تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

مليحا، محترمه ۽ مشرف وارو ٽڪنڊو

مليحا، محترمه ۽ مشرف وارو ٽڪنڊو

محترمه بينظير ڀٽو واشنگٽن ۾ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڪارل انڊرفرٿ سان ملڻ بعد آمريڪي صدر بل ڪلنٽن سان به ملاقات ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ پاڪستاني سفير مليحا لوڌي پاران پنهنجي نامزدگي وارا ڪاغذ (Credentials) ڪلنٽن کي پيش ڪرڻ وقت منعقد ڪيل تقريب ۾ دعوت تي آيل سوين ماڻهن جي مجمعي ۾ محترمه به هئي. چانهه پارٽي تي پاسو ڏيئي، بيٺي پير ڪلنٽن سان حال احوال اوريندي بي بي کيس چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي توازن قائم رکڻ خاطر اوهان پاڪستان جو دورو ضرور ڪريو. ان سان گڏ محترمه اهو به ڪلنٽن کي چيو ته مشرف حڪومت فوجي راڄ واري آهي. ان بنياد تي جمهوريت پسندي جي ناتي ته اوهان کي پاڪستان جي دوري جي سفارش نه پئي ڪريان پر پاڪستاني هجڻ سبب اهو چوان پئي ته اوهان وڃو. مليحا لوڌي جنهن مهل تقريب ۾ شريڪ هئي ان وقت سندس والده فوت ٿي وئي هئي ۽ لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ تابوت ۾ پيل هو ۽ هوءَ پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ مصروف هئي. اڄ مليحا لاش کڻائي لنڊن ۾ پنهنجي والد جي ڀر ۾ والده کي به دفن ڪري چڪي هوندي ۽ موٽي هن کي واپس آمريڪا وڃڻو آهي. مليحا ۽ محترمه جي ساهيڙپ پراڻي آهي. جيتوڻيڪ مليحا مشرف واري فوجي حڪومت جي نمائندگي ڪري پئي پر پنهنجي ساهيڙيءَ سان دوستي نڀائيندي کيس واشنگٽن جي وائيٽ هائوس ۾ وٺي وئي جتي بي بي کي وئي به ڏينهن ٿيا هئا. جڏهن نواز حڪومت ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ محترمه خلاف ڪيس هلندڙ هئا ته ان وقت اهو ئي آمريڪا، ساڳيو ڪلنٽن ۽ هليري هئا جن محترمه سان ملڻ کان معذرت ڪئي هئي پر هاڻي ساڳئي وائيٽ هائوس ۽ ڪلنٽن جا دروازا محترمه لاءِ کلن پيا.
جيتوڻيڪ شروع ۾ مشرف حڪومت سان سهڪار لاءِ ڪجهه بي بي جا بيان آيا پر ڪو به مثبت جواب نه ملڻ بعد محترمه جمهوريت وارو نقطو اٿاريو ۽ ڪجهه حڪومتي پاليسين خلاف 2 مهينن بعد بيان ڏنا. اڄڪلهه ڪلنٽن جي ڏکڻ ايشيا جي دوري جي اعلان ۾ پاڪستان کي شامل نه ڪرڻ واري فيصلي ٿيڻ بعد مليحا ۽ محترمه ان ڪوشش ۾ آهن ته ڪلنٽن پاڪستان ضرور وڃي. مليحا ته پگهار کڻي پئي پر محترمه رضاڪارانه طور ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي واري مشن ۾ شريڪ آهي. محترمه جي ان قدم سان هن جي ذات ۽ پارٽي کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هڪ ته محترمه جي ان مشن بعد اهو تاثر ورتو پيو وڃي ته فوجي حڪومت جڏهن به اليڪشن ڪرائيندي ته پي پي جي اقتدار ۾ اچڻ جي راهه هموار ٿيندي، ٻيو ته محترمه سڀاڻي اهو چئي سگهي ٿي ته هن قومي مفاد خاطر ڪلنٽن کي دوري لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. ڪلنٽن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ مشرف سرڪار سي ٽي بي ٽي تي صحيح ڪرڻ ۽ اسامه بن لادن جي گرفتاري ۾ آمريڪا سان سهڪار لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪلنٽن آيو به صحيح ته اهو انهن ئي معاملن جي ڪري ايندو، ڪو محترمه جي خواهش تي ڪو نه ايندو، پر ان جو فائدو محترمه کي تمام گهڻو ٿيندو. نواز دور ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ وارن کي امداد بند ڪرڻ، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي پاڪستان تي پريشر وجهڻ لاءِ لکيل خطن سبب ”مشاهد ميڊيا“ جيڪو محترمه کي ملڪ دشمني جو لقب ڏنو هو ان کي هاڻي جسٽيفاءِ ڪرڻ جو بي بي کي موقعو مليو آهي. اهو به تاثر ورتو پيو وڃي ته مليحا مشرف ۽ محترمه وچ ۾ انڊر اسٽينڊنگ پيدا ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري پئي ۽ ان جا نتيجا جلد سامهون ايندا. ساڳئي وقت اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڊيموڪريٽ ڪلنٽن ڊڪٽيٽر مشرف سان فوٽو ڪڍائڻ نٿو چاهي.
مشرف حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ بعد جيڪو بي رحم ۽ غير جانبدار احتساب ڪرڻ جو اعلان ٿيو ان جي ڪارڪردگي ته عوام آڏو آهي پر ان سست رفتار احتسابي عمل کي غير جانبداري جو چولو پارائڻ خاطر حڪومت پاران مختلف عدالتن ۾ بي بي ۽ آصف خلاف جيڪي ڪيس هئا انهن جي پيروي ۾ هاڻوڪي حڪومت دلچسپي گهٽائي آهي. آصف ۽ بيبي خلاف نوان ڪيس داخل ٿيڻ به بند ٿيا ۽ ميڊيا ٽرائيل به ختم ٿي ويو. ان مشرف حڪومت جي پاليسي سبب پ پ وارن کي ڪافي رليف مليو آهي. آصف کي به سهولتون مليون آهن. جيڪو هڪ سٺو عمل آهي ۽ هونئن به هن جو اهو حق آهي. مشرف حڪومت جي اهڙي نرم رويي جي موٽ ۾ Good will Gesture طور بي بي به ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي شروع ڪري بدلو لاٿو آهي.
گادي واري شهر ۾ حڪومتي توڙي سفارتي حلقن ۾ آمريڪا جي وضاحتن کان پوءِ به ڪلنٽن جي پاڪستان اچڻ واري معاملي تي اتفاق راءِ آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪلنٽن پاڪستان ضرور ايندو. سي ٽي بي ٽي تي صحيح ۽ اسامه جي گرفتاري واري قيمت پاڪستان کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ جيڪڏهن ادا ڪرڻي پئي ته اها شايد وڏي قيمت نه هوندي. اهي به سرٻاٽ آهن ته حڪومت سي ٽي بي ٽي تي صحيح ڪرڻ جي حوالي سان پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي سميت لبرل ڌرين سان رابطا ڪرڻ جو به سوچي پئي جيئن سياسي سپورٽ ان معاملي کي ملي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ جا اعجاز الحق ۽ راجا ظفرالحق جهڙا شريف النفس ماڻهو به ان جي حمايت ڪري ڇڏين.
”جيتوڻيڪ مليحا پاران مشرف ۽ محترمه ۾ انڊر اسٽيڊنگ وارين ڪوششن سبب بي بي جي وطن اچڻ جي راهه هموار ٿي ويندي پر پوءِ به محترمه في الحال خود جلاوطني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا وڌيڪ رهڻ کي ترجيح ڏيندي.“ اهي جملا پ پ جي ٿنڪ ٽئنڪ جي هڪ ميمبر جا آهن جنهن جو خيال هو ته جهڙي طرح مشاهد حسين ۽ چوڌري نثار Wait and see واري پاليسي تي عمل پيرا آهن اهڙي طرح محترمه به پاڻ کي Live رکڻ لاءِ مهيني ۾ هڪ اڌ دفعو بيان بازي ڪندي رهندي پر ملڪ تڏهن موٽندي جڏهن هن کي اليڪشن جي شيڊول بابت ڄاڻ ملندي. هو تڪڙ ۾ ملڪ موٽي اچڻ نٿي چاهي. خدا ٿو ڄاڻي ته ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي پر اها سوچ پ پ جي هڪ سنجيده ماڻهو جي آهي.
ان ساڳئي همراهه جو چوڻ آهي ته محترمه جي ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي جا ”ملڪي سياست ۾ پ پ جي ڪردار“ جي حوالي سان ڪافي مثبت اثر ٿيندا. پ پ جي رهيل سهيل ڪارڪنن ۾ Intact رهڻ جو نئون روح به ڦوڪبو ته اتساهه به پيدا ٿيندو ڇو ته نواز ليگ ۽ مشرف ۾ تعلقات هڪدم سٺا ڪو نه ٿيندا، تنهن ڪري اهو نقطو پ پ لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. جيتوڻيڪ ڪلنٽن زور ڏئي ورجائي ورجائي چوندو ٿو رهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪ ڀارت ڳالهيون شروع ڪرائڻ هن جي ذاتي خواهش آهي يعني اها ڪا آمريڪا جي سرڪاري پاليسي ناهي. ڪالهه خميس ڏينهن به واشنگٽن جي وائيٽ هائوس ۾ هن لکت ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي. ان جو هڪ مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪلنٽن جي ڪشمير مسئلي جي حل واري خواهش سان آمريڪي سرڪار متفق ناهي. آمريڪا جي حوالي سان اهو لطيفو مشهور آهي ته مدت پوري ڪندڙ صدر جو جڏهن مدو ختم ٿيڻ ۾ مهينا بچندا آهن ته وائيٽ هائوس وارا ذاتي ملازم به هن جي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندا آهن پر هي ته آمريڪا جي قومي پاليسين جو معاملو آهي ان ۾ ڪيئن ڪلنٽن جي مڃيندا؟ ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته ڪو ڪلنٽن سنڌ جي ڪنهن رٽائرڊ ڪاموري وانگر ٿي ويو آهي. بهرحال ڪلنٽن جي دوري ۾ اڃا سوا مهينو پيو آهي. ان وچ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ مارچ جي ٽئين هفتي کان اڳ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسامه گرفتار ٿي وڃي! ضروري ناهي ته ايئن ٿئي! ڪلنٽن پاڻ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. مطلب ته ڪجهه به ممڪن آهي پر ڪلنٽن جي پاڪستان اچڻ بعد ان جو ڪجهه نه ڪجهه ڪريڊٽ بي بي به ضرور کڻندي ۽ رضا رباني کي به سينيٽ ۾ ڊگهي تقرير ڪرڻ جو مواد ملي ويندو.
(8 فيبروري 2000ع)