تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ڇا تبديليءَ وارو مهينو بينظير کي واپس آڻيندو؟

ڇا تبديليءَ وارو مهينو بينظير کي واپس آڻيندو؟

پيپلزپارٽيءَ جي جلاوطن چيئرپرسن بينظير ڀٽو آگسٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ پاڪستان پهچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. امڪان آهي ته اهڙو اعلان آگسٽ جي شروع واري هفتي يا جولاءِ جي آخر ۾ ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ افتخار گيلاني پارٽي ڇڏي چڪو آهي پر بينظير ڀٽو کي وطن نه موٽڻ جون صلاحون ڏيندڙ کوڙ افتخار گيلاني اڃا به موجود آهن. بقول صحافي حامد مير جي ته دبئي ۾ هڪ اجلاس دوران جڏهن بينظير ڀٽو جي واپسيءَ بابت غور ٿي رهيو هو ۽ جڏهن ڪجهه اڳواڻن بينظير کي وطن واپسيءَ جي صلاح ڏني ته گيلانيءَ ڳوڙها ڳاڙيندي، روئندي محترمه کي چيو هو ته جيڪي اوهان کي وطن واپسيءَ جي صلاح ڏين ٿا اهي اوهان جي خاندان جا دشمن آهن. اوهان جو والد ڦاهي چاڙهيو ويو، انهن اڳواڻن ڪجهه نه ڪيو. اوهان جا 2 ڀائر ماريا ويا، تڏهن به ڪجهه نه ٿيو، هن مهل اوهان تي الزام لڳائي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سزا ڏيڻ جي تياري ٿي رهي آهي، خدا جي واسطي اوهان في الحال وطن نه ورجو. سڀني کان وڌيڪ وفاداري جتائيندڙ افتخار گيلاني ٿوري ئي عرصي بعد پارٽي ڇڏي هليو ويو.
30 اپريل واري ريفرنڊم کان اڳ هڪ اهم اداري جو سربراهه سنڌ جي نامياري قانوندان حفيظ پيرزادو جي گهر ويو ۽ ساڻس ون ٽو ون ڪچهريءَ ۾ کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سرڪار ۽ آصف زرداريءَ ۾ ڊيل ڪرائي. حفيظ کيس جواب ڏنو، جنهن بعد ٻنهي جي مشترڪه دوست هڪ هوٽل جي مالڪ هڪ ميٽنگ جو انتظام ڪيو ۽ حفيظ اها ڳالهه مڃي ورتي. حفيظ پيرزادي سان ان ملاقات ۾ هڪ ڊيل ڪرائڻ وارو معاملو ۽ ٻيو ريفرنڊم ۾ سرڪار جي وڪالت وارو معاملو بحث هيٺ آيو. جڏهن هڪ اهم اداري جو سربراهه حفيظ کي وٺي ايوان صدر ۾ جنرل مشرف سان ملاقات ڪرائي ته صدر مشرف انتهائي پرجوش نموني حفيظ جو استقبال ڪيو ۽ چيو ته ”مون کي بي حد خوشي ٿي آهي ته اوهين ڪيس ۾ اسان جو دفاع ڪندا، هاڻي اسين کٽون ئي کٽون.“ جنرل مشرف کيس اهو به چيو ته ”مون کي يقين نه هو ته اوهان اسان جي مدد لاءِ تيار ٿيندا.“ جيتوڻيڪ حفيظ پيرزادو سياسي مارڪيٽ ۾ هلندڙ انهن ڳالهين جي ترديد ٿو ڪري ته ڪو هن حڪومت ۽ آصف وچ ۾ ڪا ڊيل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتي هئي ۽ هن هڪ صحافي کي چيو هو ته ”ڊيل وغيره ڪرائڻ منهنجو ڪم ناهي.“ بهرحال اتان جي حلقن ۾ اهي چوٻول آهن ته ڪجهه هفتا اڳ هڪ سياستدان آصف سان ملاقات لاءِ پمز اسپتال ويو هو. تفصيلي ڪچهري دوران جيڪو ڪجهه هن سياستدان آصف زرداري سان ڳالهايو. ان جو وچور اهو هو ته صدر مشرف ريفرنڊم ذريعي 5 سالن لاءِ صدر رهندو، جيسين هو آهي، تيسين اوهين جيل ۾ هوندا يعني 6 سال جيل ڀوڳيو آهي ۽ 5 سال اڃا وڌيڪ جيل ۾ رهندا، ان ڪري اوهين به طبي بنيادي تي ضمانت ڪرائي پرڏيهه هليا وڃو ۽ 5 سالن کان پوءِ وطن اچجو. ظاهر آهي اها ڌمڪي نما آڇ آصف ته ڇا ڪنهن کي به ڪمزور ڪري سگهي پئي، پر آصف زرداري حسب معمول عينڪ ٺاهي، شهپر وٽي چيو ته ”رک مولا تي“ ظاهر آهي ته آصف ڪو نيلسن منڊيلا ناهي، پر ان جي باوجود به جنهن انداز ۾ جواب ڏنو، اهڙو جواب يقينن هڪ باهمت ۽ بهادر ماڻهو ئي ڏئي سگهي ٿو. حڪومت ان چڪر ۾ هئي ته ڪنهن طريقي سان آصف سان سڌي ڊيل ڪئي وڃي ۽ بينظير ڀٽو کي خبر ئي نه پوي پر 6 سالن کان جيل ڪاٽيندڙ آصف زرداري هن سياستدان کي چيو ته ”توهان جي مهرباني، منهنجو فڪر نه ڪريو، اوهين بي بي سان ڳالهايو. محترمه کانسواءِ مان ڪجهه به ڳالهائي نٿو سگهان. مان به بي بي کي چوندس اوهين ساڻس رابطو ڪريو.“ آصف اهو به چيو ته ”اوهين بابا (حاڪم زرداري) لاءِ ڪجهه ڪري سگهو ته ڪريو، هو پوڙهو ماڻهو آهي، نظربند آهي، سندس طبيعت ناساز آهي هن جا ڪيس ختم ڪرايو.“ ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته حاڪم زرداري وارو پيشگي شرط هو، جهڙي طرح آمريڪا وڃڻ کان اڳ مشرف سان مخدوم امين فهيم ملاقات کان اڳ نويد قمر جي آزادي ۽ منظور وساڻ جو ڪيس ختم ڪرڻ جا شرط رکيا هئا. اهڙيءَ طرح زرداري-حڪومت يا پ پ- حڪومت ڊيل واري آئيڊيا تي ڳالهائڻ کان اڳ حاڪم زرداريءَ جي آزادي ۽ سندس پرڏيهه علاج لاءِ روانگي جي اجازت پيشگي شرط هئا.
آصف جي اهڙي جواب بعد انهيءَ سياستدان اچي سرڪاري نمائندن کي ٻڌايو. جنهن ڪچهريءَ ۾ بعد ۾ دير سان امين فهيم کي به گهرايو ويو. امين فهيم کي سڄي قصي کان آگاهه ڪرڻ بعد کيس دبئي وڃڻ لاءِ چيو ويو. صبح جو امين فهيم دبئي روانو ٿي ويو. محترمه سان ملاقات ڪري احوال ڏنائين، محترمه کيس چيو ته ”جنرل مشرف اسان جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي، اوهان نئين آڇ ڪهڙي آندي آهي؟ اها ڊيل ڪرڻ لاءِ ته سالن کان حڪومت آڇ ڪري پئي.“ پ پ حلقن جو چوڻ آهي ته محترمه سخت لهجو اختيار ڪندي چيو ته ”اوهين حڪومتي سازش جو شڪار نه ٿيو ۽ آئنده صدر يا ڪنهن حڪومتي نمائندي سان ڪا به ملاقات نه ڪريو.“ امين فهيم لاهور ريلي کان هڪ ڏينهن اڳ موٽي آيو، ٻئي ڏينهن سنگت کي احوال ڏنائين، جنهن بعد سرڪار جي هڪ اهم نمائندي محترمه سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي. خبر ناهي ته اها ملاقات ٿي آهي يا نه؟ پيپلزپارٽي ۽ حڪومت ۾ بظاهر پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ ۽ ٻنهي ڌرين پاران اختيار ڪيل هڪٻئي خلاف سخت لهجي جي باوجود خفيه رابطا هلندڙ آهن.
ڪرسٽينا روڪ جي پاڪ-ڀارت دوري جي ڪامياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ سنگين ڇڪتاڻ بابت سفارتي ۽ سياسي حلقن ۾ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. انهن حلقن جي دعويٰ آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جنگ ڏانهن وڌي رهيا آهن. جنگين بابت ڄاڻ رکندڙن جو خيال آهي ته جنگ جي صورت ۾ سنڌ ۽ ڪشمير وارين سرحدن تي دشمن جي نظر هوندي، انهن جو چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ 15 آگسٽ کان پوءِ موسم جنگ لائق نه رهندي، يعني ڀارت جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته اهو 15 آگسٽ تائين کيس مڪمل به ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ صورتحال ۾ حڪومتي ٿنڪ ٽينڪ جو خيال آهي ته حالتون پاڪستان ۾ تيزي سان تبديل ٿينديون ۽ بينظير ڀٽو جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي، ان ڪري ساڻس ڊيڊ لاڪ جي باوجود هڪ رستو حڪومت کليل رکڻ چاهي ٿي. حفيظ پيرزادو ان ڏس ۾ کين معقول ماڻهو لڳي ٿو. ان سلسلي ۾ جڏهن مون آصف سان ملاقات دوران کانئس پڇو ته، هن حفيظ پيرزادو جي رابطن جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ”مشرف 5 سال ٿو رهي يا 5 مهينا اهو وقت ٻڌائيندو، مان شهيد ڀٽو جو پوئلڳ آهيان، ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڊيل واري سياست ڪرڻي هجا ها ته نه مان 6 سال جيل ڪاٽيان ها، نه بي بي جلاوطن ٿئي ها.“ هن چيو ته ”جڏهن بقول جنرل مشرف ته حڪومت کي اسان جي ضرورت ناهي ته پوءِ اسان سان ڇو ٿا خفيه رابطن جي ڪوشش ڪن، ڳڻتي ته اسان کي هئڻ گهرجي، پر حڪومت اسان لاءِ فڪرمند ڇو آهي؟“ حفيظ پيرزادي وارن رابطن بعد جڏهن جنرل مشرف نوابشاهه جو دورو ڪيو ۽ فريال ٽالپر سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جلسو به ريفرنڊم لاءِ ڪرايو ته ان وقت ماڻهن کي تمام گهڻا شڪ پيدا ٿيا هئا ته شايد ”ڊيل“ فائينل ٿيڻ واري آهي. ان بابت مون آصف کان پڇو ته هن چيو ته ”بابا نظربند آهي، مان جيل ۾ آهيان، منهنجو ڀيڻوو ملڪ کان ٻاهر آهي، ڀيڻ اڪيلي آهي، اسين پاڻ ته مشڪلاتن ۾ آهيون ۽ انهن جو مڙس ٿي مقابلو به ڪريون پيا، پر اسين پنهنجي نياڻين کي ڇو تڪليف ۾ وجهون.“ فريال جي مشرف لاءِ جلسي جي حوالي سان نوابشاهه جي هڪ پ پ اڳواڻ سان ڪچهري ٿي ته هن چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته فريال اهو سمجهندي هجي ته سڀاڻي اليڪشن ۾ ڀائو بيهندو، کيس ٽڪيٽ نه ملندي ۽ هوءَ ناظمي ڇو وڃائي.“
تازو دبئيءَ ۾ ٿيل اجلاس دوران محترمه پنهنجي واپسيءَ بابت ساٿين سان صلاحون ڪيون، جتي اڪثريت جي راءِ اها هئي ته هاڻي محترمه کي وطن موٽڻ گهرجي. اهو پهريون دفعو هو ته پارٽي وارن جي اڪثريت محترمه کي جلد موٽڻ جي صلاح ڏني، جنهن بعد هن پارٽي اڳواڻن کي چيو ته هو ڪي به 3 تاريخون واپسيءَ لاءِ تجويز ڪري کيس ڏين، جن مان واپسيءَ جي تاريخ جي چونڊ هوءَ پاڻ ڪندي. بينظير ڀٽو جي ويجهو رهندڙ پ پ جي حلقن مان ڄاڻ ملي آهي ته محترمه آگسٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ وطن موٽندي. ڪجهه اڳواڻن کيس جولاءِ ۾ اچڻ جي صلاح ڏني ۽ ڪجهه اڳواڻن کيس 14 آگسٽ جي تاريخ ڏني. محترمه کي سڀني چيو ته هوءَ لاهور ۾ لينڊنگ ڪري، غلام مصطفيٰ کر به وري محترمه سان مليو ۽ لاهور اچڻ جي صورت ۾ هن 50 هزار ماڻهو اڪيلي سر استقبال لاءِ آڻڻ جي حام به هنئي آهي. حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته بينظير ڀٽو کي حڪومت جيل بدران بلاول هائوس يا زرداري هائوس ۾ نظربند ڪندي. بهرحال آگسٽ اهڙو مهينو آهي، جيڪو ملڪ ۾ فوجي حڪومتن جي تبديلين جو سبب بڻبو آهي. هي آگسٽ به پاڻ سان ڪافي تبديليون کڻي ايندو. ڏسجي ته اهي ڪهڙيون تبديليون آهن. بينظير جيل ۾ وڃي يا نظربند هوءَ ان لاءِ ذهن ٺاهي چڪي آهي. اڄڪلهه پاڪستان جي سياست ۾ قيادت جي بحران واري ماحول ۾ هن کي خبر آهي ته هن کانسواءِ ٻيو ڪير به ناهي، تنهن ڪري هوءَ هر قيمت تي وطن موٽڻ لاءِ ذهن ٺاهي چڪي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته سيد مشاهد حسين به بينظير سان تازو ملاقات ڪئي آهي. نواز حڪومت جي زماني جا ڪافي قصا به کيس ٻڌايا ۽ محترمه مشاهد حسين جي صلاحيتن جي واکاڻ به ڪئي. اڳ ۾ سيد مشاهد حسين فرحت الله بابر معرفت محترمه کي سلام موڪليندو هو ۽ هاڻي پاڻ ملاقات ڪري مشورا ڪيا آهن. جيڪڏهن ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي آهي ۽ سيد مشاهدحسين اطلاعات جو وفاقي وزير ٿئي ٿو ته ان تي ڪنهن کي حيران ٿيڻ نه گهرجي.
سرڪار ۽ پ پ ۾ آخري ۽ تازو رابطو سردار عبدالقيوم ذريعي ٿيو آهي، ان جا تفصيل جڏهن مليا ته ڪاوش جي هنن ڪالمن جي نظر ڪنداسين، سردار عبدالقيوم اهو ماڻهو هو، جيڪو پي اين اي ۾ شامل هو ۽ هن پي اين اي ۽ ڀٽو کي ويجهو آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر جڏهن پي اين اي سان ڀٽو جو ٺاهه ٿيڻ وارو هو ته سردار قيوم ضياءُ الحق جي حڪم تي پي اين اي کي ڇڏي، سندس ڪئمپ ۾ هليو ويو هو. هو بزرگ آهي. هن سان منهنجون 2 ملاقاتون آهن. هڪ ملاقات آزاد ڪشمير جي شهر نيلا بٽ ۾ نواز شريف مشاهد حسين سان گڏ ۽ ٻي ملاقات واشنگٽن پوسٽ جي نمائندي ڪريگ وٽ لاڪ سان گڏجي سندس انٽرويو ڪرڻ دوران ٿي هئي. سردار قيوم اسان جي فوجي حڪومتن جو بزرگ آهي. هن کي سياست جي رمزن جو وسيع تجربو آهي. نواز شريف سان ڪجهه ناراضگين بعد وري ڀٽو خاندان لاءِ هن جي دل ۾ جڳهه به وڌي آهي. حفيظ پيرزادو ۽ سردار قيوم وارا چينل پ پ ۽ حڪومت جي ويجهڙائي جا موثر ذريعا ثابت ٿي سگهن ٿا.
(8 مئي 2002ع)