ڇا نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي
پيپلزپارٽيءَ 3 فيبروريءَ تي هڪ ئي ڏينهن رٿيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. پي پي وارن جو چوڻ آهي ته اسيمبليءَ جي بحاليءَ واري ڪيس جو جيسين سپريم ڪورٽ فيصلو نه ڏئي، تيسين چونڊ وارو عمل شروع نه ڪيو وڃي. ان معاملي بابت ڪجهه ڏينهن ۾ امڪان آهي ته رضا رباني ۽ اقبال حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملندا ۽ کيس پنهنجي خواهش کان آگاهه ڪندا. جنهن بعد پيپلزپارٽي وارا سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري، اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ اسٽي آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن عدالت اسٽي آرڊر نه ڏنو ته پيپلزپارٽي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي ويچار ڪري سگهي ٿي ۽ ڄاڻائيندي ته فاروق لغاري جيئن ته اسيمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ ڌر بڻجي ويو آهي ۽ چئني صوبن سميت وفاق ۾ مقرر ڪيل نگران سيٽ اپ وارا ماڻهو پ پ جا مخالف آهن، خواجا طارق رحيم، ممتاز ڀٽو ۽ ظفرالله جمالي جهڙا ماڻهو پ پ مخالف رهيا آهن. ان ڪري ايئن ٿيڻ واري ڳالهه ۾ وزن محسوس ٿئي ٿو. پيپلزپارٽيءَ جو چونڊ ملتوي ڪرڻ يا جيئن ان جا مخالف چون ٿا ته چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ لوپ لائين اختيار ڪرڻ جو سبب صرف نگران سيٽ اپ ئي نه، پر حقيقت اها آهي ته محترمه کي اندازو ٿي ويو آهي ته عوام ۾ سندس گراف گهٽيو آهي. محترمه قابليت سميت جن گهڻين خوبين ۽ خامين جي لحاظ کان شهرت رکي ٿي، تن مان سندس مغروري به هڪ آهي. محترمه جو غرور ۽ انا اڃا ساڳيا آهن. هوءَ عوام کان ملندڙ ووٽ پنهنجو حق سمجهي ٿي. محترمه جي اهڙي انداز تي مون کي هي سٽون ياد پيون اچن، ته جڏهن ڪو اديب، شاعر، سياستدان يا گلوڪار اهو سمجهڻ شروع ڪري ته پبلڪ جيڪو هن کي ريسپانس ڏئي ٿي، اها پبلڪ جي مهرباني نه پر سندس حق آهي، ته اتان کان ان شخص جو زوال شروع ٿيندو آهي. اهي لفظ هڪ محفل ۾ نامياري ڪهاڻيڪار مظهرالاسلام چيا هئا جيڪي مون کي اڄ به ياد آهن. بقول حسن مجبتيٰ جي ته مظهر السلام جو تعارف هي آهي ته مظهر السلام جي ادبي موٽ، مڃتا ۽ محبت جيڪا سنڌ مان ملي آهي. اها کيس پنهنجي اباڻي صوبي مان به نه ملي آهي. ان تي جيڪڏهن اسان پنجاب وارن ماڻهن کي بي وفا چئون ته ڪا وڏي ڳالهه نه ٿيندي. مظهر صاحب ٻڌايو هو ته مستنصر حسين تارڙ به ان خيال جو آهي ته جيڪو به پيار يا مانُ پبلڪ ڏئي ٿي، اها سندن مهرباني ناهي. ساڳيو حال محترمه جو به آهي. هن وقت پ پ شهيد ڀٽو جو سنڌ جي حد تائين پلڙو ڀاري آهي. پنجاب ۾ غلام حسين واري ڪنگز پارٽي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان کي صدر جي سپورٽ حاصل آهي، اهي ۽ پ پ کان بغاوت ڪندڙ 30 جي لڳ ڀڳ پنجاب اسيمبليءَ جي ايم پي ايز وارو گروپ غنويٰ ڀٽو سان سهڪار لاءِ هٿ وڌائي رهيو آهي. مڊل پنجاب جا اهي ماڻهو پ پ کي اليڪشن ۾ ڪافي ڌڪ رسائيندا. ڏکڻ پنجاب ۾ سرائڪي لابي به ورهائجي وئي آهي. لغاري، مزاري ۽ نوابزادو نصرالله پنهنجي طور تي ڌار ڌار گروپنگ جي چڪر ۾ آهن، باقي اپر پنجاب ۽ شهرن ۾ مسلم ليگ وارا پ پ جا 93ع وانگر تڏا ويڙهائيندا. بلوچستان ۾ هڪ ته پ پ هئي ڪو نه، جيڪي ٿورا گهڻا هئا انهن به صادق عمراڻيءَ جي سربراهيءَ ۾ غنويٰ سان رابطو ڪيو آهي. سرحد ۾ ارباب جهانگير به ڦيراٽيون پيو کائي- باقي شير پائو جيڪڏهن سيٽ بچائي ته هن ڄڻ لک ڪمايو. سنڌ ۾ غنويٰ ڀٽو ٻهراڙين ۾ پي پي جا پکا پٽيندي، شهرن ۾ ايم ڪيو ايم وارا مالڪيءَ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. مجموعي طور پيپلزپارٽيءَ لاءِ مستقبل ۾ صورتحال ڳنڀير هوندي.
جهڙيءَ طرح مسلم ليگ وارن مسلسل آصف زرداريءَ کي ڪرپٽ سڏي سڏي اهڙي راءِ عام جوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ساڳئي نموني اڄ ڪلهه محترمه به صدر لغاريءَ کي ڪرپٽ قرار ڏئي رهي آهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته محترمه صدر بابت جيڪو اڳ چوندي هئي، اهو صحيح هو يا جيڪو هاڻ ٿي چوي اهو درست آهي.
گاديءَ واري شهر ۾ اڄڪلهه نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي ۽ نگرانن تي شڪ ظاهر ڪندي پاور ڪاريڊورز واريون سگهاريون قوتون مختلف تجويزن تي غور ڪري رهيون آهن. باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته موجوده نگران سيٽ اپ هلندڙ سال جي خاتمي سان ئي ختم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح هنن ئي ڪالمن ۾ آگسٽ ڌاري اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت نومبر ۾ ختم ٿي ويندي ۽ اها ڳالهه سچي ثابت به ٿي چڪي. اهڙيءَ طرح اڄ وري ساڳين ذريعن جي ڏنل معلومات موجب اهو لکون پيا ته موجوده نگرانن جي نگراني شروع آهي ۽ ڪنهن به وقت نگران سيٽ اپ ۾ به ڪا وڏي پئماني تي ڦير ڦار ٿي سگهي ٿي.
ٺيٺ پنجابي انداز وارو معراج خالد اڃا به آفيس ۾ پنهنجي ملازمن کي وزيراعظم ٿيڻ جي باوجود به، لسيءَ جي دڪان وارن سيٺين وانگر اڌ نالو وٺي مخاطب ٿيندو آهي. مثال طور، هو محمود کي ”مودا“ سڏيندو آهي. لفظ لفظ سان چوندو، ”او رامي نوبلا- مطلب ته تاجل بيوس جهڙيءَ طرح سنڌي انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندو آهي، اهڙيءَ طرح معراج خالد به سلطان راهيءَ واري انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندو آهي. هاڻ صحافي به نگران وزيراعظم کان سوال پيا ڪن ته ملڪ جا وڏا اسمگلر اقبال بيگ (آمريڪا کي گهربل) سيٺ عابد (سون جو وڏو اسمگلر) هن جا گهاٽا يار ڪيئن آهن؟ هو خود به قابل احتساب آهي. چوڻ وارا چون پيا ته احتساب جو معذور قانون جيڪو منٽن ۾ تيار ڪري معراج خالد صدر لغاريءَ کان لاڳو ڪرايو، ان ۾ هنن نگرانن جو به الٽرا سائونڊ ڪيو ويندو. اڳتي هلي سردار ”فيڪ“ جو به احتساب ٿيندو.
جهڙيءَ طرح اڄڪلهه خانداني ۽ سياسي مسئلن سبب محترمه پريشان آهي، اهڙيءَ طرح سردار لغاري به پريشان آهي. محترمه کي ڪاٺ ۾ پيل پنهنجي مڙس، طبيعت جي ناسازي ۽ گڏ رهندڙ ماءُ، اوچتو حڪومت مان نيڪالي ۽ اليڪشن ۾ ناڪاميءَ جي خدشن جهڙن انيڪ مونجهارن منجهائي ڇڏيو آهي. ساڳئي حالت لغاريءَ جي آهي. هن کي به ڳڻتي اچي ورايو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي پٽن جي ڪاميابيءَ لاءِ فاروق لغاري، جعفر لغاريءَ کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آهي. سندس هر خواهش جو خاص خيال پيو رکي. ان کانسواءِ هنن ڪالمن ۾ هڪ اهم شخصيت جي ويجهي مائٽياڻي جي اعتراض جوڳي ويڊيو ڪيسٽ جو جيڪو اڳ م ذڪر ڪيو ويو هو، ان کي طلاق ٿي وئي آهي. هوڏانهن فاروق لغاري اڄ ڪلهه گهڻو وقت گهر وارن سان گڏ ۽ عبادت ۾ گذاريندو آهي. خبر ناهي ڪنهن جي بددعائن جي اثر جي عتاب ۾ آهي، خدا سندس خير ڪندو (آمين).
3 فيبروريءَ تي رٿيل اليڪشن، جنهن جي ملتوي ٿيڻ جا آهستي آهستي ڪوششن بعد سگهارا جواز پيدا ٿي رهيا آهن، تن کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي پنهنجي پاران ڪو نه گهٽائيندي. ڇاڪاڻ ته اليڪشن کٽڻ جي هام هڻندڙ پي پي وارا اڪثر همراهه غائب آهن. ڪجهه قيد آهن، ڪجهه ٻاهر ڀڄي ويا آهن ۽ ڪي وري انڊر گرائونڊ ٿي چڪا آهن. اهڙي صورتحال سبب پڻ پي پي پي ۽ بي بي پريشان آهي.
پي پي پي مخالف هن وقت ان ڳالهه تي زور پيا ڏين ته اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اليڪشن ٿي وڃي ٿي ته سندن چاڙهو ٿيندو. جيڪڏهن محترمه کي ڪجهه مهلت ملي وئي ۽ هن دورا شروع ڪيا ته وري راءِ عامه پنهنجي حق ۾ ٺاهي سگهي ٿي. هن وقت جڏهن پي پي جو گراف گهٽ ٿي چڪو آهي ته اها صورتحال سندن لاءِ فائديمند آهي. اهو ئي سبب آهي ته اهي سياسي ۽ مذهبي ڌريون ان ڪوشش ۾ آهن ته ڪيئن به ڪري اليڪشن 3 فيبروريءَ تي ٿئي. اليڪشن پوئتي ٿيڻ جي صورت ۾ اهي ڌريون نظرياتي ۽ فرقن جي اختلافن جي باوجود به گڏجي چونڊ ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪنديون ۽ اهڙي صورتحال ملڪ لاءِ خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي.
(8 ڊسمبر 1996ع)