هڪ ئي وقت گهڻا محاذ کوليندڙ نواز شريف ۽
ٽن کان پنجن وارو ٽولو
محترمه بينظير ڀٽو جي اوچتو لنڊن جي مختصر دوري تي روانگي بابت گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيتوڻيڪ ڪاوش ۾ شايع ٿيل برگيڊيئر(ر) امتياز جي انٽرويو ۾ انڪشاف ٿيل هو ته محترمه برطانيا وارن کي مستقل رهائش لاءِ درخواست ڏني آهي. جڏهن ڪراچي جي ڪنهن صحافي بينظير کان پريس ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان پڇيو هو ته بي بي بظاهر انڪار ڪندي امتياز جي معلومات کي غلط قرار ڏنو هو. محترمه 13 اپريل تي واپس وطن پهچي رهي آهي ۽ 14 اپريل تي هن کي پيپلزپارٽي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻي آهي.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل جو ڪيس ڏيڍ سال بعد محترمه بينظير ڀٽو، نصير الله بابر ۽ عبدالله شاهه تي داخل ٿي چڪو آهي، جنهن بابت وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو صوبائي مسئلو آهي ۽ انتقامي ڪارروائي ناهي. ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو هر فريادي کي حق آهي. انصاف عدالت ڪندي. پ پ جي نئين سيڪريٽري جنرل احمد مختار ۽ آفتاب شيرپائو الزام هنيو آهي ته مسلم ليگ حڪومت انتقامي ڪاررواين جو آغاز ڪيو آهي. ڏيڍ سال پراڻو ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد بينظير کي سياست مان ڀڄائڻ آهي. اسان اڄ کان 2 سال اڳ جون جيڪڏهن اخبارون کڻي ڏسون ته ميان محمد شريف جي گرفتاري ۽ سندس خلاف داخل ڪيس، نواز شريف خلاف بغاوت سميت هڪ درجن کان وڌيڪ داخل ڪيسن جو جائزو وٺون ۽ ان وقت جي حڪومت (پ پ حڪومت) جي وزيرن جا بيان پڙهون ته اهو پتو پوندو ته هن وقت جيڪو پ پ وارن جو موقف آهي اهو نواز ليگ جو هوندو هو ۽ جيڪو هن وقت نواز حڪومت جو موقف آهي اهو پ پ حڪومت جو موقف هو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪم ساڳيو آهي. حڪومت جنهن جي به هجي پر ڪم ساڳي نوعيت جا ٿين ٿا. اهڙو ڪم ڪير ٿو ڪري؟ ان سوال جو جواب حڪومتي مشينري آهي. حڪومتي مشينري هر دور جي وزيراعظم جي 3 کان 5 ويجهن ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي آهي. جڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته انهن 3 کان 5 ماڻهن جي حلقي ۾ مسعود شريف، احمد صادق، اجلال حيدر زيدي وغيره شامل هئا. جن جو هيڊ آصف زرداري هوندو هو... انهن ماڻهن جي اجازت سان نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري وري واپس وٺي حڪومت جي بدنامي ڪرائي وئي ۽ نواز شريف کي مقبول ڪرايو ويو. خالد گهرڪي کي به انهيءَ ئي مشينري را جو ايجنٽ قرار ڏياريو وغيره. ساڳي طرح اڄڪلهه ساڳي مشينري اهو ئي ڪم پئي ڪري. هن وقت وزيراعظم نواز شريف جي گرد به 3 کان 5 وارو گروپ ٺهي چڪو آهي جنهن ۾ سينيٽر سيف الرحمان. انور زاهد، اسحاق ڊار وغيره شامل آهن. جيڪي هر حوالي سان هر ڪم هلائي رهيا آهن، جن جو هيڊ شهباز شريف ٻڌايو وڃي ٿو.
ٻنهي ڌرين جي ڪم ۾ فرق اهو آهي ته بينظير دور ۾ اهڙين ڪاررواين جي شروعات ڏيڍ سال بعد ٿي پر نواز دور ۾ ان ڪم جي شروعات ڏيڍ مهيني کان پوءِ ئي ٿي ويئي آهي ۽ ان ڏيڍ مهيني جي عرصي ۾ نه صرف ايم اين اي، پر نواز جا ويجها دوست به پريشان آهن ته ٿئي ڇا پيو؟ هڪ فرق اهو به آهي ته پ پ دور ۾ سندن افعالن سبب ميديا وٽ هنن لاءِ سافٽ ڪارنر نه هو پر نواز دور ۾ ساڳي نوعيت جا ڪم شروع ٿيڻ جي باوجود ميڊيا وٽ پ پ بدران نواز ليگ لاءِ ئي سافٽ ڪارنر آهي. ان ۾ اڃا تائين محترمه ۽ سندس ٽيم جو عمل دخل آهي جيڪي ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ بلڪل نااهل ثابت ٿيا آهن. شايد ان جو سبب اهو هجي ته پ پ وارا اڃا پاڻ کي حڪمراني واري ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل سمجهندا هجن.
اقتدار جي ايوانن ۽ سياسي سازشن جي شهر اسلام آباد جي اهم حلقن ۾ اها ڳالهه به بحث جو موضوع بڻيل آهي ته آصف زرداري آزاد ٿي رهيو آهي ۽ بجيٽ کان اڳ هو ٻاهر اچي ويندو. ان ڏس ۾ ابتدائي طور مخدوم امين فهيم ۽ چوڌري شجاعت ۾ 2 ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن. نواز حڪومت جنهن جي وڏي مينڊيٽ واري ڀت بيٺل ئي احتساب جي نعري تي آهي تنهن کي ڊهڻ کان بچائڻ لاءِ شايد اها ڪوشش ٿيندي هجي ته آصف جي ٻاهر اچڻ کان اڳ محترمه کي نشانو بڻايو وڃي، جيئن مڙئي راڳ، هلندو رهي، ڇو ته جنهن ڏينهن احتساب واري بوتل مان نواز حڪومت هٿ ڪڍيو ان ڏينهن سندس زوال، جي ابتدا شروع ٿيندي. آصف خلاف انتها جي ڪوشش جي باوجود حڪومت کي ثبوت هٿ اچي نه سگهيو آهي ۽ حڪومتي ڌر وارن جو چوڻ آهي ته اسان زرداري کي سياڻو ڪو نه سمجهندا هئاسين پر هن ڪم اهڙو ڪيو آهي جو نشان ئي نٿو ملي. هر ڪم زباني ٿيل آهي. اهڙي صورت ۾ حڪومت ڇا ڪري؟ بهتر اهو ئي آهي ته ڪنهن جي معرفت هن تي ٿورو ڪيو وڃي. نواز شريف اهو ٿورو آصف تي ڪرڻ چاهي يا نه پر ڪجهه ڌريون نواز جي 3 کان 5 واري ٽولي معرفت اهو ڪم ڪرائڻ چاهين ٿيون، جيئن نواز شريف کي اخلاقي طور شڪست ڏجي. ڇو ته اليڪشن مهم دوران هر جلسي ۾ نواز شريف اهو چئي ماڻهن کان ووٽ ورتا ته هو سري محل نيلام ڪندو. زرداري کان قومي دولت واپس وٺندو. نواز ليگ جنهن پ پ حڪومت خلاف ڪرپشن جا الزام هڻندي محور آصف کي بڻايو هو ۽ هر اهو ڪم جيڪو هن نه به ڪيو، اهو به سندس کاتي ۾ وڌو هو. ساڳيو زرداري جيڪڏهن نواز حڪومت جي ابتدائي 6 مهينن ۾ باعزت بري ٿي ويو ته نواز حڪومت جي اخلاقي طور حيثيت ڪهڙي رهندي؟ هن وقت اها ڳالهه جيتري معمولي ٿي لڳي، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ بعد ايڏو وڏو طوفان برپا ڪندي جنهن ۾ گهڻو ڪجهه لڙهي ويندو.
مرتضيٰ ڪيس جي حوالي سان ٽربيونل آڏو بيان ڏيڻ جو ڪنهن وقت ۾ ارادو رکندڙ اڳوڻو فوجي ۽ پ پ دور ۾ انٽيليجنس بيورو جو عملدار ميجر (ر) نثار بخاري به اسلام آباد ۾ آهي. مسعود شريف نثار بخاري جو آرمي جي ملازمت ۾ جونيئر هو پر آءِ بي ۾ سندس باس هو. مون کي جڏهن نثار بخاري جي برطرفي واري معاملي جي خبر پئي ته هن سان ملاقات جي ڪوشس ڪيم. هڪ دوست جي معرفت مليس. هن مسعود شريف جي ڪارنامن تان جيڪو پردو کنيو اهي انتهائي خوفناڪ معاملا هئا پر اها ڪچهري آف دي رڪارڊ هئي تنهن ڪري صحافتي بدديانتي ڪرڻ مناسب ناهي. هتي سندس ڪچهري جو مختصر آن رڪارڊ احوال پيش ڪجي ٿو: ”مان (نثار بخاري) پ پ وارن لاءِ نوڪري وڃائي، زندگي برباد ڪئي پر جڏهن هو اقتدار ۾ آيا ته لفٽ ئي نه ڪرايائون. مشڪل سان آءِ بي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڀرتي ڪيائون پر علي سوناري سميت مختلف ماڻهن خلاف ”را“ جي ايجنٽ ۽ ملڪ دشمن هئڻ بابت فائيل تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جن ۾ ڪافي محب وطن ماڻهو به هئا. مون انڪار ڪيو ته هنن نوڪري جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ کان 3 مهينا اڳ بنا اطلاع برطرف ڪري ڇڏيو. مون مرتضيٰ قتل ڪيس جي حوالي سان انٽيليجنس بيورو جي نااهلي بابت ٽربيونل آڏو بيان ڏيڻ لاءِ ٽربيونل کي خط لکيو جيڪو خبر ناهي ان کي مليو يا نه پر مون کي طلب نه ڪيو ويو.“ هٿ اکرن سان لکيل اهو ميجر(ر) نثار بخاري جو خط اڃا اسلام آباد ۾ پيو ڦري جنهن مان خطن جي سينسر ٿيڻ جو پتو پوي ٿو ته ايجنسيون ڪيئن ٿيون خط سينسر ڪن. جڏهن ته آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي اها سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. بهرحال عام شهرين کي ڪير ٿو پڇي. هن ملڪ ۾ ته ججن جا فون به ٽيپ ٿيندا آهن. بقول محترمه جي ته سندس وزارت عظميٰ وارن ڏينهن ۾ هن جا به فون ٽيپ ٿيندا هئا. اڄڪلهه نثار بخاري مرتضيٰ قتل ڪيس جي سلسلي ۾ ٽربيونل آڏو پيش ٿيڻ وارو ارادو مٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو نه آءِ بي خلاف بيان ڏيڻ گهري ٿو ۽ نه وري مسعود شريف يا آصف زرداري خلاف، خاموشي سان زندگي گهارڻ لاءِ سٽون سٽي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ فاطمه ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي گلزار هائوس ۾ ٿيل ملاقات کي 3 هفتن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر ملاقات جي حوالي سان هتان جي حلقن ۾ اڄڪلهه نئين خبر اها بحث هيٺ آهي ته ملاقات دوران فاطمه نصرت ڀٽو سان اڪيلائي ۾ ملڻ چاهيو پئي پر سندس اڪيلائي ۾ ملاقات واري خواهش پوري نه ٿي سگهي. محترمه بينظير ڀٽو ٻنهي ملاقاتن دوران موجود هئي. ان موقعي تي محترمه ۽ فاطمه وچ ۾ فوزيا متعلق به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جيڪا فاطمه جي ماءُ آهي، جنهن تي فاطمه ڪاوڙجندي فوزيا سان ملڻ کان انڪار ڪندي غنويٰ سان گڏ رهڻ بابت پنهنجي پڦي کي چٽو چئي آئي هئي. ٻنهي وچ ۾ ڪجهه گرم سرد ڳالهيون به ٿيون هيون پر وڌيڪ خدا بهتر ٿو چاڻي.
وزيراعظم نواز شريف جي حڪم تي تازو 89 ڪرپٽ آفيسرن کي معطل ۽ 2 کي برطرف ڪيو ويو آهي. معطل ٿيلن کي وضاحت لاءِ اسڪروٽني ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻو آهي جنهن ۾ مجيد ۽ سينيٽر سيف الرحمان به هوندا. اها ڪاميٽي خبر ناهي ڪهڙي معيار هيٺ انهن ڪامورن تي ڪرپٽ يا ايماندار هئڻ جا ٺپا هڻي سرٽيفڪيٽ ڏيندي. آيل خبرن موجب ڪجهه آفيسرن 5 کان 12 ڪروڙ رپيا به پاڻ بچائڻ لاءِ آڇيا آهن ڏسون ته ڪاميٽي ڪهڙو ڪارنامو ٿي سرانجام ڏئي.
ڪرپشن جي الزامن وارن ڪامورن جي لسٽ ٺاهبي ته شايد ئي ڪو بچندو پر پهرين لسٽ ۾ 451 ڪرپٽ ڪامورا شامل هئا. جن مان موجوده حڪومت صرف 91 نالن تي نشان لڳايا، باقي 360 کي ڇڏيو ويو؟ اهو صوابديد ڪنهن استعمال ڪيو؟ يقينن انهن 3 کان 5 واري ٽولي جي همراهن ڪيو هوندو جيڪڏهن اهڙو احتساب ٿيندو رهيو ته پوءِ ان احتساب کي ڪير به احتساب نه پر هر ڪو انتقام سڏيندو. بلوچستان جي گورنر عمران الله کي هٽائڻ ۽ سندس جاءِ تي قائم مقام گورنر مقرر ڪرڻ مسئلي کان وٺي اهم عهدن تي ڪم ڪندڙ صدر لغاري جي سلام دعا وارن همراهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سبب ايوان صدر وارو فضل الاهي جهڙو صدر لغاري موجوده حڪومت لاءِ جيڪو سافٽ ڪارنر هو اهو هن ختم ڪري ڇڏيو آهي يعني اڄڪلهه صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ڪي سٺا تعلقات نه آهن. ڇو ته حڪومت ڄاڻيندي به فخر زمان کي اڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرميني تان هٽائي ڇڏيو. نيشنل بئنڪ جي صدارت تان ابو سعيد اصلاحي کي نه صرف هٽايو پر ڪنهن سبب معطل به ڪيو ويو. مطلب ته ڄاڻي واڻي اهڙا قدم کڻڻ سان صدر لغاري جي دل تي ڇا گذريو هوندو؟ هونئن ته مڙئي خير آهي. کڻي صدر صاحب چپ به ڪري پر نوڪرين مان برطرف ٿيل اهي لوٽا ڪامورا روز ٿا صدر لغاري کي چون ته ”سائين ڪجهه نه ڪجهه ڪر، نه ته هي توکي به لوٽو بڻائي چلتو ڪندا.“ اهڙا جملا ٻڌي ٽي مهينا اڳ تائين واري مڪمل بااختيار رهندڙ صدر جي ڇا حالت هوندي.
اڄڪلهه واقعي جيڪڏهن ڏسبو ته هڪ ئي وقت نواز شريف مختلف محاذن تي جنگ شروع ڪئي آهي بيورو ڪريسي سان، پنهنجي اهم ساٿين ۽ ايم اين ايز کي ڪجهه نه ڏيڻ سبب صدر سان کيس ڪرڻ، سياسي مخالفن خلاف ڪارروايون ڪرڻ، حامي ڌرين سان اچائڻ ۽ آسرا ڏئي ڪم هلائڻ ، نواز شريف کي سمورن محاذن تي ويڙهائيندڙ سندس سڄڻ نٿا ٿي سگهن بهرحال اها هو پاڻ به ڄاڻندو هوندو ۽ ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟
(15 اپريل 1997ع)