شاعري

ڪڪر منجهہ ڪپار

پير بخش ’پياسي‘ جي شاعري ۾ جُھڙالا نيڻ به نظر ايندا، ته مُرڪن جا مرگهٽ به موجود مِلندا، هن جي شاعري ۾ جڏهن محبوب اکيون کڻي کلي ٿو ڏي ته شاعر جا سڀئي سور سَنڌا ڪيو وڃن.
هن پنھنجي شاعري ۾ اهڙا ته چِٽ چِٽيا آهن جن کي جڏهن اکيون ڏِسن ٿيون ته حيران رهجي وڃن ٿيون.

Title Cover of book Kakar Manjh Kapaar

اڌ صدي جو فطري شاعر پيربخش پياسي

اڌ صدي جو فطري شاعر پيربخش پياسي

سائين پير بخش پياسي جو شعري مجموعو منهنجي نظر مان گذريو. سوچيندي سوچيندي مونکي احساس ٿيو ته سائين اڌ صدي جو شاعر آهي. راقم الحروف سائين جو شاگرد رهيو آهي. مون کانئس تعليم و تدريس ۽ علم ادب کي ڪافي ڪجهه پرکيو ۽ پروڙيو، سکيو ۽ لکيو آهي. سائين جي شخصيت جا ڪيئي پهلو آهن. سائين استاد ۽ شاعر کان علاوه سٺا ڪمپيئر، سٺا مقرر ۽ بهترين نقاد پڻ آهن، دراصل سائين جي شهرت خوبصورت فطري شاعر جي آهي، سائين جو لکڻ ۽ پڙهڻ سان مسلسل تعلق رهيو آهي. وسيع مطالعي سبب پاڻ علم و ادب جي دنيا ۾ ڪيئي نشيب و فراز ڏٺا آهن، جنهن جو سندس شاعري تي تمام گهڻو اثر آهي.
سائين ٽنڊي محمد خان جي هر دلعزيز شخصيت آهي. شهر جانان جي هر علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي محفلن ۾ پيش پيش رهندا آهن، پاڻ عام گفتگو ۾ به هر موضوع تي دسترس رکندي، پنهنجي عالمانه راءِ ڏيندي ٻڌندڙن کي نه فقط محظوظ ڪندا آهن، پر وڌيڪ لوچڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، سندن خيال موجب جن شخصن جي ڪتابن سان محبت آهي ، اهي ڪڏهن به اڪيلا نه هوندا آهن بلڪه زندگي ۾ خوش و خورم رهندا آهن.
نه رڳو شاعري پر سائين نثر ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سندن ٽڙيل پکڙيل نثري تحريرون سنڌ جي مشهور مخزنن رسالن، ۽ اخبارن ۾ موجود آهن. جن کي جيڪڏهن سهيڙي ۽ سموئي جوڙيو وڃي ته هڪ انمول ڪتاب جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. سندن نثري تحريرن ۾ علم و فهم ۽ عام معلومات جو بي بها خزانو آهي. سائين جو چوڻ آهي پنهنجي هن ڪتاب ڪڪر منجهه ڪپار کانپوءِ نثري تحريرن کي گڏ ڪري هڪ ٻيو ڪتاب منظر عام تي آڻيندس. اميد آهي سائين جن پنهنجي ان ديرينه خواهش کي جلد پوري ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا!.
سائين پياسي جن جو اشعار پيش ڪرڻ جو انداز نروالو آهي، هميشه وانگر عام گفتگو ۾ وقت به وقت مختلف زبانن جهڙوڪ عربي، فارسي، هندي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڇيد، اشتقاق، واحد، جمع، مذڪر، مؤنث ۽ لفظن جي اچارن ۽ معنيٰ مقصد تي گهڻو ڳالهائيندا ۽ سمجهائيندا آهن. ان لاءِ ته قارئين جي شعور ۾ اضافو ٿئي ۽ لکڻ پڙهڻ ڏانهن مائل ٿين اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن ادبي محفلن ۾ يا ڪنهن منعقد مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندا آهن ته حاضرين جون دليون موهي وجهندا ۽ داد وصول ڪندا آهن. سندن مشهور ادبي دوستن جو چوڻ آهي ته سائين پياسي اهڙو شاعر آهي جيڪو محفل جو رنگ بدلائي ڇڏيندو آهي.
جيئن سائين فطري شاعر آهي. جنهن ڪري فطرت ۽ زندگي سان هم آهنگ حقيقتن جي جهلڪ سندن مختلف صنفن جهڙوڪ بيتن، واين، غزلن، نظمن، قطعن، هائيڪن ۽ آزاد نظمن ۾ بخوبي پسي سگهجي ٿي. چوندا آهن ته هڪ سچو طالب مطلوب کي ماڻڻ جي جستجو ڪري ٿو. ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان جي مصداق رهيو آهي، سائين جن جو هيٺيون بيت اهڙي منظر جي عڪاسي ڪري ٿو.
الله آڌيءَ رات جو، چريا جڏهن چنگ،
وحدت جا وجود ۾، وصل وڌا ونگ،
اُت اندر جا امنگ گهلي آيس گهيڙ تي.
***
انسان جي سڄي زندگي وجود ۽ عدم جي ڳجهه ڳوهه کي ڳوليندي گذري ويندي آهي، اهڙو ئي خيال جو اظهار سائين جن وائي ۾ هن ريت ڪيو آهي؛
ڪٿ وسي ٿي هستي تنهنجي، توکي خبر نه ڪائي،
گهور اونڌاهين راتين ۾ ڪنهن، تنهنجي ننڊ ڦٽائي
توکي خبر نه ڪائي!
***
زندگي ايڏي سهنجي نه آهي جو هڪ گهڙي ۾ مقدر ٺاهي وٺجي. ڏک سکن جي سونهن، گهوريا ڏک سکن ري جي مصداق. اهڙي ئي ڳالهه جو عڪس سائين جن جي غزل جي هن شعر ۾ چڱي ريت پسي سگهجي ٿو؛
زندگي ايڏي ناهن سهل
ٺهي وڃن ڀاڳ پل ۾ ڦٽل
***
زندگي هميشه اميد ۽ نا اميدي جي ٻه واٽي تي گذرندي رهي آهي. ساڳي ڳالهه شاعر پنهنجن هيٺين شعرن ۾ به ڪئي آهي؛
دل جا درد درديلا آهن
رستا سڀ پٿريلا آهن
راهه وفا ۾ خون عشق جا
ذرا ذرا چمڪيلا آهن
***
ساڳي اميد ۽ خودداري سندن هيٺين قطعي ۾ ڏسي سگهجي ٿي،
چنڊ آسمان تي چمڪي نه چمڪي
ڌرتيءَ تي سونهن جي اسين کاڻ آهيون
دل جي شعاع سان جلي جوت وئي جي
ته منزل اسانجي اسين پاڻ آهيون.
***
شاهه سائين جي هن بيت وانگيان؛
عشق ناهي راند ڪي ڪنس ڳيرو
سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي
اهڙي خيال جي عڪاسي سائين جن نظم جي هن بند ۾ ڪئي آهي؛
ٻيجل وارا ٻول تون ٻول
مان پنهنجي من کي مست ڪريان
تون ڪات کڻي ڪنڌ کي ڪور
آءٌ ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪريان
***
هڪ فطري شاعر جو تعلق هميشه فطرت سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ فطرت جا سمورا رنگ ڳوٺائي زندگي ۾ چڱي طرح پسي سگهجن ٿا. اهڙي ئي ڳوٺاڻي زندگي جي ڀرپور عڪاسي سائين جن هيٺين هائيڪن ۾ ڪئي آهي.
منهنجي راڻي
هٿ ۾ جنهنجي
آ کانڀاڻي
***
اڄوڪا کاهوڙي
ميڙين پئسا
هڻيــو پاهوڙي!
***
آخر ۾ پنهنجي خيالن جي اڪتفا ڪندي ته ”بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري“ واري قول مطابق سائين جن جو هي آزاد نظم به ڪهڙو نه دل ڏکائيندڙ خيال آهي، جنهن کي هر بني نوع انسان نه فقط محسوس ڪندو پر ان سان پنهنجي روح کي گرمائيندو ۽ تڙپائيندو رهندو؛
چنڊ!
ڪاش تون ماني هجين ها
۽ بکئي پيٽ جي تون پورت ڪرين ها
پر افسوس! تنهنجي چمڪندڙ چانڊاڻ
منهنجي وجود تي
هڪ وڏو بار آهي.
آخر ۾ آءٌ سائين جن جو دعاڳو آهيان ته شال الله تعاليٰ کين وڏي عمر عطا ڪري ۽ صحت مند رکي، جيئن پاڻ اڃا به وڌيڪ موزون نظم ۽ نثر لکي سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهن. آمين
دعاڳو
نوشاد علي ڀٽي