مهاڳ
علم و ادب جي تاريخ انتهائي گهري ۽ وسيع آهي، انسان جي ارتقائي عمل ۽ قديم تهذيبن جي نشونما سبب علم و ادب ۾ وقت به وقت سڌارو ۽ واڌارو ٿيندو رهيو آهي.
اڄ انسان پنهنجي عقل ۽ فهم جي ذريعي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي يافته دور جي نين کو جنائن جي سلسلي ۾ پنهنجا قدم تيزي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي، زندگيءَ جي هن اعليٰ مقصد ۾ هڪ طرف فضا کان خلائي سفر جي تلاش ۾ پنهنجي حت الوسيع ڪوششن سان ترقي شاهه وارين منزلن تي گامزن ٿيندو نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي موجوده دور ۾ ڪيترائي سڌريل ۽ اڻ سڌريل ملڪ پنهنجن نت نين سوچن ۽ قدرن سان بني نوع انسان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان لامتناهي سلسلن جي جدوجهد کي جاري ۽ ساري رکيو اچن، در اصل انساني فڪر ۽ سوچ جو سهرو علم و ادب جي سرئي سونهي ٿو.
هن سلسلي ۾ ادب جي زبان جي زمين زرخيز آهي ۽ ساهت انجو سونهن سينگار آهي، دنيا جي لاهن چاڙهن ۽ ڦيرين گهيرين جي ڏس ۾ ادبي ڪلام جي سخن جو تمام وڏو هٿ رهيو آهي، تاريخ جا ورق ورائيندي ڏسجي ته دنيا جون طاقتور قومون هٿيارن کان ايترو خوف نه کائينديون آهن جيترو قلم کان. علم و ادب جي واڌاري جو مدار فڪر تي آهي، فڪر اصل ۾ مضمون جي بيان جو سرچشمون آهي، علم ادب جي صحيح معنيٰ آهي. اُها تحرير جيڪا بلاغت، فصاحت، سلامت، لطافت ۽ زيب و زينت جي بلند ترين مخصوص مقصد ڏانهن اشارو ڪري، جنهن سان علم و ادب کي فروغ ملي.
لغت ۾ ادب جي معنيٰ آهي ڪنهن بگڙيل شئي کي سنواري سڌو ڪرڻ ماضي جي باشعور شخصيتن جي نظر ۾ ادب کي ان جي مفهوم ۽ مقصد ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ادب کي جملي علم انساني تي حاوي سمجهيو. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ڪيترائي معمولي انسان پنهنجي ديرينه حڪمت عملي ۽ فرض شناسي سببان علم و ادب جي دنيا ۾ اعليٰ مقام تي پهتا. جن جي ثمر مان هر دور جو انسان مستفيض ٿيندو رهيو آهي.
علم ادب جي پارکن جو خيال آهي ته انسان جي اندر ۾ رچي پسي ويل افڪار جو موت مشڪل سان ٿئي ٿو. اسين جنهن زندگيءَ جي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. تنهنجي مستقبل جا آثار روشن نظر اچي رهيا آهن.
ڇاڪاڻ ته انسان سراپا پيار، پيار زندگي ۽ زندگي هڪ حقيقت آهي، ان کي هڪ اهڙي شعاع، شعلي ۽ ڪرنٽ جي ضرورت آهي، جو ان جي اندر جي احساسن ۽ جذبن کي آڳ لڳائي روز روشن جيئان عيان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي. جيڪي ڪجهه ڪجي سو انساني بقا جو سراپا علم بحر بيڪوان هجي.
دنيا ۾ بدنظمي دهشت جو عمل دخل ۽ عالمگير خوني جنگن جو علاج انساني اخوت ۽ ڀائيچاري تي رکيل آهي. معاشري جي هر باشعور شخص جو اهو اخلاقي فرض آهي ته زندگيءَ جي امن پسندي جي لازوال اصولن کي حقيقت جو عملي جامون پهرائي اهڙي طرح پيش ڪري جيئن وقت جون حالتون رونق افروز ۽ سازگار ٿين،
سقراط کان واٽ ويندي ڪنهن شخص پڇيو: اي ڏاها مونکي ٻڌاءِ ته ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ تو ساڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون آخر ان جو ڪهڙو نتيجو نڪتو،؟ سقراط هن شخص ڏانهن نهاريندي کيس چيو ته اي منهنجا ڀاءَ جيڪڏهن آءٌ بحر زندگي جي ڪناري تي خيريت ۽ عافيت سان ويٺو هجان ۽ جاهلن کي سمنڊ ۾ غرق ٿيندو ڏسان پوءِ تون ٻڌاءِ ته هي ڳالهه ڪهڙي نه دک دائڪ آهي. تنهن تي ان شخص وراڻيو اي ڏاها تون سچ ٿو چوين. ائين چئي هو پنهنجي راهه رمندو رهيو. ۽ سقراط سچ جا موتي زبان مان ڪڍندو وکيريندو رهيو. باطل سان جنگ ڪندي سر ڏيئي امر ٿي ويو. هو هميشه چوندو هو ته جنهن گهر ۾ ڪتاب ناهي ات جسم آهن پر روح ناهن.
شعر و شاعري: شعر عربي لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڄاڻ، اصطلاحي معنيٰ موجب جنهنجون مصراعون موزون ۽ قافيه دار هجن ۽ منجهن موسيقيت پڻ هجي، شاعر پنهنجي وسيع مطالعي، مشاهدن، تجربن ۽ فني گهاڙيٽن جي بهترين ڄاڻ وگهي خوبصورت خيال پنهنجي شعرن ۾ پيش ڪري ٿو. جي هر شخص جي اندر جو آئينو هوندا آهن. شعر شاعري جو مقصد روحاني تسڪين سان گڏ انساني شعور جي بقا جو اڻميو خزانو پڻ آهي.
ٻين لفظن ۾ شعر جي وصف موجب لطيف جذبن جو اهو احساس، جيڪو شاعر جي اندر مان اڌمون کائي ٻڙڪ ڏيئي ٻاهر نڪري، جنهن کي پوءِ شاعر پنهنجي ڳوڙهي اڀياس وقت جي نشيب و فراز، زماني جي گردشن، اخلاقي قدرن، معاشي نا انصافين، هجر و فراق، سوز و گداز خوشي ۽ غم، ڪائناتي حسن ۽ عشق جي امنگن جي ترجماني ڪندي وقت جو داعي بنجي وڃي ٿو.
اهڙي قسم جو ڪلام معاشري ۾ انساني بنيادي حقن جي آزادي کي نروار ڪري زندگي ۾ انساني روح کي تازگي بخشي ٿو. سنڌي ادب ۾ قديم لوڪ شاعري جو ميدان ايترو وسيع آهي. جيترو دنيا جي ادبن ۾ ناهي. ابتدا کان عربي ۽ فارسي زبانن جي صنفن جو دارومدار علم عروض تي آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، قصيدو، مثنوي، رباعي، قطعو، مرثيو، مولود، مدح وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي زبان جي قديم شعري صنفن جو دارو مدار وري ڇندوديا جي اصولن تي مبني آهي، جنهن ۾ گنان، ڪبت، بيت، دوهو، سهرو، ڏوهيڙو، ڪافي، گيت، وائي، سلوڪ، ڳيچ، ڳاءَ، جمالو ۽ همرچو وغيره اچي وڃن ٿا.
ان کان علاوه ويهين صدي جي پوئين دور ۾ آزاد نظم، هائيڪو، سانيٽ ۽ ترائيل جهڙيون صنفون پڻ شامل ٿيون آهن. اسين انهن صنفن کي ٿورو غور ويچار ڪريون، جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي زبان خاص طور تي مختلف شعري صنفن کي مختلف انداز ۾ ڪهڙي نه خوبصورت طريقي سان نڀائي پنهنجي سيني ۾ سانڍي ضم ڪري بين الاقوامي معيار جو اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو آهي. شعر وشاعري جا ڪيترائي رنگ روپ آهن، جن ۾، مذهبي شاعري، رومانوي شاعري، انقلابي شعري ۽ طنز و مزاح شاعري وغيره شاعر پنهنجي تخليقي فن ۽ جذباتي نڪته نظر جي لحاظ کان نه فقط تسڪين خاطر معاشري ۾ زندگيءَ جي هم آهنگ حقيقتن جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪري ٿو، بلڪه حاضرين جي دلين کي محسور ۽ محظوظ ڪندي منجهن سوچ ۽ لوچ جي عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، جنهن سان سندن دل و دماغ جي دٻيل احساسن ۽ جذبن کي بيدار ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي.
شعر وشاعري جي فن کي سمجهڻ لاءِ ارسطو جي راءِ مطابق محاڪاتي پهلو شعر جو روح آهي، ادب جي دنيا ۾ ٻين ڪن باشعور شخصيتن جي خيال ۾ دراصل تخيل ئي شعر جو روح آهي. محاڪاتي پهلو جو مقصد نقش نگاري ڪرڻ آهي ۽ تخيل ايجاد جي قوت جو ٻيو نالو آهي،.شاعر پنهنجي اشعار جي ذريعي حاضرين جي جذبن ۽ احساسن کي اجاگر ڪري منجهن جوش ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي، شاعر پنهنجي وسيع مطالعي ۽ شعر جي فني گهاڙيٽن جي بهترين ڄاڻ ذريعي شعر ۾ خوبصورت ويچار پيش ڪري ٿو، جي قارِئين جي اندر جو آئينو هوندا آهن.
شاعري جو مقصد نه فقط دل بهلائڻ پر انساني ذهني سجاڳي جو بهترين عمل پڻ آهي.
شاعر تي اهو به لازم ملزوم آهي ته زبان جي استعمال جو خيال رکي. جنهن ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو. شاعر جيڪو انساني زندگي ۽ ڪائناتي حسن جو چٽ چٽيندڙ آهي، تنهن ۾ جذبات نگاري جو وڏو عمل دخل آهي. ڪامياب شاعر اهو آهي، جيڪو حقيقي جذبن جي صحيح تصوير اهڙي طرح پيش ڪري جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ پاڻمرادو اصل حقيقت تائين پهچي وڃن شاعر جا خيالات جيترا برجستا ۽ بر محل هوندا اوترو ئي حاضرين جي دل ودماغ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ۽ اندر ۾ گهر ڪري ويندا.
شاعر کي تاريخ جي حوالن سان دنيا جي قديم ادب جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي. جنهن مان شاعر جي سوچ فڪر جي علم ۾ اضافو ٿيندو نت نوان رستا ۽ راهون تلاش ڪرڻ ۾ کين هٻڪ نه ٿيندي. جيڪڏهن شاعر جا خيالات حقيقي جذبن ۽ احساسن کان خالي آهن ته پوءِ اهي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جذيات کي مجروح ڪندا. اهڙو احساس شاعر کي خود هئڻ گهرجي
سنڌي زبان جو ادب جنهن ۾ علمي، ادبي، تاريخي جاگرافيائي، مذهبي، سماجي، ثقافتي سائنسي، معاشي ۽ سياسي حقيقتن تي مبني دل لڀائيندڙ موضوع اچي وڃن ٿا. تن تي هيل تائين بي شمار ڪتاب لکيا ويا آهن. اسان کي اميد رکڻ گهرجي ته اسانجو ادب نه فقط عالمي ادب جي معيار تي پورو پورو لهي بلڪه ان جي اوسر لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ محنت جي ضرورت آهي. ماضي ۾ اسان جي باشعور عالمن، استادن، اديبن شاعرن ۽ دانشورن علم و ادب جي ميدان ۾ جيڪا شآندار خدمت ڪئي آهي تن جو سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم تي وڏو احسان آهي. اسين سڀ ڪجهه جيڪي به آهيون، انهن محنت ڪش شخصيتن جو ثمر آهيون. ڇا اسان کي ان سلسلي ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ جي ها ته پنهنجي نسل کي پنهنجي ماضي جي علمي ادبي حقيقتن کان آگاهه ڪريون ۽ کين انهي روشن راهن تي آڻڻ لاءِ حتي الوسيع ڪوشش ڪريون ۽ ڪتابن سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏيون، جنهن ۾ انسان جي زندگي جا ڪيئي اسرار رموز موجود آهن.
قارئين علم وا دب ۽ شعر شاعري جي سلسلي ۾ ڪافي مواد لکڻ بعد آئون پنهنجي ماضي ۽ حال جي مختصر ۽ جامع تصوير توهان جي سامهون رکان ٿو. اميد ته توهان جي محبت ڀرين راين سان ضرور مستفيض ٿيندس. آئون سن 1948 ۾ اڃا ڇهن سالن جو هوس پهرين درجي کان سٺ واري ڏهاڪي ۾ مون پنهنجي تعليم تدريس سان گڏ ڪتابن پڙهڻ واري تعلق مان ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. پرائمري استاد جي تقرري سبب ٻارن کي پڙهائڻ مان به منهنجي شعور ۾ ڪافي اضافو ٿيو.
ادب جي دنيا ۾ منهنجي شروعات به انهيءَ دور سان ٿي، ٻه سال ٽريننگ ڪاليج پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيس ۽ 1964 کان 1974 تائين آءٌ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري رهيس. انهي دوران منهنجو تقريبا سڀني ناليوارن اديبن ۽ شاعرن سان تعلق رهيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ترقي پسند اديبن، استادن، شاعرن، عالمن، شاگردن ۽ دانشورن ون يونٽ ۽ سنڌي ٻولي مٽائڻ وارين سازشن جي خلاف هڪ زبردست تحريڪ هلائي، قيد و بند جون تڪيلفون برداشت ڪري، هڪ بهترين ڪردار ادا ڪندي سنڌي ادبي تاريخ ۽ ٻولي جو بقا جو عظيم الشان مثال قائم ڪيو. جن جا نقش اڄ به هر سنڌي جي دل دماغ تي روز روشن جيان عيان آهن. هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت بهترين رول ادا ڪيو. مون انهي ستر واري جبر و ظلم واري دور ۾ پاڻ موکيو ۽ موهيو. مون شاعري جو آغاز سن 1961 کان بيت ۽ وائي سان ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي نظم، غزل، قطعي، دوهي، هائيڪي ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. جيڪا سڄي منهنجي علم و ادب جي موڙي پنهنجي ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ ۾ موجود آهي، گهڻي ڀاڱي منهنجو ڪلام سنڌي ادب جي اعليٰ مخزنن جهڙوڪ روح رهاڻ، سهڻي، اڳتي قدم، نئون نياپو، بادل، نئين دنيا، ڪونج ، سوجهرو، ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي، ڪاليج مخزن، عبرت، هلال پاڪستان، هلال سنڌ ۽ آفتاب جهڙين اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو. معاشي حالتون ٺيڪ نه هئڻ سبب ۽ نوڪري پرديس دوران آءٌ ڪجهه وقت ادبي دنيا کان ڪٽجي ويس. ليڪن لکڻ ۽ پڙهڻ جو مون سلسلو بند نه ڪيو. جيڪي لکيم پئي سو سامي واري مٽ جيئان گڏ ڪندو ويس. معاشي بدحالتن ۽ زماني جي لاهڻ چاڙهن سبب منهنجو ڪافي ڪلام ۽ تحريرون برساتن ۽ پراڻي ڀڳل ٽٽل جاءِ سبب ضايع ٿي ويو. جيڪو منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو. تنهن هوندي به جيڪي ڪجهه ڪلام مونکي هٿ آيو آهي. تنهن کي مون ۽ منهنجي فرزند ارجمند رضوان احمد سومري (جيڪو هن وقت ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آهي) سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ پنهنجي ذاتي دلچسپي سان مون سان تعاون ڪيو. اهڙي ريت آئون ڪتاب لکي شايع ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيو آهيان. مون پنهنجن دوستن ۽ شاگرن کي پنهنجي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر مون کي موٽ نه ملي، هر ڪنهن پاڻ کي مصروف پئي سمجهيو. اسان به همت جو سنڌرو ٻڌي پنهنجي پيرن تي بيهي ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان. اهو سڀ ڪجهه قارئين ڪرام جي هٿن ۾ آهي. اميد اٿم ته مان ملندو.
آخر ۾ آئون پنهنجي دلگهرين دوستن ۽ احبابن جناب پير عبدالحق سرهندي، غلام حسين رنگريز، ڊاڪٽر قادربخش مگسي، حافظ محمد رمضان مصطفائي، محمد يوسف کتري، غلام نبي ڪيريو ۽ نوشاد علي ڀٽي جن جو انتهائي مملون ۽ مشڪور آهيان، جن صاحبن، منهنجي هن شعري مجموعي ”ڪڪر منجهه ڪپار“ تي پنهنجي مختلف عنوانن ۽ خوبصورت راين سان چار چنڊ لڳائي منهنجي عزت افزائي ڪرڻ فرمائي آهي.
مهرباني
تاڃي توريائون، ته عيب نڪتا اڳيان
ڪوٺي ڪاپائتيين کي، پر ۾ پڇيائون
چي؛ اگلڙي آئون، مون کان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا. (شاهه)
خاڪسار پير بخش پياسي