِ نعپ ٺهي ته قومن جي حقن جو احترام ڪيو هڪ ٻئي جي مفادن جو خيال ڪريو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ڏکئي دور ۾ آهي قومي مفاهمت جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته سائين سان مشورا هلن ٿا. مان ڪو به فيصلو مڙهڻ نٿو چاهيان. نالو به دوستن جي مشوري سان طئه ڪيو آهي ۽ عهديدار به مشوري سان مڪمل ڪندس. اسان جو پروگرام سماجي انصاف، عوامي بهتري، قومن جا حق تسليم ڪرڻ، تنگ نظري ختم ڪرڻ، غير جمهوري روايتن جو خاتمو، حقيقي جمهوريت جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. وچ ۾ ڪاوش جي سوال تي هن چيو ته نعرن سان پارٽيون نه هلنديون آهن. اسان جي پارٽي توڙي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو ڪردار سڀني کان مختلف آهي. اسين پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا.
ڪاوش: خٽڪ صاحب اوهان جي سياسي زندگي تي نظر وجهبي ته نظرياتي طور تي اوهان سياسي زندگيءَ ۾ 3 دفعا يو ٽرن (U-Trun) ورتو آهي. شروع ۾ اوهين ڪميونزم جا پرچارڪ هئا بعد ۾ قومپرستيءَ جا علمبردار ٿيا ۽ هاڻي وفاقيت واري نظريي جا حمايتي ٿيا آهيو، ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي، نظرياتي طور 3 وڏيون تبديليون ڪيئن آيون؟
اجمل خٽڪ: ڪاوڙ ۾ مون نظريو نه بدلايو آهي. لفظن ۾ نه ڦاسايو، اوهان سنڌ وارا ته منهنجا پنهنجا آهيو مون کي تنگ ڪرڻ ته نه آيا آهيو. سڀ ماڻهو چون ٿا ته خٽڪ سڄي حياتيءَ ۾ نظرياتي ماڻهو رهيو ڪڏهن به نظريو نه بدلايو، اوهين آهيو جو ابتي ڳالهه ٿا ڪريو ڪمال آهي.
ڪاوش: سائين اسان اوهان جي راءِ معلوم ڪرڻ پئي چاهي، چيڙائڻ نه آيا آهيون؟
اجمل خٽڪ: مون نظريو ناهي بدلايو، منهنجي مقصد ۾ به تبديلي نه آئي آهي. بنياد ۽ مقصد سياسي جدوجهد جو ساڳيو آهي. ٺيڪ آهي سياسي سائنسي ٻولي ۾ ڪميونزم، نيشنل ازم ۽ فيڊرل ازم جي ڌار ڌار تشريح آهي. مان انهي لفظي فرق ۾ نٿو پوان. منڍ کان وٺي مان ان نظريي جو حامي آهيان ته پٺاڻن جي به انهن مفادن جي حمايت نه ڪندس جن سان سنڌين يا پنجابين جي مفادن جي حق تلفي ٿيندي هجي. مان چاهيان ٿو ته سنڌي، پٺاڻ،پنجابي، بلوچ يا سرائيڪي اهڙن حقن جي ڳالهه نه ڪن جن سان سنڌين پٺاڻ ۽ سرائيڪين ۽ پنجابين کي حق ملن.
ڪاوش: بنگالين جهڙا حق! پوءِ قومي مفاهمت ڪيئن ٿي؟
اجمل خٽڪ: مان رڳو حقن جي ڳالهه ٿو ڪريان ٻيو مقصد نه وٺو.
ڪاوش: جيڪڏهن رڳو حقن جي ڳالهه آهي ۽ انهن قومن جي برابري جي حقن جو مسئلو آهي ته ان لاءِ ته پونم موجود آهي، ڇا اوهين پونم ۾ شامل ٿيندا؟
اجمل خٽڪ: پونم منهنجو ٻچو آهي. مان ان کان ڌار ناهيان، پونم ۾ شامل ڇو ٿيان. مان ته پونم وارن کي ئي نعپ ۾ آڻيندس. نعپ پونم وارن جي آهي، اي اين پي جي ڊسپلين سبب پونم کان پري ڪيو ويو. جيڪو ڪجهه پونم ليڊرن جي ذهن ۾ آهي اهو سڀ ڪجهه نعپ ۾ آهي.
ڪاوش: اوهين نعپ جو تنظيمي ڍانچو ڪڏهن مڪمل ڪندا. ان لاءِ ڪو ٽائيم فريم ذهن ۾ ٺاهيو اٿوَ يا....؟
اجمل خٽڪ: مان پاڪستان جي سمورن سياسي، مذهبي ۽ قومپرست اڳواڻن سان ملندس. سڀني جمهوريت پسندن کي چوندس ته گڏ ٿيو. قومي معاملن تي نعپ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت به ڏيندس. ساڻن مشورا ڪري پوءِ ڍانچو جوڙبو. منهنجي ذهن ۾ ڪا ڊيڊ لائين ناهي.
ڪاوش: هيستائين ڪنهن سان رابطا ٿيا آهن؟
اجمل خٽڪ: سڀني سان رابطا آهن. نالا ڪنهن جا نه کڻدس. سڀني جا نالا نٿو ٻڌائي سگهان. اهڙن اهڙن ماڻهن رابطا ڪيا آهن، جو اوهين حيران ٿي ويندا. جن جا نالا رهجي ويندا اهي ڏک ڪندا. جلد اوهين ڏسندا ته اسين صوبائي تنظيم جو اعلان به ڪنداسين. ماڻهو مون سان پاڻ رابطا ڪن پيا. اي اين پي جا ڪارڪن مون سان گڏ آهن. اڪثر ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اهم ماڻهو به اسان سان رابطي ۾ آهن.
ڪاوش: سائين مشرف ملاقات بعد اوهان جي اي اين پي کان عليحدگي ۽ نعپ ٺاهڻ بابت عوام ۾ تاثر اهو آهي ته اوهين مشرف جي مدد سان ٿرڊ فورس جي ضرورت پوري ڪندا ۽ فوجي حڪومت جي بي ٽيم طور مدد ڪندا.؟
اجمل خٽڪ: ڪير ٿو چوي! ماڻهو الزام هڻن ٿا ته مان ڇا چوان! کلندي مان پنهنجو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو. الزامن هڻڻ وارن جي الزامن جو نه جواب ڏيندس نه ان سبب مايوس ٿي ماٺ ڪندس. منهنجي ساٿين کي منهنجي خبر آهي ته مان ڇا آهيان. مان دنيا جي وڏن حاڪمن کان ڪجهه نه ورتو ملنگ ٿي موٽي آيس ته مشرف کان هن عمر ۾ ڇا وٺندس.
ڪاوش: منهنجو مقصد اهو نه هو پر سياسي تعاون بابت معلوم ڪرڻ پئي چاهيو؟
اجمل خٽڪ: بي ٽيم اڳ ۾ ڪنهن جي نه رهياسين ته هاڻي ڇو ٿينداسين؟ اهي الزام ته پونم ٺهڻ وقت به لڳا هئا، بهرحال مان ان ۾ پوڻ نٿو گهران.
ڪاوش: جي ڊي اي بابت ڇا خيال آهي. ڇا اوهين جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندا؟
اجمل خٽڪ: مان جي ڊي اي کي مڃان ئي نه ٿو. هو جهيڙي جي ڳالهه ٿا ڪن مان مفاهمت جي ڳالهه ٿو ڪريان. جي ڊي اي ڇا آهي؟ ان معاملي تي ته ولي خان به ناراض ٿيو ته جي ڊي اي خلاف نه ڳالهاءِ. سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته نعپ کي جي ڊي اي ۾ شامل ڪريون.
ڪاوش: ڪالاباغ ڊيم بابت اوهان جو هاڻي موقف ڇا آهي؟
اجمل خٽڪ: ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو، اوهين مون کي چيڙائڻ آيا آهيو يا تنگ ڪرڻ. مون چيو ته مان قومي مفاهمت جي ڳالهه ٿو ڪريان، تڪراري معاملي بابت نه پڇو. مان قومي مسئلن تي اتفاق راءِ چاهيان ٿو. مان نٿو چاهيان ته پنجاب جو نقصان ٿئي ۽ سرحد جو فائدو ٿئي.
ڪاوش: اسان جو مقصد اوهان کي تنگ ڪرڻ نه، پر اهو معلوم ڪرڻ آهي ته اوهان معاملن کي ڪالهه ڪيئن ڏٺو، اڄ ڪيئن ٿا ڏسو. (کلندي) اوهان گرم نه ٿيو. اسين ته اهو پيا چئون ته ڪالهه سينيٽ ۾ تقريرون ڪندي اوهان چوندا هئا ته ڪالاباغ ڊيم پٺاڻن جي لاشن تي ٺهندو اهو ملڪي سالميت لاءِ خطرو آهي. اڄ ڇا موقف آهي؟
اجمل خٽڪ: مون جيڪو ڪالهه چيو اهو ڪالهه هو، مفاهمت جي نعري بعد منهنجي ذاتي راءِ ختم ٿي وئي آهي. بس ايترو چوندس ته هر هڪ قوم ٻئي قوم جي مفادن جو احترام ڪري. پنهنجي مفادن لاءِ ٻين جو نقصان نه ڪريو. مان مفاهمت ٿو ڪرائڻ چاهيان.
ڪاوش: اوهين هر هر قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪريو ٿا. آخر ڪهڙن معاملن تي مفاهمت چاهيو ٿا. ايشوز ڪهڙا آهن؟
اجمل خٽڪ: مان چاهيان ٿو ته ملڪ جا سڀ فيصلا قومي اتفاق راءِ سان ٿين. ملڪي سطح تي مفاهمتي ڪائونسل ٺاهي وڃي، جنهن ۾ فوج به هجي، سياستدان به هجن. سڀ گڏجي فيصلو ڪن. عالم دين، مذهبي اڳواڻ، سڀني کي نمائندگي ملڻ گهرجي. مان پاڪستان کي ٽڪڙا ٽڪڙا نٿو ڪرڻ گهران. مضبوط ڪرڻ چاهيان ٿو. انصاف ڀرئي معاشري جو قيام برابر جي بنياد تي سڀني جو احترام ۽ مفادن جو خيال ڪيو وڃي. قومي مفاهمتي ڪائونسل هوندي ته ايئن ٿيندو.
ڪاوش: سنڌ جا قومپرست الزام هڻندا آهن. خود سائين جي ايم سيد به چوندو هو ته جن مقصدن لاءِ پاڪستان ٺهيو بعد ۾ ان تان ڦري ويا ۽ اسٽيبلشمينٽ سدائين پاڪستان جي نالي تي پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ ٻين جو استحصال ڪيو؟
اجمل خٽڪ: بابا اها ڳالهه ته اسين به چئون ٿا ته مستقبل ۾ ان کي روڪڻ لاءِ قومي مفاهمت ڪائونسل ٺاهيو. جيڪا چيڪ رکي. سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺاهڻ وارن مان هو. مان به چوان ٿو ته جنهن مقصد لاءِ پاڪستان ٺهيو ان تي هلائڻ لاءِ نعپ ٺاهي آهي. هيستائين فوج کي نظر انداز ڪيو ويو. مان چوان ٿو ته فوج کي به ڪائونسل ۾ شامل ڪجي ڏنڊو ۽ طاقت فوج وٽ آهي. انهن کانسواءِ ڪائونسل بي معنيٰ ٿيندي. اڄ جيڪڏهن سياستدان هڪ نقطي تي اتفاق ڪن ۽ فوج نه ڪري ته ڇا ٿيندو؟ جهيڙو ٿيندو نه، ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ مان تڏهن چوان ٿو ته فوج کي به شامل ڪريو. مان پاڻ کي فوج جو نمائندو نٿو سمجهان. مان عوام ۽ سياستدانن جو نمائندو آهيان. اڄ ملڪ خطرناڪ حالتن مان گذري پيو. سرحدن جي صورتحال خراب آهي. ملڪ ۾ اندروني طور افراتفري ان ماحول کي وڌيڪ خراب ڪندي. ان ڪري هن وقت سخت ضرورت مفاهمت جي آهي. هن چيو ته موجوده خطرناڪ صورتحال ۾ به قومي مفاهمت نه ٿي ته ملڪ به نه رهندو. مان اپيل ٿو ڪريان سڀني کي. اي سنڌيو، اي پنجابيو، اي پٺاڻو، بلوچو گڏ ٿيو. ملڪ کي سخت خطرو آهي، قومي مفاهمت جي سخت ضرورت آهي.
ڪاوش: خٽڪ صاحب! سنڌ جي سياسي ڌرين خاص ڪري قومپرستن جو خيال اهو آهي ته پاڪستان کي برابري جي بنياد تي هلائڻ هڪ ٻئي جي مفادن جي احترام ۽ مفاهمت وارن معاملن تي سدائين پنجاب مثبت موٽ نه ڏني آهي. هاڻ ڪيئن ممڪن آهي؟
اجمل خٽڪ: پاڪستان کي بچائڻ لاءِ پنجاب کي مثبت موٽ ڏيڻي پوندي، هاڻي به نه ڏني ته ان جو ڏوهه هنن مٿان هوندو. اسين پنهنجو ته ڪم ڪريون. جيڪو نه ڪندو ان جو ڏوهه ان تي آهي. مان پراميد آهيان ته پنجاب مثبت موٽ ڏيندو، ڇو ته هن مهل ملڪ جي وجود ۽ بقا جو مسئلو آهي.
ڪاوش: اوهين جنهن خطري جو ذڪر ڪريو ٿا. ان ۾ ڇا اوهان کي پاڪ ڀارت جنگ جو خطرو به محسوس ٿئي ٿو؟
اجمل خٽڪ: بلڪل، هندستان پاڪستان جي جنگ جو وڏو خطرو ۽ خدشو موجود آهي. پاڪستان سياسي، سماجي امن امان، فرقيواريت،دهشتگردي، مطلب ته اندروني طور تمام گهڻن مسئلن جو شڪار آهي.
ڪاوش: سائين اڄ تائين اوهان جي سياست جو محور عوام هو ۽ سدائين چوندا هئا ته ”عوام طاقت جو سرچشمو آهي“ هاڻي چئو ٿا ته فوج طاقتور آهي، ان کانسواءِ مسئلا حل نه ٿيندا؟
اجمل خٽڪ: اوهين برخوردار تنگ ڇو ٿا ڪريو. مون ڪڏهن انڪار ڪيو ته عوام طاقت جو سرچشمو ناهي. عوام وٽ به طاقت آهي. فوج جي طاقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. ٻنهي قوتن کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪاوش: منهنجي معلومات موجب ته دنيا ۾ ڪڏهن به ڪٿي به فوج سماجي انصاف ۽ جمهوريت واري معاشري جو قيام عمل ۾ نه آندو آهي. پاڪستان ۾ ايئن ٿيو ته اهو معجزو هوندو. اوهين ڪيئن ٿا سمجهو؟
اجمل خٽڪ: مان وسيع بنياد تي سوچيان ٿو. فوج به اسان جي آهي. ان کان پري ڇو رهان. ان جي طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. اڄ سياسي قوتون حالتن مطابق ڪردارا دا ڪن فوج نه مڃو ۽ سڀاڻي ڪجهه به ٿيو ته ڏوهه فوج جو هوندو، سياستدانن تي الزام نه لڳندو.!
ڪاوش: ڇا اهو سمجهيو وڃي ته جنرل مشرف سان ملاقات بعد اوهين فوج ۽ سياستدانن يا عوام ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڀرڻ جي ڪوشش پياڪريو ۽ ان ڏس ۾ اوهان کي جنرل مشرف جي حمايت ۽ مرضي حاصل آهي؟
اجمل خٽڪ: مان سياستدانن جو نمائندو آهيان. مون کي مشرف جي مرضي سان ڇا وڃي. اوهان ڪهڙيون عجيب ڳالهيون ٿا ڪريو. مون سڄي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان سياست ڪئي. اڳ ۾ ڪنهن جرنيل جي مرضي نه مڃي آهي ته هاڻي ڪيئن مڃيندس. مان اهو ٿو چوان ته ماضي کي ڀلجي وڃو. فوج ڇا ڪيو يا سياستدانن ڇا ڪيو. نئين صديءَ ۾ نئين شروعات ڪريو. ملڪ جي وسيع تر مفاد ۽ قومي مفاهمت لاءِ اختلاف ۽ اعتراض ختم ڪيا وڃن. مان بينظير ڀٽو، جتوئي، پاڳاري، مسلم ليگ سميت سڀني سان ملندس. فوج سان منهنجو ڪو تعلق ناهي.
ڪاوش: اوهان جي مفاهمتي سياستدانن سان ملڻ بعد اوهان کي مشرف سان ڳالهائڻو پوندو.؟
اجمل خٽڪ: اڳ ۾ سياستدان ته متفق ٿين پوءِ مشرف سان ڳالهائبو. اڳ ۾ رابطا مڪمل ڪبا. اتفاق راءِ لاءِ راهه هموار ڪندس، بعد ۾ ڪانفرنس گهرائبي ۽ ان بعد مشرف سان ڳالهائيندس ته هاڻي اوهين ڇا ٿا چئو. مان چاهيان ٿو ته فوج سپريم ڪورٽ پاران ڏنل مدت کان پوءِ اقتدار ۾ نه رهي. مفاهمت تيستائين هوندي پوءِ اليڪشن ٿيندي. نعپ به حصو وٺندي. جيڪو کٽندو اقتدار ان کي ملندو. مان چاهيان ٿو ته سياستدان سڀ گڏجي اتفاق راءِ ڪن ته سپريم ڪورٽ پاران ڏنل مدت کان فوج تجاوز نه ڪري ان لاءِ مفاهمت پيدا ٿئي.
ڪاوش: سائين! اڄڪلهه جنرل مشرف اختيارن جي عدم مرڪزيت ۽ ضلعي حڪومتن جي قيام جو جيڪو فارمولا ڏنو آهي، ان جي اوهين حمايت ڪريو ٿا؟
اجمل خٽڪ: ڳالهه سٺي آهي. پر ان جي شڪل ڪهڙي ٿيندي. ان بابت ڪجهه به نه چوندس. ڇو ته مان ڪا ذاتي راءِ ظاهر ڪري پاڻ کي تڪراري نٿو بڻائڻ گهران.
ڪاوش: جيڪو ڪجهه مشرف حڪومت ڪري پئي جنهن واٽ تي هلي پئي ڇا ان سان جيڪي خطرا اوهين ڏسو ٿا. اهي ٽري ويندا. ڇا مشرف حڪومت درست طرف ۾ ڪم ڪري پئي؟
اجمل خٽڪ: اڃا تائين مون کي ڪا به ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي پر مشرف ڇا ڪري هو هڪ ڦوڪ سان مسئلا حل ته نٿو ڪري سگهي نه، سياستدانن کي گڏجي اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو صحيح ڪري ٿو ته پوءِ هن سان سهڪار ڪن. هن وقت حڪومت کي به قوم جي سهڪار جي ضرورت آهي.
ڪاوش: اوهان سجاد علي شاهه کي ڪيئن ٿا سمجهو، ڇا هن کي به شامل ڪندا؟
اجمل خٽڪ: سجاد علي شاهه سادو، سچو، ايماندار ماڻهو آهي. مان هن جي ڪهڙي تعريف ڪريان. هو انتهائي ڄاڻو ۽ ڀلو شخص آهي، هن سان رابطو ڪندس. ملاقات به ڪندس هو موزون ترين ماڻهو آهي.
ڪاوش: اوهان ٻين ڪهڙن رٽائرڊ جرنيلن، ججن ۽ ڪامورن سان ملندا؟
اجمل خٽڪ: جنرل ڪرامت ڀلو ماڻهو آهي. حميد گل سان ڪو رابطو ناهي. اصغر خان سان ملاقات ٿي آهي پر هن جي ڌار پارٽي آهي. اسلم بيگ پاڻ رابطا ڪري پيو، هينئر به اوهان جي سامهون فون آيو هو.
ڪاوش: فرض ڪريو اوهين سياستدانن ۾ مفاهمت پيدا ڪريو ٿا ۽ جيڪو فارمولا سياستدان قومي مفاهمت جو ڏيڻ ٿا چاهيو اهو فوج نه مڃي ته پوءِ ڇا ڪندا؟ يا اوهان ان ڏس ۾ مشرف جي مرضي معلوم ڪئي آهي؟
اجمل خٽڪ: مان مشرف جي نه پر پنهنجي مرضيءَ سان هي سڀ ڪجهه ڪريان پيو. سياستدان گڏ ٿين فارمولا ڏين پوءِ مشرف وٽ کڻي ويندس. جيڪڏهن هو نه مڃيندو ته پوءِ اسين سڀ هن خلاف جدوجهد ڪنداسين ۽ قوم کي ٻڌائينداسين ته هي جرنل مفاهمت نٿو چاهي.
ڪاوش: تازو سپريم ڪورٽ ۾ رابطن دوران خالد انور چيو هو ته سموري وفاقي حڪومت جي خرچن کان وڌيڪ بجٽ فوج جي آهي. پوءِ ملڪ کي ڦرڻ قومي دولت لٽڻ جو الزام فوج تي هنيو وڃي ٿو اوهان جو ان بابت ڇا خيال آهي؟
اجمل خٽڪ: توهان مڙو نٿا اڃا، ڇو ٿا مون کي تنگ ڪريو. ان بابت مان چوان ٿو ته ڪير پڇي سگهي ٿو فوج کان. پڇو اوهان هنن کان ته ايترو خرچ ڇو ٿا ڪريو؟ ان لاءِ ئي ته چوان ٿو ته قومي مفاهمتي ڪائونسل ٺاهيو، جيڪا سڀني کان پڇي سگهي.
ڪاوش: توهان بزرگ سياستدان آهيو، توهان کي ڇو تنگ ڪنداسين. مفاهمت بابت آخر ۾ ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙن بنيادن ۽ ايشوز تي مفاهمت چاهيو ٿا؟
اجمل خٽڪ: خدا جي واسطي مان ته سياستدانن کي چوان ٿو ته ملڪي مفاد خاطر مفاهمت لاءِ سوچو. جڏهن مفاهمت پيدا ڪرڻ لاءِ سوچ پيدا ٿيندي ته ايشوز ۽ معاملن جو تعين ڪرڻ بعد جو مسئلو آهي. جيڪو ڏکيو ناهي. سياستدان سڀ متفق ٿين ته 3 سالن جي سپريم ڪورٽ واري مدت بعد شفاف بنيادن تي چونڊون ٿين. فوج تجاوز نه ڪري ۽ پارليامينٽ بحال ٿئي.
(10 جون 2000ع)