پياسي جي شاعري جا دلچسپ موضوع
جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي ايس ايليٽ جو چوڻ آهي ته ”شعر ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهين اوهين جدت ڪار جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جانچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم به قدم ان جي پورائي ۾ اڳتي وڌندي ڏسندا.“
پيربخش پياسي اهو اجارو روح آهي جيڪو تونس ۾ تار ستار جي تارن جيئن هميشه تڙپندو رهيو آهي. شاعري بيشڪ اندر جو آبشار آهي ۽ ان ۾ اڻ ڳڻيا احساس ۽ جذبا موجزن رهندا آهن. پياسي پنهنجي اندر جي اڃ اجهائڻ لاءِ شاعري جو سهارو ورتو آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ سندس من اندر جي اُڃ اجهائڻ بجاءِ ويتر وڌندي رهي آهي. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، نظم، بيت، وايون، چوسٽا، هائيڪا دوها ۽ آزاد نظم لکي جيڪي تجربا ڪيا آهن سي ڪامياب رهيا آهن. بيت، دوهو، وائي، سنڌي شاعري جون اساسي صنفون آهن جن ۾ هن جو اظهار سريلو ۽ پختو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نظم، آزاد نظم، غزل، هائيڪو، ٻين ٻولين جون صنفون آهن پر پياسي انهن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪري ڪلاسڪ ۽ جدت جو سنگم ٺاهي ڇڏيو آهي، هن جي غزل ۾ فني پختگي سان گڏ نرمل جذبن جو اظهار ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
شاعري فارسي هجي يا اردو يا هندي انهن ۾ چنڊ هڪ اهڙو استعارو آهي جنهن ۾ جيترو نرالپ جو اظهار ڪري سگهجي سو ٿورڙو آهي، مٿي ذڪر ڪيل ٻولين جي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو پر اسان جي عظيم ڪلاسيڪل شاعر لطيف سائين به پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو نرالي نموني اظهار ڪيو جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
پياسي به هڪ غزل ۾ چنڊ جي چانڊاڻ متعلق هن ريت اظهار ڪيو آهي:
در پٺيان نڪتو هو چنڊ
مرڪي من ۾ پيو هو چنڊ
جهڙ جهالارن ۾ جو ڏٺم
پرين جو پرتوو هو چنڊ
ٿي چوڏس اونده انڌوڪار
ڪڪرن منجهه لڪو هو چنڊ
پير بخش پياسي هڪ ڪهنه مشق شاعر هئڻ سبب فني پختگي سان گڏ فڪري گهرائي به رکي ٿو. هو ڪافي عرصي کان شاعري ڪندو آيو آهي ۽ اهو سڀاڳ آهي سنڌي ٻوليءَ جو جنهن کي سندس ڪويتا ڪتاب نصيب ٿيو آهي.
هر صنف تي الڳ الڳ اپٽار ڪرڻ سان هن ليک ۾ طوالت پيدا ٿي ويندي انهيءَ ڪري پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي هن جي هر لفظ کي بغور پڙهن ۽ معنيٰ جا موتي ميڙين.
دل ته گهڻو ئي چاهي ٿي ته گهڻو ڪجهه لکان پر طبيعت جي ناسازي سبب وڌيڪ لکڻ کان قاصر رهيو آهيان.
غلام حسين رنگريز