اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
شعرو شاعري جي شغل جو سلسلو صدين کان دنيا جي هر خطي تي جاري آهي ۽ ساري آهي ، شعر شاعري کان متاثر ٿيڻ انساني فطرت جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي، هر دور ۾ ساري عالم ۾ اهڙن حقيقت پسند سچن شاعرن کان هڪ پل به خالي ناهي رهيو، انهن حق جي حفاظت ڪئي ۽ باطل کي بدنام ڪيو، قوم جي پستي جي پاتار ۾ ڪرندڙن ذهنن کي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي بلند و بالا چوٽين کي سر ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو، رستي ۾ هر ظالم جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي رڪاوٽ کي پنهنجي پُر جوش انقلابي شاعري سان همٿائي قوم لاءِ راهه روشن ڪئي. هو باڪردار شاعر هيا، اهڙو ڪو ٻول نه ٻوليائون جنهن تي عمل پيرا نه هجن، هنن قوم جي يڪ طرفه تعريف نه ڪئي پر قوم جي ڪوتاهين جي ناسور جي پنهنجي نشتر جي نوڪ سان قابلانه ۽ عادلانه جراهت به ڪندا رهيا. هنن کي اجاين اميدن ۽ اجائي احساس برتري مان ڪڍي حقيقت شناس ۽ حقيقت پسند بنائي همت ۽ عمل جو گس وٺايو. در اصل علم هجي يا عمل، حرفت هجي يا هنر، اختيار هجي يا اقتدار، شجاعت هجي يا سخاوت، استعمال ۽ اثرات جي لحاظ کان هر شئي جا ٻه پهلو آهن، مثبت ۽ منفي. اهوئي حال شعر و شاعري جو رهيو آهي.
شاعر پنهنجي پُر ڪشش ويچارن سان سچن ۽ کوٽن جي کوڙ مان چند باشعور شخصيتن کي مقناطيس وانگي ڇڪي پنهنجي قرب جو قيدي بنائي ڇڏيندا آهن، منفي پهلو جي اعتبار کان روشن ڪيل مشعل کي پنهنجي واتن سان وڏا ڦوڪا ڏيئي وسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙن کي روشنيءَ جا پرستار پروانا مظلوم انسانيت تي ظلم ٿيندي ڏسي ڪاري اونداهه جا ڪوٽ ڪيرائي روشن مشعل جي چوگرد اچي مڙندا، وڌندا ۽ سرن جا سودا ڪندي پير ڪڏهن به پوئتي نه ڪندا آهن.
مثبتي انداز سان هر شئي پنهنجي مخالف ضد سان ئي سڃاڻ ۽ اهميت ماڻيندي آهي. مثلاََ ڪلفت جي ڪڙاڻ نه هجي ها ته شايد محبت جي مٺاس جو ايترو هُل نه هجي ها، قباحت ۽ ڪوجهڙائپ نه هجي ها ته شايد حُسن جي هيڏي هاڪ نه هجي ها، اونداهه رات نه هجي ها ته شايد پرڀات جي ايڏي پچار نه هجي ها، نااميدي جو جمود نه هجي ها ته اُميدن اُمنگن جي موج مستي ڪير محسوس ڪري ها ۽ ڪانگ جي ڪان ڪان نه هجي ها ته ڪوئل جي پُر سوز ڪوڪو جوايترو اثر نه هجي ها. شاعر پنهنجي جوش ۽ جذبي سان ماٺاري سمنڊ ۾ جولان پيدا ڪندا آهن، اندر جي احساسن ۽ اڌمن سان پنهنجي محبوب جي لاثاني محبت جي موجن ، شاعري جون اهي لهرون اُٿاريندي طاغوتي نمائينده شاعري جا تناور، درخت پاڙان پٽي ڪک پن وانگي لوڙهي ڇڏيندا آهن ۽ مصنوعي شاعرن جي زبانن کي گونگو ڪري ڇڏيندا آهن. اسلام انهن فطري جذبن کي تسليم ڪري ٿو، انهن کي يڪسر رد نٿو ڪري اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مثبتي شاعري کي پسند ڪيو ۽ همتايو، سندن تمنائن ۽ دعائن جو فيض ان وقت کان اڄ تائين قابل عمل آهي. جن جي شاعري جي سحر انگيز اثر جو اصل سبب هنن جو پنهنجي شاعري جي هِڪ هِڪ سٽ تي عمل هيو. هو انسان ذات جا ٺلها لفاظ همدرد ۽ هڏ ڏوکي نه هيا، هو جهڙي طرح شاعري ۾ هر دلعزيز هُيا ته عمل ۾ به من موهيندڙ هيا، ائين نه هيو ته شاعري جي دنيا ۾ هو انسانذات لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جاکوڙي هجن، ڏاڍا مٺڙا سلڇڻا پيا لڳن. پر ذاتي زندگي ۾ هن جا گهر ڀاتي به هن واتان ڪنهن پيار ڀري ٻول ٻُڌڻ لاءِ سڪندا رهن. بهرحال اهڙي انمول اڏول شاعرن جي سوني زنجير جي هڪ سوني ڪڙي اسان جي تاريخي شهر ٽنڊي محمد خان جو شاعر پيربخش پياسي به آهي، جنهن ننڍپڻ کان ئي حالات کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏئي زندگي جي لاهن چاڙهن مان گذري پنهنجو علمي منصب ٺاهيو، ان ڊگهي جدوجهد جي ادوار ۽ انهن اطوار مان گذرندي سائين جو ڪجهه پَسيو ۽ پروڙيو انهن سڀني ساروڻين کي سموئي شاعري جي انمول موتين کي پوئي پنهنجي احساست جي مالها اسان کي ارپي اٿن، شال اسين سندن ان ڪاوش جو قدر ڪري سگهون، سائين پياسي پنهنجي شاعري جي هر صنف ۾ ڀٽائي جي پيروي ڪندي جماليات ۾ به جدوجهد ۽ حق سچ جو پيغام ڏنو آهي، سدس مختلف غزلن جا ڪجهه شعر شاهدي طور پيش ڪجن ٿا.
ويو چنڊ گم ٿي پوئين پَهر ۾ جي
ٽٽي رات ويندي ته پرڀات ٿيندي.
هڪ غزل جا ڪجهه شعر:
ڏنا توکي جي مون سنيها مسافر ياد سي رکجان
سبق سندر سچائي جا سراسر ياد سي رکجان
***
نيون راهون نوان رستا سچائي ۽ صداقت جا
ڏيا روشن دلين ۾ ٿيا اُجاگر ياد سي رکجان
***
ڪپت ۽ ڪوڙ تي ڪرڪي ويا پي سچ سندي سرڪي
چڙهيا سوري مٿي مُرڪي بهادر ياد سي رکجان
***
کنئي اوندهه مٿان پوتي اندر جن جا ٿيا جو تي
ڇٽيا دانش سدا موتي اڪابر ياد سي رکجان
***
مزدور محنتي جا حالِ زار جي عڪاسي ڪيئن نه ڪئي اٿن:
ڏينهن رات پنهنجو رت ٿو ولوڙين
ڪٿ جهولي ۾ تنهنجي آ نان سوچ
***
چڪي منجهه ظلم جي پيا پيڙهجون
ڪڏهن ٽٽندو طلسم هي زندان سوچ
***
چند سڪن خاطر اصولن کي ٽوڙين
ڇو وڪڻين ٿو پنهنجو ايمان سوچ
***
مفادن جي خاطر تون ماڻهو کي ڏس
ٿي انسان مان ويو ڪيئن حيوان سوچ
آخر ۾ آئون انهيءِ راءِ جو قائل آهيان ته ادب ۾ اهائي تخليق باقي ۽ اهو تخليقڪار زندهه رهي ٿو. جنهن جا موضوع، انداز و فڪر منفرد ۽ اسلوب بيان مختلف ۽ حيرت انگيز هجن،مون کي ڪجهه اهڙيون حقيقي شيون سائين جي ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ منجهه مختلف موضوعن تي نظر آيون، اميد ته سائين پيربخش پياسي جو هي ڪتاب سنڌي عوام ۾ مقبول ٿيندو، سنڌي ادب ۾ هڪ مثبت جاءِ والاريندو ۽ علم و ادب ۾ واڌارو آڻيندو.
حافظ محمد رمضان مصطفائي