ذڪر ڀوربن ۾ ٿيل “پاڪستان پريس سيمينار” جو!
برٽش هاءِ ڪميشن، برٽش ڪائونسل جي تعاون سان 19 کان 22 مارچ تائين ”پاڪستان پريس سيمينار“ جي عنوان سان ڀوربن جي پرفضا ماحول ۾ واقع پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جو بنيادي مقصد ميڊيا جي آزادي جي اهميت اجاگر ڪرڻ، پاڪستان جي ميڊيا جي برطانيا سميت دنيا جي آزاد ميڊيا سان ڀيٽ ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ميڊيا ۾ اهميت ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي قيام بعد ميڊيا جي صورتحال تي بحث ڪرڻ وغيره ڄاڻايو ويو. جيتوڻيڪ ملڪ جي مختلف ۽ اڪثر حصن ۾ گرمي جي مند اچي رهي آهي پر پوءِ به اسلام آباد کان 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڀوربن ۽ مريءَ جي پهاڙن تي اڃا برف ڄميل آهي جنهن ڪري موسم ٿڌي آهي. 19هين مارچ تي شام جو برٽش ڪائونسل جي آفيس کان 5 وڳي شام جو روانگي ٿي. پوڻن ٻن ڪلاڪن بعد ڀوربن پهتاسين. ڊنر کانپوءِ 30 سالن جو صحافتي تجربو رکندڙ بل ڪرڪ مين (Bill kirkman) جيڪو وولفسن ڪاليج پريس فيلوشپ پروگرام جو 1982ع کان 1996ع تائين باني ڊائريڪٽر رهيو ۽ اڄڪلهه ڪيمبرج سوسائٽي جي سيڪريٽري هئڻ سان گڏ ڪيمبرج ميگزين جو ايڊيٽر به آهي تنهن ”سٺو صحافي ڪيئن ٿجي؟“ واري موضوع تي ليڪچر ڏنو. هن جو چوڻ هو ته سٺو صحافي ٿيڻ لاءِ غير متعصب، غير جانبدار، ايماندار ۽ ساک وارو هئڻ ضروري آهي. 20 مارچ تي صبح جو 9 وڳي سيشن شروع ٿيو. جنهن ۾ ماحولياتي ماهر جهان آرا معين ”ماحوليات ڪنهن جي ذميواري؟“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنو. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ٽئين دنيا ۾ اڃا ماڻهو پيٽ جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن ۽ هو ماحولياتي مسئلن بابت گهٽ سوچين پيا پر ان موضوع تي شعور ۽ بيداري ضرور پيدا ٿي رهي آهي. عام بحث دوران مون منڇر ڍنڍ جو مسئلو اٿاريو ۽ چيو ته آر بي او ڊي جو کارو ۽ زهريلو پاڻي ڍنڍ ۾ وڃڻ ڪري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ تباهه ٿي رهي آهي جنهن سبب ڪيترين پيڙهين کان ڍنڍ جي ڪناري آباد ملاحن جي روزي جو ذريعو ختم پيو ٿئي، آبي جيوت لاءِ خطرو وڌي ويو آهي، نه حڪومت ٿي ڌيان ڏئي ۽ نه اين جي اوز، جهان آرا چيو ته واقعي اهو وڏو مسئلو آهي. ان لاءِ اسين معقول پليٽ فارم تان مهم هلائينداسين. ماحوليات واري معاملي تي بحث دوران جهان آرا معين شڪايت ڪئي ته ميڊيا ان معاملي کي اهميت نه ٿي ڏئي. ڪوريج گهٽ ٿي ڏني وڃي. هن جو موقف هو ته ماحولياتي مسئلن بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ميڊيا کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي يا جيڪا ميڊيا جي ذميواري آهي اها پوري نه پئي ڪئي وڃي.
ماحوليات واري معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيمبرج يونيورسٽي جي انٽرنيشنل افيئرز جي ليڪچرر پال ڪارنش (Paul Cornish) جيڪو اڳ ۾ برٽش فوج ۾ ڪيپٽن هو ۽ استعيفا ڏئي استاد بنجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب به ٿيو هو، تنهن چيو ته مستقبل ۾ ماحوليات جا مسئلا وڌندا اڄ کان تياري جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر سال سمنڊ جي سطح هڪ ملي ميٽر بلند ٿي رهي آهي جنهن سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. بحث ۾ حصو وٺندي پرويز هود ڀائي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو فني معاملي سان گڏ ماحوليات جو به مسئلو آهي. ساڳئي ڏينهن تعليم جي اهميت بابت پروفيسر پرويز هود ڀائي جيڪو قائداعظم يونيورسٽي ۾ فزڪس جو پروفيسر آهي تنهن ۽ بائلاجميل ان موضوع تي تفصلي روشني وڌي. نائلاجميل اڳ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ ڪم ڪندي هئي. هاڻي لاهور ۾ ”اداره تعليم و آگاهي“ نالي پنهنجي اين جي او هلائي رهي آهي. نائلاجميل جو چوڻ هو ته ميڊيا جو معاشري ۾ بهتر توڙي خرابي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم تباهه آهي، 50 سيڪڙو اسڪول وڃڻ جي عمر وارا ٻار اسڪول نٿا وڃن. پنجاب ۾ پاڪ فوج جي تعداد کان وڌيڪ تعليم کاتي جا ملازم آهن پر هو ڪم نٿا ڪن. سرڪاري اسڪولن جو حال خراب آهي. هن چيو ته ايچي سن ڪاليج لاهور ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد سرڪاري شعبي جا ادارا هوندي جيڪڏهن سٺي ڪارڪردگي ڏئي سگهن ٿا ته ٻيا سرڪاري ادارا ڇو نه ٿا ڏين؟ هن ميڊيا تي تنقيد ڪندي چيو ته تعليمي سرگرمين ۽ مسئلن کي ڪوريج نه ٿي ملي. اسان کي گهرجي ته ميٽرڪ پاس ماسترن بدران گريجوئيٽ ماستر ڀرتي ڪيون، نصاب تبديل ڪجي ۽ نصاب جي ٻولي جو وڏو مسئلو آهي تنهن ڪري انهن معاملن بابت راءِ عامه ٺاهڻ ۽ پريشر وجهڻ لاءِ ميڊيا معاشري کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پرويز هود ڀائي چيو ته پاڪستان ايٽم بم ٺاهي ڌماڪا ڪري ڀارت سان برابري قائم رکڻ بدران ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي هن چيو ته آمريڪا ۾ نيو ڪليئر فزڪس ريسرچ جي هڪ اداري ۾ 140 پي ايڇ ڊي هولڊر ڪم ڪن ٿا جن ۾ 14 ڀارتي آهن هڪ به پاڪستاني ناهي. مائيڪرو سافٽ بزنس ۾ 30 سيڪڙو ڀارت جو حصو آهي. پاڪستان سافٽ ويئر جي بزنس مان هر سال 2 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ٿو پر ڀارت 50 ارب ڊالر ڪمائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 91ع دوران 60 سيڪڙو ٻار اسڪول ويندا هئا ۽ 98ع ۾ اهو تعداد گهٽ ٿي 58 سيڪڙو ٿيو آهي. پاڪستان ۾ انٽر جي شاگرد کي سائنس جي جيتري ڄاڻ آهي، جاپان جي 6هين درجي واري شاگرد کي ان کان وڌيڪ آهي. اسان جو تعليمي نظام ۽ نصاب فرسوده آهن. هن چيو ته ٽيڪسٽ بڪ مافيا نصاب جي تبديلي ۾ رڪاوٽ آهي. پرويز هود ڀائي فيڊرل انٽرميڊيٽ بورڊ جو هڪ صفحي وارو امتحاني پيپر ڏيکاريو جنهن ۾ 46 غلطين جي نشاندهي ٿيل هئي. هن چيو ته جڏهن استادن جو اهو حال آهي ته شاگردن جو ڇا هوندو؟ بل ڪرڪ مين چيو ته ميڊيا جو رول تعليم جي ميدان ۾ به اهم آهي. لنڊن جي اخبارن فناشنل پوسٽ ۽ ٽائمز وانگر پاڪستاني اخبارن کي به تعليم بابت خصوصي صفحا شايع ڪرڻ گهرجن. ٽيڪسٽ بڪ پاليسي ڊي سينٽر لائيز هئڻ گهرجي. نصاب اپ ڊيٽ هجي ۽ ان لاءِ ميديا کي پريشر گروپ جو ڪم ڪرڻ کپي. هڪ سوال تي پرويز هود ڀائي چيو ته نيوي جي بدين ۾ تباهه ٿيل اينٽلانٽا جهاز جي قيمت مان پاڪستان جي 22 يونيورسٽين جو ٻن سالن جو خرچ پورو ٿي سگهي ٿو پر بدقسمتي سان اسان جا حاڪم ڌيان نٿا ڏين. هن چيو ته امتحان پرائيويٽ فرمز کي وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. استادن جي تربيت لاءِ نجي شعبي کي اهميت ڏيو، استاد پي ٽي سي وغيره جي ڊگري پئسن تي وٺن ٿا. مون پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ مختلف ٻولين ۾ تعليم سبب تعليمي معيار گهٽ ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ ته پي ايڇ ڊي به سنڌي ٻولي ۾ ڪرڻ جي اجازت آهي يعني نصاب سنڌي ۾ آهي. دنيا ۾ ترقي جي ٻولي انگريزي آهي ڇو ته ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي ٻولي انگريزي آهي ان ڪري اسان کي مڊل تائين مادري ٻولي يا اردو ۾ تعليم ملڻ گهرجي ان بعد هر قسم جو نصاب انگريزي ۾ هجي ان کانسواءِ ترقي نه ٿيندي. ان تي پرويز هود ڀائي ۽ نائلا جميل کانسواءِ بل ڪرڪ مين ۽ پال ڪارنش به ان تجويز جي حمايت ڪئي.
سيمينار ۾ 30 صحافي پوري ملڪ مان شرڪت ڪري رهيا هئا جن ۾ سنڌي اخبارن مان 2 ڄڻا هئاسين. هڪ مان ۽ ٻيو قاضي اسد عابد، قاضي اسد چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ميڊيا جو ڪردار اهم آهي ۽ ڪنهن حد تائين ميڊيا ڪردار ادا به ڪري پئي. هن ڪالاباغ ڊيم بابت چيو ته ان مسئلي تي سنڌي پريس اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر اردو ۽ انگريزي پريس جو موقف غيرجانبدارنه رهيو آهي. هر هڪ لکندڙ ڌار انگ اکر ڏنا آهن ۽ اهو مسئلو تڪراري رهيو آهي. ان بعد مانجهاندو ٿيو ۽ واڪ جو اهتمام به ڪيو ويو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته اسان جڏهن ماحوليات بابت بحث پورو ڪيو ته هڪ مقامي صحافي ٻڌايو ته ڀوربن جي جنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ اسين ويٺا آهيون اهو خود هتان جي مقامي آبادي لاءِ وڏو ماحولياتي مسئلو آهي ڇو ته هوٽل مٿي ٽڪري تي آهي ۽ آبادي هيٺ آهي. هوٽل جي گٽرن جو ڪنو پاڻي هيٺ آبادي ۾ وڃي ٿو جنهن سبب گندگي ۽ بدبوءِ کانسواءِ بيمارين جو به وڏو سبب بڻجي ٿو. 20 مارچ واري ڏينهن شام جو سيشن ۾ مان شريڪ نه ٿيس ڇو ته واپس اسلام آباد اچي ڪم ڪرڻو هو.
21 مارچ تي صبح جو 9 وڳي ”علائقائي تعاون، پاڪستان ۽ ان جا پاڙيسري“ جي عنوان تي پال ڪارنش، بل ڪرڪ مين ۽ ليفٽيننٽ جنرل(ر) طلعت مسعود ڳالهايو. ٻنهي انگريزن جو موقف هو ته پاڪستان کي ڪشمير ۾ مداخلت نه ڪرڻ کپي. ڪشميري ويڙهاڪن جي مدد بند ڪرڻ گهرجي. ڀارت سان سهڪار وڌائي، واپاري ناتا قائم ڪري امن ۽ سلامتي لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جنهن تي پاڪستاني صحافين ڀرپور تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي. ڀارت ظلم پيو ڪري، ڪشميرين جون عزتون لٽي قتل عام پيو ڪري پر مغربي دنيا خاموش آهي. مغربي دنيا جو اهو ڊبل اسٽينڊرڊ آهي. ڪشمير تي جذباتي صحافين مقررن کان ڊگهيون تقريرون ڪيون ته وقت پورو ٿيڻ تي هو. مون ڳالهائڻ چاهيو پر پروگرام هلائيندڙ بل ڪرڪ مين چيو ته نه وقت ناهي. مون چٽ لکي هن کي ڏني جنهن ۾ لکيم ته ”ڪشمير مسئلي جا ذميوار اوهين برطانيا وارا آهيو ڇو ته 1947ع ۾ ويندي ويندي اوهان برطانوي اهڙي علائقائي ورڇ ڪري ويا جو ڪشمير ڀارت کي ڏئي ويا ۽ مسئلو پاڪستان جي ڳچي ۾ پئجي ويو. تنهنڪري هاڻي اوهان جو فرض آهي ته ساڳيو ”ڪشمير مسئلو“ حل به اوهين برطانيا وارا ڪرايو.“ بل ڪرڪ مين جڏهن اها چٽ پڙهي ٻڌائي ته ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ ڪنهن آواز ڏنو ته اها حقيقت آهي. جنرل طلعت جيڪو ڪولمبو واري سيمنار ۾ به اسان سان گڏ هو تنهن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جو جيڪو طريقو ۽ پاليسي آهي اها غلط آهي ان سان ڪڏهن به مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته افغان پاليسي به پاڪستان جي غلط آهي ڇا ڏنو آهي افغان پاليسي اسان کي؟ افغان ۽ ڪشمير پاليسي پاڪستان کي تبديل ڪرڻ گهرجي. هڪ رٽائرڊ جنرل جي اهڙي موقف تي انگريز ماهر ته خوش هئا پر پاڪستاني صحافي وٽ سٽ کائي رهيا هئا پر وقت ختم ٿيڻ ڪري اهو سيشن پورو ٿيو ۽ چانهه جو وقفو ٿيو. بل ڪرڪ مين آيو ۽ چيو ته تو واري چٺي ڏاڍي سٺي هئي. مون چيو مهرباني. مون هن کان پڇيو ته اوهان پهرين ڏينهن سٺي صحافي هئڻ بابت ليڪچر ڏنو هو، هاڻي ٻڌايو ته ڪشمير مسئلي تي بحث بعد اوهان کي ڪيئن لڳو؟ مون کيس چيو ته اوهان هندستان جي وڏي ۾ وڏي انگريزي اخبار هندو ۾ ڪالم لکندا آهيو ۽ نئين دهلي ۾ به هن قسم جا سيمينار ڪيا آهن. ڪيئن تجربو رهيو خاص ڪري ڪشمير مسئلي تي، پاڪستان ۽ هندستاني صحافين جي ڪردار ۽ موقف بابت اوهان جو ڇا رايو آهي؟ بل ڪرڪ مين ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته ”ڪشمير مسئلي تي هندستان ۽ پاڪستان جا صحافي، سياستدان لڳندا آهن.“
چانهه جي وقفي بعد ”ميڊيا جو عورتن ڏانهن رويو“ جي موضوع تي ”ريسرچ سينٽر آف وومن ۽ ميڊيا“ جي ڊائريڪٽر تسنيم احمد ليڪچر ڏنو. هن چيو ته عورتن بابت خبرون شايع ڪرڻ وقت ميڊيا جو رويو متعصبانه ۽ توهين آميز آهي. هن انگريزي ۽ اردو اخبارن جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته اخبارن وارا مرچ مصالحا هڻي چٽ پٽيون خبرون شايع ڪري عورتن جي توهين ڪن ٿا. هن هڪ خبر پڙهي جنهن جي سرخي هئي ته ”مستري سرون اوساريندو رهيو. اوباش نوجوان سندس زال جو پلستر ڪري ويو.“ يعني خبر اها هئي ته مستري اوساري ڪري رهيو هو، ان دوران ڪو همراهه سندس گهر ۾ گهڙي پيو ۽ هن جي زال سان ڏاڍائي ڪري ويو. هن چيو ته پريمي جوڙن تي ڇاپا هڻڻ اخبار جو ڪم ناهي. باغ ۾ گهمندڙن کي پوليس تنگ ٿي ڪري ۽ اهڙن ڪيسن ۾ اخبار وارن ۽ پوليس جو ڳٺ جوڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جو مثبت رول محدود آهي ۽ عورتن جي معاملي ۾ منفي رول وسيع آهي. هن چيو ته زينب نور ڪيس ۾ ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو هو. تسنيم وڌيڪ چيو ته زنا ۽ اجتماعي لڄالٽ وارين خبرن ۾ عورتن جا نالا نه ڏيو، تصويرون شايع نه ڪريو. هن چيو ته تقريبات ۾ خوبصورت عورتن جا فوٽو ڪڍي شايع ڪرڻ وارو سلسلو به بند ڪيو. هن چيو ته ڇا خوبصورت رڳو عورتون آهن، مرد خوبصورت ناهن؟ اخبارون خوبصورت مردن جا فوٽو شايع ڇو نٿيون ڪن؟
مانجهاندي کان پوءِ هوٽل جي پوئين پاسي اوپن آڊيٽوريم ۾ گروپ فوٽو لاءِ سڏيو ويو. جنهن ۾ برٽش هاءِ ڪميشن ۽ برٽش ڪائونسل جا ملازم به آيل هئا. ناصر ڪاظمي سان گڏ ميزباني ۾ پينسليوپ ڊين ۽ هڪ ٻي انگريز ناري به گڏ هيون. برٽش هاءِ ڪميشن جو فرسٽ سيڪريٽري روان ليگزٽن جيڪو تاريخ ۾ ڏاڍي دلچسپي رکي پيو ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب بابت مون کان وڌيڪ ڄاڻي پيو اهو به ڪافي سرگرم هو. گروپ فوٽو بعد ”پريس فريڊم بمقابله پريس ريگيوليشن“ جي عنوان تي دي نيوز اخبار جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر طلعت حسين ليڪچر ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ بظاهر پريس تي پابندي مڙهڻ جا سڌا قانون ته ناهن پر اڻ سڌا قانون 110 کان وڌيڪ آهن. جن ۾ نام نهاد قومي مفاد ۽ سيڪرٽ ايڪٽ قابل ذڪر آهن. هن چيو ته هر حڪومت جڏهن به جهن به اداري يا فرد (اخبار يا صحافي) خلاف ڪارروائي ڪرڻ چاهيندي آهي ته قومي مفاد جي اوٽ ۾ الزام هڻي پريشان ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ان ڳالهه جو تعين ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙا ڪهڙا مسئلا قومي مفاد جي ڀڃڪڙي ۾ اچن ٿا. ايئن نه ٿئي جو جيڪو صحافي حڪومت خلاف لکي ان کي نجم سيٺي جيان ڪاٺ ۾ هنيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اخبار انڊسٽري جي مالڪن جي سوچ ڪمرشل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پروفيشنل ازم اڃا ناهي آيو. ڊان جي حارث چيو ته اخبارون بيگار ڪئمپون آهن گهٽ پگهار تي گهٽ تجربيڪار ۽ گهٽ تعليم يافته ماڻهو رکن ٿا. جنهن سان ڪرپشن به ٿئي ٿي. ان تي طلعت چيو ته خرچ وڌيڪ هئڻ ڪري مالڪن جون مجبوريون به آهن. جنهن تي مون چيو ته اڄ ڊمي اخبارن جا مالڪ به لکا پتي ۽ ڪروڙ پتي آهن. اهي نج منافعي جو 50 سيڪڙو جيترو به خرچ نٿا ڪن. قاضي اسد چيو ته اخباري صنعت ۾ ناتجربيڪار مالڪ سيڙپ ڪن ٿا انهن مسئلو پيدا ڪيو آهي. جيڪو چاهي ٿو ڊڪليئريشن وٺي اخبار ٿو ڪڍي ۽ اخبارون ايتريون وڌي ويون آهن جو حقيقي اخبار وارن کي اشتهار گهٽ ٿا ملن جنهن ڪري هنن سان مالي مسئلا آهن. مطيع الله جان پريس ڪائونسل جوڙڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته هن ملڪ ۾ صحافين کي معلومات تائين رسائي حاصل ناهي. سرڪار وارا ڪا ڄاڻ نٿا ڏين ان ماحول ۾ مالڪن جو دٻاءُ آهي ته خبرون ڏيو جيڪڏهن ڪا غلط خبر شايع ٿئي ته سڀاڻي پريس ڪائونسل صحافين کان پڇاڻو ڪندي. هن چيو ته ان جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اڳ ۾ سرڪار هر شهري کي ماني ڏيڻ جو بندوبست ڪري پوءِ چوريءَ جي سزا هٿ ڪپڻ مقرر ڪئي وڃي. صحافين کي اڳ ۾ درست معلومات ۽ گهربل معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪار کي پابند ڪريو پوءِ پريس ڪائونسل ذريعي سزا ڏيڻ جو آپشن ڀلي رکو. هن اخباري مالڪن جي تنظيم تي تنقيد ڪندي چيو ته اي پي اين ايس سي يا سي پي اين اي ڪڏهن به اهو مسئلو نه اٿاريو آهي. اشتهارن کانسواءِ ٻيو ڪو به اخباري مالڪن جو مسئلو ناهي رهيو. اخباري مالڪن کي پنهنجو رويو مٽائڻو پوندو. برطانوي ماهر بل ڪرڪ مين ٻڌايو ته برطانيا ۾ اخبار ڪڍڻ لاءِ ڪنهن لائسنس جي ضرورت ناهي. جنهن وٽ پئسو آهي، اچي ۽ اخبار ڪڍي پر پروفيشنل روايتن جي پاسداري لازمي آهي ان لاءِ معاشرو پاڻ اخبار کي مجبور ڪندو ته هو اخلاقي ضابطي جي دائري ۾ رهي. هن چيو ته برطانوي پريس ضابطه اخلاق مطابق نه هلڻ جو تصور ئي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته لنڊن ۾ 10 ڊيلي اخبارون صبح جو شايع ٿيڻ واريون آهن ۽ 9 هفتيوار شايع ٿينديون آهن. عام ڏينهن تي روزانو انهن جي ڪل سرڪيوليشن هڪ ڪروڙ 30 لک ۽ آچر تي ڏيڍ ڪروڙ هوندي آهي. برطانيا جا 4 ڪروڙ ماڻهو اخبارون پڙهن ٿا. هر اخبار فخر سان سرڪيوليشن جيڪا جائز آهي اها پڌري ڪندي آهي. ان تي هڪ صحافي چيو ته پاڪستان ۾ سرڪيوليشن لڪائي وڃي ٿي. اشتهار وٺڻ مهل اخباري مالڪ سرڪيوليشن هڪ لک ظاهر ڪن ٿا پر ٽيڪس ڏيڻ مهل هڪ هزار ظاهر ڪن ٿا.
رات جو برطانوي هاءِ ڪمشنر سر ڊيوڊ ڊين ۽ ليڊي ڊين ڊنر ڏنو ۽ بعد ۾ جاويد جبار کي ڳالهائڻو هو پر اسين ان سيشن ۾ شريڪ نه ٿي سگهياسين. پروگرام مطابق 22 تي هر ڪنهن کي واپس اچڻو هو پر ڪجهه دوست 21 تي رات جو ئي واپس آيا.
(23 مارچ 2000ع)