۽ هاڻي حاضر آهي هڪ نئين پيشڪش:“اين ڊي اي!”
26 نومبر تي لاهور ۾ ملڪ جي اڪثر وڏين پارٽين جن وٽ 75 سيڪڙو عوامي نمائندگي (ووٽن مطابق) آهي، تن گڏجي نئون اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ نئين اتحاد جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر اجلاس ۾ شريڪ ڌرين جو چوڻ آهي ته نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس (اين ڊي اي) جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”قومي جمهوري اتحاد“ سڏيو ويندو، واري نالي هيٺ جدوجهد ڪئي ويندي. نئين اتحاد بابت چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سڀ اهميت واريون مختلف نظريا رکندڙ ڌريون فوجي راڄ خلاف متحد ٿيون آهن. اهو به قابل ذڪر پهلو آهي ته هي پاڪستان جي تاريخ جو واحد اتحاد آهي جيڪو اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ ان کي ٺهرائڻ بدران ڊاهڻ لاءِ ”اهم ادارا“ سرگرم آهن. هن اتحاد جي مستقبل ۾ ٿيندڙ اثرن جي حوالي سان ٻه رايا آهن: هڪ راءِ اها آهي ته هي بي بي ۽ بابو بچايو اتحاد آهي. بينظير ۽ ڪلثوم نواز مڙس بچايو مهم لاءِ هي اتحاد ڪيو آهي ۽ هي اتحاد مستقبل ۾ اقتدار پاڻ وٽ رکڻ لاءِ بلڪه اقتدار جي حصول جو اتحاد آهي ۽ عوام کي ان مان ڪو فائدو نه ٿيندو. اها راءِ حامد ناصر چٺا، پير پاڳاري، فاروق لغاري، عمران خان، طاهر القادري، قاضي حسين احمد ۽ موجوده سرڪار جي آهي.
ان اتحاد بابت ٻي راءِ اها آهي ته هن اتحاد ۾ شامل ڌرين جي ليڊرن اهو طئي ڪيو آهي ته هو آئنده هڪ ٻئي جا پٽڪا نه لاهيندا، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪندا، هڪٻئي جو احترام ڪندا ۽ آئين جي روح مطابق فوج سميت سمورن رياستي ادارن کي آئين جي طابع رکندا. عدليا جو احترام ڪندا، حقيقي احتساب ڪندا، صوبن کي خودمختياري ڏني ويندي. 40ع جي ٺهراءَ تي عمل ٿيندو. مرڪز 4 کاتا پاڻ وٽ رکي باقي صوبن کي ڏيندو) پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ وارن کي بغاوت جي ڏوهه ۾ سزا ڏيندا، سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندڙن کي فارغ ڪيو ويندو يا پاڻ اقتدار ڇڏي هليا ويندا. وغيره وغيره، بظاهر ته هي هڪ سهانو خواب ٿو لڳي پر ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته هاڻي بابو ۽ بي بي سڀني اهو تسليم ڪيو آهي ته بقول احسن اقبال جي ته سڀ سياسي بلوغت کي پهچي ويا آهن. تنهنڪري هاڻي هو عوام سان ڌوڪو نه ڪندا. جيتوڻيڪ گذريل 50 سالن کان به وڌيڪ سياسي عرصي جي تاريخ سياستدانن جي سهانن خوابن سان ڀريل آهي پر ساڳئي وقت فوجي حاڪمن جي سبز باغن ۽ کير جي ندين وهائڻ جي مثالن سان به مالا مال آهي. غلط يا صحيح، سياستدانن کي وري به ان حوالي سان فوقيت حاصل آهي ڇو ته اهو ڪم انهن جو ئي آهي، تنهنڪري الائي ڇو هنن جي نئين سياسي آرڊر واري خوبصورت خواب تي هڪ دفعو ترس ٿو اچي ته جيڪر انهن جي دام ۾ ڦاسجي ۽ عوام کي آخري دفعو سياستدانن تي رحم ۽ ترس کائي کين همٿائڻ گهرجي.
ان اتحاد بابت چيو وڃي ٿو ته ان جو بنياد وسيع صوبائي خودمختياري تي ٻڌل هوندو. اي اين پي، پونم ۽ ايم ڪيو ايم وارا ڪڏهن به وسيع تر صوبائي خودمختياري ڏيڻ جو لکت ۾ معاهدو ڪرڻ کانسواءِ هن اتحاد جي مقصدن جي حصول لاءِ ٻارڻ نه بڻبا. چيو وڃي ٿو ته بينظير ۽ نواز شريف به ذهني طور تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ته صوبن کي خودمختياري ملڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ٻه ٻه ڀيرا هو ٻئي اقتدار ۾ رهيا آهن. اي اين پي، پونم ۽ ايم ڪيو ايم به اقتدار ۾ رهيا پر نه ڪڏهن بي بي ۽ بابو صوبائي خودمختياري ڏني ۽ نه ئي ”مظلومن“ مطالبو ڪيو. ٻنهي جي ماضين کان واقفيت هوندي به الائي ڇو لڳي ٿو ته هن دفعي ٻنهي خيالن ۽ چالن ۾ حقيقي تبديلي اچڻ جو پڪو گمان ٿئي پيو. ان اتحاد جي مستقبل جي نتيجن جي حوالي سان خيالي تصوير جيڪا ڊرائنگ رومز جي زينت بڻجي رهي آهي. تنهن موجب سيپٽمبر 2001ع ڌاري نئين اتحاد پاران عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪرڻ ۽ نگران قومي حڪومت جي قيام واري مطالبي تي تحريڪ هلندي. جيڪڏهن تحريڪ کانسواءِ معاملا طئي ٿيا، جنهن جو قوي امڪان آهي ته پوءِ تحريڪ جي ضرورت نه پوندي. سيپٽمبر واري ڊيڊ لائين ڏيندڙ چون ٿا ته فطرت جو قانون جيڪڏهن عمل ۾ نه آيو ته پوءِ اها ضرورت پيش ايندي پر جيڪڏهن قانون قدرت عمل ۾ آيو ته صورت سيپٽمبر 2001ع کان اڳ تبديل ٿيندي، جنهن کي اسين وڌيڪ بحث هيٺ نٿا آڻيون.
هوڏانهن نئين اتحاد کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اقتدار ڌڻي به هڪ نئون اتحاد ٺهرائڻ جا خواهشمند آهن. ان کان اڳ مسلم ليگين کي متحد ڪرڻ ضروري آهي. موجوده سياسي تبديلين دوران حسب معمول پير پاڳاري جا دلچسپ بيان به اهو ڏس ڏيندا رهيا آهن ڄڻ هاڻي پير صاحب جو پراڻو پ پ مخالفت وارو دائره ڪار وڌي ليگ تائين ڦهلجي چڪو هجي. 6 مهينا اڳ پير صاحب جي اينٽي پنجاب هجڻ واري روئي کي ذهن ۾ رکندي ڏسجي ته سندس موقف ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙي پاسي ٿو وڃي؟ حڪومت اڄ ڪلهه ڪوشش ۾ آهي ته راجا ظفرالحق، مجيد ملڪ، الاهي بخش ۽ چوڌري نثار علي خان کي شجاعت ليگ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ زور ڀرجي ۽ اهو جلد عين ممڪن به آهي. ان مسلم ليگ ۾ پير پاڳاري، حامد ناصر چٺا، ڪبير واسطي ۽ ڪو ٻيو اهڙو جيڪو گمنام ليگي هوندو تن کي ملائي هڪ جاندار ”هيوي ويٽ مسلم ليگ“ ٺاهي ويندي. جنهن بعد ان ليگ سان قاضي حسين احمد، عمران خان، طاهر القادري ۽ فاروق لغاري جهڙا نيڪ مرد گڏبا ۽ هڪ نئون اتحاد وجود ۾ ايندو. ايندڙ عام چونڊن ۾ اهي ٻئي اتحاد هڪٻئي جي آمهون سامهون ايندا، جيڪڏهن قانون قدرت عمل ۾ نه آيو ته!!
مون هڪ ڀيري آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ اسد دراني جيڪو اڄڪلهه سعودي عرب جو سفير آهي، جو انٽرويو ڪيو ۽ ضياءَ الحق جي قتل (ان وقت هو برگيڊيئر هو ۽ ضياءَ جي قتل جا الزام هن تي به لڳا هئا) بابت سوال پڇيو ته هن چيو ته ”اصل ۾ ادارا سپريم هوندا آهن ۽ فرد سپريم نه هوندا آهن، جيڪڏهن ادارن جي تقدس ۽ احترام خاطر فردن جي قرباني ڏيڻي پوي ته فوجي اصول موجب ان تي عمل ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪجهه قتل اجتماعي ۽ ادارن جي مفاد ۾ هوندا آهن.“ ڪاوش ۾ شايع ٿيل ان انٽرويو ۾ هن اهو ڪو نه چيو هو ته ضياءَ جو قتل بطور فوج اداري جي مفاد ۾ هو پر ان جي جواب ۾ جنرل دراني اصول ٻڌايو هو.
پاڪستان جنهن جو بنياد 40ع وارو ٺهراءُ هو جيڪو هن ملڪ جي سڀني يونٽن کي برابري جي بنياد تي وسيلا مهيا ڪرڻ جو دستاويز هو ۽ پاڪستان جي تخليق جو بنياد هو. ان ۾ جيڪي صوبائي خودمختياري جا اصول ٻڌايل آهن. اهي اصل ۾ قومي خودمختياري جا اصول آهن. جيڪڏهن انهن اصولن پٽاندڙ هي ملڪ هلي ها ته ڪڏهن به جمهوريت يا سياستدانن کي ايڏي شرمندگي کڻڻي نه پوي ها، جيتري اڄ سندن سامهون آهي ۽ نه ئي ان سان اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن ايتري سگهاري ٿئي ها جيتري هاڻي آهي.
(28 نومبر 2000ع)