درد جي شهر جو انمول شاعر پياسي
شيلي چيو هو ته شاعر ڏکن ڏوجهرن مان پرائيندو آهي ۽ گيتن جي گونجار سان سيکاريندو آهي، سچ پچ ته آهي به اها حقيقت، اسين شاعر دردن جي ديس جا بي دڳ مسافر آهيون. جڏهن بي حساب درد اچي وجود ۾ واسو ڪندا آهن، تڏهن اندر جي اڌمن کي قلم جي زبان ڏئي وٺندا آهيون ۽ سفيد ڪاغذ تي قلم جي نوڪ سان اندر جو زهر اوڳاڇي ڪو پل سک پائيندا آهيون، اسان جا اهي لفظ ئي ته آهن جيڪي اسان جي اندر جا عڪاس هوندا آهن.
اسين درد جي شهر جا مسافر شاعر، هر وقت سُورن جي سفر ۾ هوندا آهيون. زندگي جي انهي ٿڪائيندڙ سفر مان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، شاهه عبدالطيف پڻ انهي سورن جو تذڪرو ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو ؛
”سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان“
زندگي ۾ اهي ٿورا گهڻا سُور هر انسان جي مقدر ۾ نصيب جو حصو بڻجي وڃن ٿا. پر ڪن ڪن ماڻهن/ شاعرن ان کي شدت سان محسوس ڪندي . شاعريءَ کي پناهه گاهه بڻايو. شاعري جيڪا اندر جي اڌمن ۽ جذبن جي ترجمان ته آهي، پر اظهار جو بهتر ۽ عمدو وسيلو به آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته اسين دردن جي هن درياهه کي ڪهڙي رخ ۾ موڙڻ چاهيون ٿا. آيا اسين ان دردن جي درياهه جي موج ۽ مستي کي پنهنجي انفرادي ذات سان منسوب ڪري پنهنجو پاڻ تائين محدود رکندي جمود ۾ خالص لفظن جون ڪڙيون ڪڙين سان ملائي دائمي جمود ۾ هليا وڃڻ ٿا چاهيون، يا فنِ شاعري جي خارجي حقيقتن جي همڪنار رهي، دائمي قدرن کي ذهن ۾ رکندي جذبن ۽ احساسن کي جدت جي رنگ ۾ قلمبند ڪري ان کي ڪلاسڪ حيثيت ۾ ادب جي افق تي نروار ڪرڻ جا جتن ٿا ڪريون.
زندگي هڪ آهي ۽ درد هزار آهن، هر شاعر وٽ درد کي ڀوڳڻ يا محسوس ڪرڻ جي لذت به الڳ آهي هڪ شاعر/ ڪلاڪار پنهنجي من اندر جي درد جي ناقابل فراموش گهرائي کي ڪيئن تو محسوس ڪري يا ان دردن کي لفظن جو لباس پهرائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ وٽس ( ڏانءُ ۽ ڏات) ڪيترو آهي، اها حقيقت پڻ سندس مزاج ۽ طبع تي منحصر آهي. شيخ اياز شاعري کي سڄي زندگيءَ جو رياض سڏيو آهي، الغرض ته مروج فن ۽ شاعري لاءِ اعليٰ مشاهدو ۽ مطالعي جو عنصر هئڻ به ڪارگر رهي ٿو. جنهن جو پير بخش پياسيءَ وٽ هڪڙو انوکو اعتراف آهي ، انهي حقيقت کي هڪ پاسي رکي مون مٿي پيش ڪيل شيليءَ جي قول جي روشني ۾ پياسي جي شاعري ۾ ٻئي پهلو يڪسر ڏٺا آهن. هن ڏکن کي اوڏڙو ٿي گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ پنهنجي تخليقي انداز سان گهڻو ڪجهه سيکاريو به آهي. اهو سکڻ ۽ سيکاڙڻ وارو عمل هن نه صرف هڪ ديانتدار استاد جي روپ ۾ برقرار رکيو آهي. پر پنهنجي تخليقي انداز سان پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ سرجيو آهي. اچو ته ڏسون هو پنهنجي فن ۾ ناصحاڻي انداز ۾ اسان کي ڪهڙو سبق ٿو سيکاري.
ڏنا جي مون سنيها تو، مسافر ياد سي رکجان
سبق سندر سچائي جا، سراسر ياد سي رکجان
يا
ڪپت ۽ ڪوڙ تي ڪرڪي، ويا پي سچ سندي سرڪي
چڙهيا سوريءَ مٿي مرڪي، بهادر ياد سي رکجان
***
سبق ڪوڙ ۽ ڪپت کي قلب مان ڪڍي سچائي جي ويجهو رهڻ جو آهي. پياسي پنهنجي مثالن ۾ ڪامياب شاعر جي حيثيت سان نروار آهي، اها ئي شاعر جي تعليم آهي جيڪا هو ٻين کي ڏيڻ چاهي ٿو. حقيقت ۾ شاعري ٻڌڻ سان ذهن متوَج ٿئي، ته چئبو شعر ۾ جان آهي، اياز جي فتويٰ درست آهي ته ؛
جا شاعري جا روح گرمائي نٿي
سا منزل مقصود کي پائي نٿي.
آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته پياسيءَ جي مٿي پيش ڪيل غزل ۾ ڪشش آهي، ڇڪ آهي، جان آهي جيڪا ٻڌندڙ جي ذهن کي متوج ڪرائي ٿي، روح تي اثرانداز ٿئي ٿي،، انهي ڪري ان ڪلام جي ڪلاسڪ حيثيت کان انڪاري ڪري ئي نٿو سگهجي. منهنجي نظر ۾ هو اياز جي شاعرانه دعويٰ تي پورو لهي ٿو.
زندگي تلخ تجربن ۽ مشاهدن جو نالو آهي، اهي تجربا ۽ مشاهدا هڪ شاعر/ انسان جي تحت الشعور ۾ سمايل آهن. جڏهن ڪلاڪار انهن کي پنهنجي فن ۾ سمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۽ ڪاوش ڪندو آهي ته، اهي ٻيهر سندس ذهن جي اسڪرين تي اڀري بيهن ٿا. اهي تجربا ۽ مشاهدا جيڪي هن جي ذات تائين محدود هئا، تن کي ٻيهر شاعري جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جو سندس مطلب ئي اهو آهي هو پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪو پيغام/ درس ڇڏي وڃڻ ٿو چاهي. منهنجي خيال ۾ پياسي وٽ نت نوان مشاهدا آهن، هن جيڪو پرايو، سَٺو يا ڀوڳيو، ان ڀوڳنا ۽ تڙپ جي پسمنظر ۾ چئي ڏنو ته؛
پنهنجو پاڻ رک تون سنڀالي
ڪڏهن دوست به دشمن ٿي وڃن
انسان جي اندر جون بي شمار ڪيفيتون آهن، ”ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن“ ڪڏهن خوش آهي ته ڪڏهن غم ، سنڌ جي اڪثر شاعرن پنهنجي حياتي جي گذرندڙ گهڻن دکدائڪ لمحن جي سهڻي نموني عڪاسي ڪئي آهي، مثلاََ شاهه عبدالطيف چيو:
”سکن جي سيد چئي، پکي آءٌ نه پياس“ يعني سک ڪڏهن به راس نه آيا.
مولانا حاجي احمد ملاح چيو:
عجيبن جي عجب الفت ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي
اسان جي پڻ اها حالت ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي
اها حالت اها واردات اڪثر شاعرن تي يڪسان وارد ٿئي ٿي. پر حساس انسان تي ان جو اثر ڪجهه زياده ئي ٿئي ٿو. اهڙي اڻٽر ڪيفيت حقيقت پياسيءَ جي فن ۾ اڪثر موجود آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن پياسي شآعريءَ جي کيتر ۾ پير پاتو هو تڏهن وطن پرستي ۽ انقلابي شاعريءَ جي اوسر ٿي رهي هئي، ته ان وقت جو پياسي جو ابتدائي ڪلام سندس ان دؤر جي جذبن جي عمدي عڪاسي ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:
ڪوڙ قاتل جي اڳيان سچ ٿيندو ٿي سرخرو
سقراط بڻجي زهر هت روز ٿو پيئڻو پوي.
يا
عشق جي آڙاهه ۾، خود عشق ٿو چکيا چڙهي
مچ محبت منجهه ٿو، پروانو ٿي پچڻو پوي.
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري غور ۽ فڪر سان پڙهي ڏسبي ته ان ۾ نراسائي ۽ نااميدي نظر نه ايندي، اسان جي شاعرن وٽ پيا ملن جي آس زمان ۽ مڪان جي بلندين کان به اڳتي وڌيل نظر ايندي جيئن؛
مون ساريندي سپرين اچين جي هيڪار
يا
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقو ن ڪري
تئين هر اهم شاعر وانگر پياسي جي من ۾ به پيا ملن جي آس ڪر موڙي جاڳي ٿي، تڏهن وٽس اميد ۽ چاهت جو احساس ئي نرالو ٿيو پوي، هو ماضيءَ کان حال تائين هر ياد کي سيني ۾ سانڍي جيئندو رهيو آهي.
تو مون گڏجي ڏٺا ها جي سپنا
تن يادن سان زخم ڀرڻ چاهيان ٿو.
يا
ماڳ موٽي اچين، اچين نه اچين
در دل جا کليل رکڻ چاهيان ٿو
پياسي صاحب نه رڳو غزل جي صنف ۾ اعليٰ مقام جو مالڪ بڻيو پر سندس وايون پڻ فن شاعريءَ جو نادر نمونو آهن. جنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ان جي حسناڪيءَ جا سڀئي لفظ ۽ ڳڻ ڳايا اٿس:
سارنگ آيو منڊل منڊيا
ميگهه ٻڌا اڄ موڙ ميان
جانيءَ جي ڏس جوڙ !
واه! سچ پچ ته هي وائي فن ۽ فڪر جي نقطئه نگاهه کان اعليٰ پئماني جي تخليق آهي، نه رڳو اها وائي بلڪه اهڙا کوڙ سارا مثال سندس واين جي ورلاپ ۾ موجود آهن.
آئون پياسيءَ جي نظم جا هيٺ مثال پيش ڪريان ٿو. جنهن کي پڙهڻ سان توهان خود محسوس ڪندو ته ڪيئن نه لفظ روح جي پاتال تائين لهي ٿا وڃن. لفظ لفظ ۾ ڪيڏي نه حسناڪي آهي، ڪيڏي نه اميد ۽ تڙپ آهي ان ڪري شآعر پنهنجي خيالن جي پروازيءَ ۾ گهڻو مطمئن نطر اچي ٿو.
ڏسو ؛
جڏهن چنڊ چوڏهين سندي رات ٿيندي
تڏهن توسان منهنجي ملاقات ٿيندي
هي بند به پڙهو:
ويو چنڊ گم ٿي پوئين پهر ۾ جي
کٽي رات ويندي ته پرڀات ٿيندي
***
وقت جي گذرڻ سان گڏ سندس فن ۾ پختگي سان گڏ جدت به آئي، اهڙا کوڙ سارا عنوان سندس فن شاعريءِ جو سرمايو بڻيا آهن، پياسي ڪافي وقت کان شاعريءَ جي کيتر ۾ طبع آزمائي ڪندو پيو اچي، شآعر، گهڻين صنفن تي لکيو آهي، جيئن بيت، وائي، غزل، نظم، دوها، هائيڪا وغيره پر کيس خاص مڃتا وائيءَ جي صنف ۾ ملي آهي.
پياسيءَ جو ِضلعي ٽنڊي محمد خان جي خوبصورت شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مونکي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته پياري سائين پيربخش پياسي جي شاعري ڪتابي صورت ۾ نروار ٿي رهي آهي. ان نيڪ ڪم تي هو مبارڪ جو مستحق آهي.
مونکي عربي ٻوليءَ ۾ چيل هڪ شعر ياد ٿو اچي ته:
يلوح الخط في القرطاس دهراََ
وڪاتبھ رميم في التراب
يعني ڪاغذ تي ڇڏيل تحرير هميشه محفوظ رهندي آهي، جڏهن ته ان جو لکندڙ مٽيءَ ۾ ڳري ويندو آهي.
منهنجي خيال ۾ ٽنڊي محمد خان جي ادبي تاريخ ۾ اسان جو هي محبوب استاد مٽيءَ ۾ مدفون ٿي ڳري وڃڻ جي بجاءِ پنهنجي عظمت سان نسل در نسل سدا حيات رهندو.
ڊاڪٽر قادر بخش مگسي