مذهب

قرآن جو مطالعو

ڪتاب ”قرآن جو مطالعو (قرآني آيتن جو تذڪيري اڀياس)“ نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2016ع ۾سچائي اشاعت گهر دڙو وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو مطالعو

پيش لفظ

پيش لفظ

قرآن جو مطالعو

هڪ آسماني ڪتاب جو ڪنهن انسان تي لهڻ هڪ بي حد غير معمولي واقعو آهي. قديم عربستان ۾ اهو غير معمولي واقعو ٿي گذريو. الله تعاليٰ ملائڪ جبرئيل جي ذريعي قرآن کي مڪي جي حضرت محمدصه بن عبدالله بن عبدالمطلب تي لاٿو. قرآن جو اهو لهڻ لڳ ڀڳ ٽيويهن سالن ۾ پورو ٿيو. ان جو شروعاتي حصو مڪي ۾ 610ع ۾ لٿو ۽ ان جو آخري حصو 632ع ۾ مديني ۾ لٿو.


قرآن جا دليل
اهو قرآن ڪهڙي نموني پيغمبر اسلام تي لٿو، اُن جو ذڪر قرآن ۾ هنن لفظن ۾ آيو آهي: وِانه لتنزيل رب العالمين نزل به الروح الامين علي قلبک لتکون من المنذرين، بلسان عربي مبين، و اِنه لفي زبر الاولين (الشعراء 192 ــ 196) يعني: ۽ بيشڪ اهو جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي. ان کي امانت وارو کڻي آيو آهي تنهنجي دل تي ته تون ڊيڄاريندڙن مان ٿئين. پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾. ۽ بيشڪ اهو اڳين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي.
وحيءَ جي لهڻ (روح) جا وڌيڪ تفصيل حديث ۾ آيا آهن. وحيءَ جي حقيقت جي باري ۾ سوال ڪيا ويا ته قرآن ۾ ان جو جواب هن ريت ڏنو ويو: ’ويسئلونک عن الروح، قل الروح من اَمر ربي وما اوتيتم من العلم الا قليلاََه‘ (بني اسرائيل 85) يعني: ۽ هو توکان روح جي باري ۾ پُڇن ٿا، چئو روح منهنجي پالڻهار جي حڪم سان آهي. ۽ توکي تمام گهٽ علم ڏنو ويو آهي.
اُن جو مطلب اهو آهي ته ان سوال جي سلسلي ۾ اصل مسئلو سنئون سڌو جواب ڏيڻ جو نه آهي، پر خود سوال ڪندڙ جي پنهنجي محدوديت جو آهي. ڇو ته سوال ڪندڙ پنهنجي فطري محدوديت جي ڪري ان مسئلي کي رڳو ٿورو ئي سمجهي سگهي ٿو. هو ڪُلي معنيٰ ۾ ان جي نوعيت جو احاطو ڪري نٿو سگهي، اهو جواب عين سائنٽيفڪ آهي. دنيا جي سڀني شين جي اُڀياس جي لاءِ سائنس ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. خود سائنسي تحقيق ٻڌايو آهي ته انسان پنهنجي پيدائشي محدوديت جي ڪري ڪنهن علم جو مڪمل طور تي احاطو نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري سائنس ۾ جزوي واقفيت جي بنياد تي ئي سڀئي نظريا قائم ڪيا ويا آهن. اهوئي سائنسي طريقو انسان کي وحيءَ جي باري ۾ به اختيار ڪرڻ گهرجي.
قرآن، خدا جو ڪلام آهي، اهو پيغمبر اسلام جو پنهنجو ڪلام ڪونهي. ان جو هڪ سادو ثبوت قرآن ۽ حديث جي زبان جو فرق آهي. حديث، خود پيغمبر اسلام جو پنهنجو ڪلام آهي ۽ قرآن اهو خدائي پيغام آهي، جيڪو ملائڪ وسيلي پيغمبر تي لٿو. جڏهن ٻنهي جو تقابلي (ڀيٽا ڀيٽي) اُڀياس ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي حديث پنهنجي سڀني خوبين جي باوجود هڪ ”بشر“ جي زبان لڳي ٿي. ان جي ابتڙ قرآن پنهنجي غير معمولي اسلوب جي ڪري اُتم شاهاڻون ڪلام نظر اچي ٿو. حديث جي زبان ۽ قرآن جي زبان ۾ فرق ايترو ته ظاهر آهي، جو ڪوبه عربي دان جيڪو ٻنهي کي ڀيٽاڀيٽي (تقابلي) پڙهي، اهو ان فرق کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. ٻنهي جو اهو فرق پنهنجي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قرآن، الله جو ڪلام آهي نه ڪي خود رسول جو پنهنجو ڪلام.
ٻي شئي اها ته قرآن جي ڪلام ۾ معنوي لحاظ کان اهڙا مختلف پهلو آهن، جيڪي ڪنهن به انسان جي ڪلام ۾ موجود نه آهن. انهن مان هڪ پهلو اهو آهي ته قرآن ۾ فلڪيات، طبعيات، حياتيات، ارضيات، نباتيات، حيوانيات ۽ تاريخ وغيره جي باري ۾ اهڙا بيان آهن، جيڪي ڏيڍ هزار سال اڳ ڪنهن به انسان کي معلوم نه هئا، جيستائين قرآن نازل نه ٿيو. اهي حقيقتون پهريون ڀيرو اڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ انسان جي علم ۾ آيون. انهن جو حوالن طور تي قرآن ۾ موجود هئڻ، ان ڳالهه جو قطعي ثبوت آهي ته قرآن خداوند عالم الغيب جو ڪلام آهي. ڪوبه انسان ان قسم جي اڳواٽ اطلاع تي قادر ٿي نٿو سگهي.
ان قسم جا ڪيترائي مثال مون پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. جهڙوڪ: عظمت قرآن، مذهب ۽ جديد چئلينج جو لاڳاپيل حصو. پنهنجي تفسير ”تذڪير القرآن“ ۾ به مون ڪن آيتن جي تشريح تحت ان قسم جا حوالا شامل ڪيا آهن.
فرانس جي ڊاڪٽر مورس بڪائي (Maurice) ان موضوع تي فرينچ زبان ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي. ان جو ترجمو مختلف زبانن ۾ ٿيو آهي. عربيءَ ۾ ان جو نالو ”القرآن الکريم والتوراة والانجيل العلم (صفحا 290) ۽ انگريزي ترجمي جو ٽائيٽل: “The Bible The Quran and Science” آهي. ان ڪتاب ۾ قرآن جي قديم بيانن جي ڀيٽ جديد سائنسي دريافتن سان ڪئي ويئي آهي. ليکڪ لکيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ مڪمل هڪجهڙائيءَ (ڪامل مطابقت) جي تشريح ان کان سواءِ ٻي ڪابه نٿي ڪري نٿي سگهجي ته قرآن کي خدا جو ڪلام مڃيو وڃي. ان موضوع تي تفصيلي بحث ڪندي پڇاڙيءَ ۾ ليکڪ لکيو آهي:
In view of the level of knowledge in Mohammad’s day, it is inconceivable that many of the statements in the Qur’an which are connected with science could have been the work of a man. It is, more over, perfectly legitimate, not only to regard the Qur’an as the expression of a Revelation but also to award it a very special place, on account of the guarantee of authenticity it provides and the presence in it of scientific statements which, when studied today, appear as challenge to explanation in human terms.


سهيڙ ۽ ترتيب
قرآن پرنٽنگ پريس جي زماني کان اڳ جي زماني ۾ نازل ٿيو. پر اُن جي حفاظت جي لاءِ غير معمولي بندوبست ڪيو ويو. پيغمبر اسلام ﷺ وٽ هر وقت ڪونه ڪو وحيءَ جو ڪاتب موجود رهندو هو ته جيئن جڏهن به جبرئيل قرآن جو ڪو حصو کڻي لهي ته اهو هڪدم لکي وٺجي. اها ڪتابت ان زماني جي ڪاغذن تي هوندي هئي، جهڙوڪ: کل وغيره. ڪتابت جو اهو بندوبست ايترو ته گهڻو هو، جو هجرت جي موقعي تي پيغمبرِ اسلام ﷺ پنهنجي صحابي ابوبڪر صديقرضه سان گڏ مڪي کان مديني روانو ٿيو ته جيتوڻيڪ اهو بيحد هنگامي سفر هو، پر ان جي باوجود حضرت ابوبڪررضه جيڪو هڪ ڪاتب وحي به هو. ان پاڻ سان گڏ قلم ۽ ڪاغذ به کنيو هو، ته جيئن سفر جي دوران جيڪڏهن قرآن جو ڪو حصو لهي ته اهو هڪدم لکي وٺجي.
قرآن کي محفوظ ڪرڻ جو اهو بندوبست هڪ ئي وقت ٻن طريقن سان جاري هو. هڪ، لهڻ کان هڪدم پوءِ اهو لکي وٺڻ. ٻيو ان کي باقاعده ياد ڪرڻ. ايئن هڪ طرف لڳ ڀڳ ٻه ڊزن وحيءَ جا ڪاتب، وحي جي ڪتابت جي عمل ۾ رڌل رهندا هئا، ۽ ٻي طرف هزارن جي تعداد ۾ پاڻ سڳورن جا اهڙا اصحابي هئا، جيڪي قرآن پاڪ کي لفظ به لفظ ياد ڪري وٺندا هئا. پڌرو هجي ته پريس جي دؤر کان اڳ سڄي دنيا ۾ شين کي ياد رکڻ جو رواج هو، تنهن ڪري گهڻي استعمال جي ڪري ان زماني جي ماڻهن جي يادگيري به سٺي هوندي هئي. جهڙوڪ: قديم عربستان ۾ هزارين اهڙا ماڻهو هئا، جن کي ڊگها ڊگها شجرا ۽ وڏا وڏا قصيدا زباني ياد هئا ۽ هو انهن کي پنهنجي حافظي جي مدد سان محفلن ۾ پڙهندا هئا.
ايئن قرآن موقعي جي مناسبت سان لهندو رهيو. ايستائين جو اهو پيغمبر ﷺ جي لاڏاڻي کان ڪجهه عرصو اڳ مڪمل ٿيو. پيغمبر اسلام ﷺجي هن دنيا مان لاڏاڻي کان اڳ جڏهن قرآن جا سڀ حصا لهي چڪا هئا ته خدا جي حڪم سان جبرئيل پاڻ سڳورن وٽ آيو، هن قرآن جي سڀني لٿل حصن کي هاڻوڪي مصحف موجود ترتيب ڏنو ۽ پوءِ مڪمل قرآن، سورة فاتحه کان وٺي سوره الناس تائين سلسلي وار پڙهي ٻڌايو. ايئن جبرئيل جي سامهون قرآن پڙهڻ جو واقعو ٻه ڀيرا ٿيو. پهرين پڙهڻيءَ کي ’عرضه اوليٰ‘ ۽ ٻيو ڀيرو پڙهڻيءَ کي ’عرضه اخيره‘ چيو وڃي ٿو.
632ع ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي وفات ٿي ته ان وقت قرآن هر لحاظ کان مڪمل ۽ محفوظ ٿي چڪو هو. البت اهو اڃا سوڌي هڪ مجلد ڪتاب جي صورت ۾ گڏ نه ٿيو هو. اهو ڪم پهرين خليفي ابوبڪر صديقرضه جي هدايت موجب ڪيو ويو. پهرينءَ خليفي ان ڪم جي لاءِ زيد بن ثابت انصاريءَ کي مقرر ڪيو، جيڪو ان ڪم جي لاءِ صحابين مان وڌيڪ اهل سمجهيو ويندو هو.
حضرت زيد بن ثابترضه ان ڪم جي لاءِ اهو آخري بندوبست ڪيو، جيڪو ڪنهن انسان جي لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ٿي. هن پڙو ڏياريو ته جن وٽ به قرآن جا لکيل جيترا به حصا آهن، اهي سڀ آڻين. تنهن ڪري سڀني ڪتابت ٿيل حصا حضرت زيد بن ثابت انصاريرضه جي حوالي ڪري ڇڏيا. هو پاڻ به قرآن جو مڪمل حافظ هو. پر هن وڌيڪ احتياط جي لاءِ ڪجهه ٻين حافظن کي به پنهنجي مدد جي لاءِ مقرر ڪيو.
هاڻ اهو عمل شروع ڪيو، جنهن کي هڪ مستشرق بجا طور تي چيڪنگ جو ٻٽو طريقو (Double Checking System) جو نالو ڏنو آهي. يعني هڪ طرف قاري قرآن جا حصا پڙهندو هو ۽ ٻي طرف ان پڙهيل حصي جي ڀيٽ لکيل ذخيري سان ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن لکت ۽ يادگيري، ٻئي هڪٻئي موجب ثابت ٿي ويندا هئا ته ان زماني جي دستياب ڪاغذ تي لکيو ويندو هو. اهڙي طرح چيڪنگ جي ٻٽي اصول کي اختيار ڪندي سڄي قرآن کي شروع کان وٺي آخر تائين ترتيب کي ان زماني جي ڪاغذ تي لکيو ويو، ۽ پوءِ اهو سلائي ڪري، ان کي هڪ مجلد ڪتاب جي صورت ڏني ويئي، جيئن ته اهو پهريون مصحف چوڪنڊو هو، تنهنڪري اهو ’ربعه‘ سڏجڻ لڳو.
ان ربعه (مصحف اول) کي خليفي ابوبڪر صديق، رسول الله ﷺ جي گهر واريءَ حضرت حفصه بنت عمررضه وٽ رکرائي ڇڏيو ۽ اهو مصحف اول ان ئي حالت ۾ حضرت حفصه وٽ محفوظ رهيو. نيٺ حضرت عثمان بن عفان، ٽين خليفي جو زمانو آيو. جنهن ان ’مصحف اول‘ کي حضرت حفصه کان گهرايو ۽ سرڪاري بندوبست هيٺ ان جا ڪيترائي نقل تيار ڪرايا ۽ پوءِ انهن تيار ٿيل سرڪاري نسخن کي مسلم دنيا جي وڏن وڏن شهرن ۾ موڪلي ڏنو ۽ اهو حڪم ڏنو ته اهي نسخا شهر جي جامع مسجدن ۾ رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو انهن مان فائدو وٺي سگهن. ان کان پوءِ هر شهر ۾ ماڻهو انهن نسخن تان وڌيڪ نقل تيار ڪرڻ لڳا. ايئن قرآن جا هزارين صحيح نسخا ايشيا کان وٺي آفريقا تائين هر ملڪ ۾ پکڙجي ويا.
قرآن جي حفاظت ۽ اشاعت جي اها تاريخ اڳيان وڌندي رهي. ان ۾ مختلف پهلوئن کان نسل درنسل ماڻهو حصو وٺندا رهندا. جهڙوڪ: بنو اميه جي حاڪم حجاج بن يوسف الثقفيءَ (وفات 95هه/ 714ع) جي زماني تائين قرآن ۾ اعرابون نه هونديون هيون. جنهنڪري غير عرب ان کي پڙهڻ ۾ غلطيون ڪندا هئا. حجاج سڄي قرآن تي اعرابون ڏياريون، جنهن جي نتيجي ۾ اهو امڪان ختم ٿي ويو ته ڪو شخص قرآن پڙهڻ ۾ ادائگيءَ جي غلطي ڪري.
ساڳيءَ طرح قرآن جا قديم نسخا ابتدائي خط ۾ لکيا ويندا هئا. ان خط جو اسلوب بنهه سادو هو. ان ۾ هاڻوڪي تحريري سونهن موجود نه هئي. ان کوٽ کي عباسي دؤر جي خطاط ابن مقله (وفات 940ع) پورو ڪيو. ابن مقله خطاطيءَ جو خصوصي ذوق رکندو هو. هن ڊگهي عرصي جي مشق ۽ تجربي کان پوءِ اهو سهڻو عربي خط ايجاد ڪيو، جنهن کي ’خط ڪوفي‘ چيو ويندو آهي. هاڻوڪو عربي خط ان جي هڪ ترقي ڪيل شڪل آهي. ساڳئي طرح ابن مقله جي ڪوششن قرآن کي ’حسن خط‘ جي دؤر ۾ داخل ڪيو.
قرآن جي حفاظت جو اهو عمل صدين تائين جاري رهيو. ڪجهه ماڻهن مڪمل بندوبست سان قرآن جا نقل تيار ڪندا هئا ۽ ڪجهه ماڻهو مڪمل بندوبست سان قرآن کي حفظ ڪندا هئا. ڪتابت ۽ حفظ کي هڪ ٻئي کان ڀيٽ ڪرڻ جو عمل به صدين تائين جاري رهيو. جڏهن به ڪو شخص قرآن جو هڪ نسخو لکي تيار ڪندو هو ته ڪنهن حافظ کان پڙهائي ان کي ڀيٽيندو هو. ساڳئي طرح جڏهن ڪو شخص قرآن حفظ ڪندو هو ته ان حفظ کي لکيل قرآن سان ڀيٽيندو هو. اهو عمل لڳاتار جاري رهيو. ڪجهه ماڻهن قرأت ايجاد ڪئي، جنهن کان پوءِ هر نسل ۾ هزارين ماڻهو ان عمل ۾ مشغول ٿي ويا ته جيئن هو پيغمبر ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن جي لهجي ۽ قرأت کي اڳوڻي حالت ۾ محفوظ رکن.
اها حفاظت، قرأت جو اهو بندوبست ايتري ته وڏي پئماني تي ٿيو، جو اڄ هڪ سکيا ورتل قاري جڏهن قرآن جي تلاوت ٿو ڪري ته ٻڌندڙن کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اهو رسول ۽ اصحاب رسول جي قرآت کي ٻڌي رهيو آهي. ايئن رسول ۽ اصحاب رسول جي قرآن تاريخ جي دوش تي سوار ٿي نسل درنسل سفر ڪندي رهي ته جيئن هر زماني جي ماڻهن کي ان جي گونج اصل آواز ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندي رهي.
قرآن جي حفاظت جو اهو عمل نسل در نسل جاري رهيو. ايستائين جو اهو پرنٽنگ پريس ۽ رڪارڊنگ جي دؤر ۾ پهچي ويو. پرنٽنگ جي ايجاد قرآن جي ڪتابت کي ابدي طور تي محفوظ ڪري ڇڏيو. ساڳئي طرح رڪارڊنگ جي ايجاد قرآن جي اصل آواز جي حفاظت جي يقيني ضمانت بنجي ويئي. ٻين لفظن ۾ اهو ته قرآن جي انساني حفاظت سان گڏوگڏ هاڻ ان جي پويان مشيني حفاظت جو بندوبست به شامل ٿي ويو. ان وڌيڪ بندوبست هاڻ قرآن جي متن ۾ ڪنهن به قسم جي بگاڙ کي عملي طور تي ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي.


عربي زبان
قرآن جي حفاظت سان گڏ اهو به ضروري هو ته قرآن جي زبان عربيءَ کي به سدائين جي لاءِ محفوظ رکجي. اهو ڪم به اُمت جي عالمن وڏي پئماني تي ڪيو. عربي زبان، قرآن جي لهڻ وقت ئي هڪ اعليٰ زبان جي حيثيت رکندي هئي، پر فني لحاظ کان ان جي تدوين نه ٿي هئي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ماڻهو اُٿيا، جن نحو ۽ صرف ۽ لغت جي ميدان ۾ غير معمولي ڪم ڪيا ۽ عربي زبان کي هڪ مدون لغت جي حيثيت ڏيئي ڇڏي. قرآن جي زبان عربيءَ جي حفاظت جو اهو ڪم ايڏي وڏي پئماني تي ٿيو جو عربي زبان اڄ به پنهنجي شروعاتي حالت ۾ جيئري آهي، جيئن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت هئي. چوڏهن سؤ سالن جي ڊگهي عرصي گذري وڃڻ جي باوجود ان جي اندر ڪابه لغوي تبديلي اچي نه سگهي آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران دنيا جون هڙئي زبانون بدلجي چڪيون آهن.
جهڙوڪ: جيفري چاسر (Geoffrey Chaucar) انگريزي زبان جو مشهور شاعر آهي. چاسر 1342ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1400ع ۾ گذاري ويو. هن جو زمانو اڄ کان پنج سؤ سال اڳ جو آهي. پر سندس زبان هاڻوڪي انگريزي زبان کان ايتري ته مختلف آهي، جو اڄ جو ڪو عام انگريزدان ان کي سمجهي نٿو سگهي. اها فقط ڊڪشنري ۽ مخصوص ماهرن جي تشريح/ وضاحت جي مدد سان سمجهي سگهجي ٿي. پر قرآن جي زبان عربيءَ جو معاملو اُن کان بلڪل ڌار آهي. اڄ جيڪا عربي زبان لکي وڃي ٿي، سا بلڪل اهائي آهي، جيڪا قرآن جي لهڻ وقت هئي. قرآن، حديث ۽ اصحابين جي زبان کي سمجهڻ اڄ به هڪ عربي دان جي لاءِ ايترو ئي سولو آهي، جهڙو اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ هڪ عربي دان جي لاءِ ممڪن ۽ سولو هو.
عربي زبان جو ايئن پنهنجي اصلي شروعاتي حالت تي باقي ۽ جيئرو رهڻ ڪو اتفاق ڪونهي. الله تعاليٰ جي توفيق سان هزارين ماڻهو زبان جي حفاظت جي ان عمل ۾ لڳا رهيا. هنن نحو ۽ صرف، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل فنن ۾ غير معمولي محنتون ڪيون، ايستائين جو هڪ اڻ سهيڙيل (غير مدون زبان) مڪمل معنيٰ ۾ هڪ مدون علمي زبان بنجي ويئي. قرآني زبان کي محفوظ ڪرڻ جي اها محنت ڪيڏي وڏي پئماني تي ڪئي ويئي، ان جو رڳو هڪ مثال هتي ڏنو وڃي ٿو. ابو سعيد الاصمعي هڪ مشعور لغت نويس هو. هو 122هه ۾ بصري ۾ پيدا ٿيو ۽ 216هه ۾ بصري ۾ ئي وفات ڪيائين. الاصمعي کي ان ڳالهه جي لوري لڳل هئي ته هو عربي لفظن جي اها معنيٰ ڳولهي لهي، جيڪا اصلي عرب رهاڪن جي ذهنن ۾ هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ هو ڊگهي عرصي تائين عربستان جي ريگستان ۾ گهمندو رهيو، ته جيئن عرب بدوئن کان عربي جي باري ۾ لساني ڄاڻ حاصل ڪري، ڇو ته اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عرب بدوئن ۾ عربي زبان پنهنجي اصلي (نج/ نبار) حالت ۾ محفوظ آهي.
قرآن جي هڪ آيت جا لفظ هي آهن. فدمدم عليهم ربهم بذبنهم فسواها (الشمس 14). الاصمعي کي اهو اُلڪو ٿيو ته خالص عرب لفظ ”دمدم“ ڪهڙي موقعي تي ۽ ڪهڙي مفهوم ۾ ڳالهائين ٿا. ان ڌُن ۾ هو عرب جي هڪ بدو قبيلي وٽ ويو. هو ايئن به ڪري سگهيو ٿي ته ڪنهن بدوءَ کان پُڇي ها ته اوهين ”دمدم“ لفظ ڪهڙي معنيٰ ۾ ڳالهايو ٿا، پر هن ايئن نه ڪيو. هن چاهيو ته ڪو اهڙو موقعو اچي، جڏهن هڪ بدو بي ساخته/ بي اختيار/ پاڻمرادي طور تي لفظ ”دمدم“ ڳالهائي. ان مقصد جي لاءِ هو هڪ لاڏائو ڪٽنب سان شامل ٿي ويو.
اٽڪل ڇهه مهينا گذري ويا. پر بدؤَ جي زبان مان ”دمدم“ لفظ ٻڌڻ ۾ نه آيس. نيٺ هڪ ڏينهن هيئن ٿيو ته هڪ هنڌ تنبو لڳل هو ۽ اُتي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ ٻوڙ رڌجي رهي هئي. بدو مرد تنبوءَ جي اندر هو ۽ سندس زال ٻاهر ڪو ڪم ڪري رهي هئي. الاصمعي، بدوءَ وٽ ويٺو هو. ٻوڙ رڌجندي هڪ گهڙي اهڙي به آئي، جو ان جي گرمي سؤ ڊگرين تي پهچي ويئي ۽ ديڳڙيءَ جي مٿان رکيل ڍڪڻ جوش سبب اُڀامڻ لڳو ته زال پنهنجي مڙس کي خبر ڏيندي چيو: دمدمت... اهو ٻُڌندي ئي الاصمعي کڻي ٽپ ڏنو ۽ اهو چئي ٽپڻ لڳو:
والله وجدت والله جدت (خدا جو قسم مون کي ملي ويو، خدا جو قسم مون کي ملي ويو.)
ايئن ڪيترن سوَن سالن تائين هزارين اهل علم محنت ڪندا رهيا. هو مختلف پهلوئن کان عربي زبان جي تدوين ۽ حفاظت ۾ رڌل رهيا. ان جو نتيجو اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته جهڙي نموني قرآن پنهنجي اصلي حالت ۾ محفوظ آهي، ايئن ئي ان جي عربي زبان به مڪمل طور تي محفوظ آهي. زبان ۽ ادب جي معاملي ۾ اها هڪ انتهائي مختلف ڳالهه آهي، ان جو ڪو ٻيو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته اڄ قرآن کي عام ماڻهن جي لاءِ سمجهڻ ايئن ناممڪن هجي ها، جيئن ٻين مذهبي ڪتابن جا شروعاتي نسخا عام ماڻهن جي لاءِ سمجهڻ ناممڪن ٿي چڪا آهن. ٻيا سڀئي مذهبي ڪتاب ترجمن جي مدد سان پڙهيا وڃن ٿا، جڏهن ته قرآن اڄ به ان جي اصل زبان ۾ پڙهيو وڃي ٿو.


قرآن جو تفسير
قرآن ۾ مختلف انداز سان اها ڳالهه چئي ويئي آهي ته قرآن جي نزول جو مقصد اهو آهي ته ماڻهو اُن تي سوچ ويچار ڪن ۽ ان مان هدايت حاصل ڪن: کتاب انزلنه اليک مبارک ليدبروا آيته وليتذکرا ولوا الالباب. (ص- 29) يعني: هي هڪ برڪت ڀريو ڪتاب آهي، جيڪو اسان اوهان ڏانهن موڪليو آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي ويچارين ۽ ته جيئن عقل وارا ان مان نصيحت پرائين.
قرآن کي پڙهڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ سادي نموني جي قرائت ڪرڻ ۽ ٻيو طريقو اهو آهي ته ان جي آيتن تي غور ۽ ويچار ڪري ان کي پڙهيو وڃي. قرآن جي قرائت مان هڪ شخص کي ان جي سادي معنيٰ جي خبر پئجي وڃي ٿي، ۽ ايئن قرآن کي سادي نموني سمجهڻ به فائديمند آهي. پر قرآن جي ڳوڙهي معنيٰ فقط تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن ان جي آيتن تي غور ۽ ويچار ڪيو وڃي. هڪ اصحابيءَ بابت روايت ۾ آيو آهي ته هن ’سورة البقره‘ جو مطالعو غور ۽ فڪر سان ڪيو ته ان ۾ کيس ٽي سال لڳي ويا.
قرآن جي سادي پڙهڻي ڇا آهي. ان کي سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. هر ماڻهو جيڪو عربي زبان ڄاڻي ٿو، اهو سادي قرائت (پڙهڻي) جي ذريعي قرآن جي معنيٰ کي سمجهي سگهي ٿو ۽ جيڪو شخص عربي زبان نٿو ڄاڻي، اهو پنهنجي مادري يا (جيڪا زبان هو ڄاڻي ٿو) ان ۾ قرآن جو ترجمو پڙهي، اهو سمجهي سگهي ٿو.
ان لحاظ کان قرآن هڪ سولو ڪتاب آهي (القمر 7) جنهن ماڻهوءَ ۾ نصيحت پرائڻ جو ذهن هجي ۽ اهو نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاٿل نه هجي ته قرآن جي عام پڙهڻيءَ يا ان جو ترجمو پڙهڻ به ان لاءِ فائدي وارو ٿي سگهي ٿو. هو عام پڙهڻي جي ذريعي به اهڙيون تذڪيري ڳالهيون سمجهي ويندو، جيڪي هن جي زندگي کي سُڌارڻ/ سنوارڻ واريون هجن ۽ ان جي لاءِ اسلامي زندگي گذارڻ ۾ مددگار بنجي وڃن.
پر قرآن ۾ تدبر جو معاملو اُن کان مختلف آهي. سادي پڙهڻي ۽ تدبر سان پڙهڻ کي هڪ حديث ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي. ”انزل القرآن علي سبعته احرف، لکل آية منها ظهر و بطن ولکل حد مطلع“ (مشڪاة المصابيح 1/10) قرآن ستن اکرن تي لاٿو ويو. ان جي هر آيت جو هڪ ظاهر آهي ۽ هڪ ان جو باطن آهي ۽ هر حد جي هڪ مطلع آهي.
مطلع عربي زبان ۾ ڏسڻ يا جانچڻ جي جاءِ کي چوندا آهن. اوهين جيڪڏهن زمين تي بيٺا ڀر پاسي جي شين کي ڏسي رهيا هجو ته اوهان جي نظر جي حد گهٽ هوندي ۽ اوهين بنهه ٿورين شين کي ڏسي سگهندؤ. پر جيڪڏهن اوهين هڪ ملٽي اسٽوري بلڊنگ جي مٿينءَ ڇت تي بيهي ڏسندا ته بيهڻ واري هنڌ جي ڪري (جنهن هنڌ اوهين بيٺا آهيو) اوهان جي نظر جي حد گهڻي وڌي ويندي ۽ اوهين گهڻو پري تائين شين کي پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندا.
ان حديث ۾ ڏسڻ جي فرق جي مثال سان سمجهايو ويو آهي ته قرآن کي ان جي ظاهري لفظن جي لحاظ کان پڙهڻ ۽ اُن جي معنيٰ تي ويچار ڪري پڙهڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي. اهو فرق هيءَ آهي ته جيڪو شخص فقط ظاهري لفظن جي دائري ۾ قرآن کي پڙهي رهيو هجي، اهو ڄڻ هيٺين جاءِ تان قرآن جي مضمونن کي ڏسي رهيو هجي. اهڙو ماڻهو قرآن جي فقط سادي مفهوم تائين پهچي سگهندو. ان جي ابتڙ جيڪو شخص معنيٰ تي غور ڪندي قرآن کي پڙهي اهو ڄڻ مٿاهين هنڌ تان قرآن جي مضمونن کي پيو ڏسي. اهو ٻيو شخص قرآن جي گهرائين تائين پهچي ويندو. قرآن جي اڀياس جي انهن ٻن ڌار قسمن کي علمي زبان ۾ هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته اُن ۾ هڪ قرآن جي سٽن (Lines) جو مطالعو آهي ۽ ٻيو قرآن جي بين السطور (Between the Lines) جو مطالعو. مطالعي جي انهن ٻنهي قسمن ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي اهل علم چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا.
قرآن جي سٽن کي پڙهڻ ۽ قرآن جو بين السطور مطالعو ڪرڻ، ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي هت مثال وسيلي چٽو ڪجي ٿو.
پيغمبر اسلام ﷺ جڏهن مديني ۾ هو ته اُتي هيئن ٿيو ته پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ ڪي شخص زور زور سان ڳالهائڻ لڳا. اهو اسلامي ادب جي خلاف هو. تنهن ڪري قرآن ۾ ان کان منع جي لاءِ هيءَ آيت لٿي: ”اي ايمان وارؤ! اوهين پنهنجي آواز کي پيغمبر جي آواز کان اوچو نه ڪريو، ۽ نه کيس ايئن سڏيو، جيئن اوهين هڪٻئي کي سڏيو ٿا، ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو اوهان جا عمل چَٽ ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. جيڪي ماڻهو پنهنجي آواز کي الله جي رسول جي آواز کان آهستي رکن ٿا، اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي دلين کي الله تقويٰ جي لاءِ چونڊيو آهي. انهن جي لاءِ معافي آهي ۽ وڏو ثواب آهي. جيڪي ماڻهو اوهان (پيغمبر) کي حجرن جي ٻاهران سڏين ٿا، انهن مان گهڻائي سمجهه نٿي رکي ۽ جيڪڏهن هو صبر ڪن ها، ايستائين جو اوهين پاڻ ئي ٻاهر نڪري اچو ها ته ان ۾ سندن چڱائي هئي ۽ الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي. (الحجرات: 2 ــ 5)
قرآن جي انهن آيتن کي جيڪو شخص سادي نموني رڳو لفظن جي سطح تي پڙهندو، اهو ان مان ظاهري مفهوم رڳو ذاتي احترام/ تقدس جو مسئلو ڪڍندو. هو سمجهندو ته رسول الله جي ذات تمام گهڻي سڳوري آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ ويهن ٿا، تن جي لاءِ اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته هو تقدس ۽ احترام جو لحاظ رکندي پاڻ سڳورن وٽ ويهن. اهڙو ماڻهو فقط قديم مديني جا ڪجهه ماڻهو ئي مخاطب سمجهندو. سندس نظر ۾ خود پنهنجي ذات جي باري ۾ يا ٻين جي لاءِ ان ۾ ڪا هدايت نه هوندي.
ان جي ابتڙ جيڪو شخص حڪم جي معنويت تي ويچاري ۽ وڌيڪ ڳوڙهي مفهوم تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ هو انهن آيتن مان هڪ عام ۽ ابدي مسئلو ڳولهي لهندو، هو سمجهندو ته ”رسالت جي زماني“ ۾ جيڪڏهن ان جو واسطو رسول جي ذات سان هو ته هاڻ ان جو واسطو رسول جي پيغام سان ٿي ويو آهي. جيئن پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ پاڻ سڳورن جي آواز کان آواز اوچو ڪرڻ جائز نه هو، تيئن اڄ به اهو جائز نه آهي ته ڪو شخص پيغمبر اسلام جي ڏنل تعليم جي خلاف غير ضروري بحث ڪري ۽ اُن جي مقابلي ۾ سرڪشيءَ جو مظاهرو ڪري.
اهڙي ماڻهوءَ کي آيتن جو پورو مطالعو ٻڌائيندو ته انهن آيتن ۾ جنهن حقيقت جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، ته ماڻهوءَ جي هڪ روش اها آهي ته جيڪا ايمان، تقويٰ ۽ صبر موجب هجي ۽ ٻي روش اها آهي جيڪا نفاق، بي ڊپائي ۽ بي صبر جيءَ علامت آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو هر گهڙي پنهنجو احتساب ڪري، هو پنهنجي اندر ايمان واري صفت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ نفاق وارين صفتن کان پنهنجو پاڻ کي آخري حد تائين بچائي.
ان معاملي ۾ هڪ ٻيو مثال وٺو. قرآن جي سوره نمبر 12 ۾ حضرت يوسف عليه السلام جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. ان جو هڪ ڀاڱو اهو آهي ته ڏڪار جي زماني ۾ حضرت يوسف عليه السلام جا ڀائر اناج وٺڻ جي لاءِ وٽس مصر ۾ آيا، جڏهن انهن کي اناج ڏنو ويو ته پوءِ هڪ واقعو ٿيو، جيڪو قرآن ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي.
”پوءِ جڏهن انهن لاءِ سامان تيار ڪيائين، تڏهن پيئڻ جي پيالي (سقايه) کي پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيائين ۽ پوءِ هڪ سڏ ڪندڙ سڏ ڪيو ته اي قافلي وارو! بيشڪ اوهين چور آهيو، انهن (قافلي وارن) انهن ڏي منهن ڪري چيو ته اوهان ڪهڙي شئي وڃائي آهي. انهن چيو ته اسان شاهي ماپ (صواع) وڃايو آهي، جيڪو ان کي آڻيندو، تنهن لاءِ اٺ جو بار آهي ۽ آءٌ ان جو ضامن آهيان. انهن چيو، خدا جو قسم! اوهان کي خبر آهي ته اسين ملڪ ۾ فساد ڪرڻ جي لاءِ نه آيا آهيون ۽ نه اسين چور هئاسون. انهن چيو ته پوءِ ان (ڪم) جي سزا ڇا آهي، جيڪڏهن اوهين ڪوڙا هجو. (يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته ان (ڪم) جي سزا اها هيءَ آهي ته جنهن جي سامان مان ملي سو پاڻ ان جي سزا آهي. اهڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيون ٿا. پوءِ هن جي (ننڍي) ڀاءُ جي سامان جي جهڙتي وٺڻ کان اڳ انهن جي ٻورن جي جهڙتي وٺڻ شروع ڪئي، پوءِ ان (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. ڇو ته هو بادشاهه جو قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي وٺي نه ٿي سگهيو. اسين جنهن جا چاهيون تنهن جا درجا بلند ڪريون ۽ سڀ ڪنهن ڄاڻڻ واري کان مٿي هڪ ڄاڻندڙ آهي. (يوسف 70 ــ 76)
انهن آيتن کي جيڪو شخص سادي نموني رڳو لفظن جي سطح تي پڙهندوته هو ان جو مطلب اهو سمجهندو ته حضرت يوسف عليه السلام جي ويڳن ڀائرن سان سندس سڳو ڀاءُ بن يامين آيو ته هن چاهيو ته هو پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي، پر هن پنهنجن ويڳن ڀائرن تي پنهنجي شخصيت به ظاهر ڪرڻ نٿي چاهي، تنهن ڪري حضرت يوسف پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي سامان ۾ شاهي درٻار جو هڪ ٿانوَ رکائي ڇڏيو ۽ پوءِ درٻارين کي ان ۾ شريڪ ڪري بن يامين کي چوريءَ ۾ جلهرائي پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. ان قسم جو معاملو بنا شڪ ۽ شبهي جي هڪ پيغمبر جي شان جي خلاف آهي. پر جيڪو ماڻهو فقط لفظي سطح تي قرآن جو مطالعو ڪندو، اهو انهن آيتن جو اهوئي مطلب ڪڍندو، پر جيڪو ماڻهو قرآن جي سٽن کان گذري اُن جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ گهرائيءَ ۾ لهي ان جو مفهوم ڄاڻڻ چاهيندو، اهو مذڪوره تفسير جي ابتڙ هڪ ٻي تفسير تائين پهچي ويندو، جيڪو پيغمبر جي شان جي عين موجب آهي.
اهڙو ماڻهو جڏهن قرآن جي انهن آيتن تي ويچاريندو ته ان جو ذهن هڪ هنڌ پهچي بيهي رهندو. هو ڏسندو ته شاهي درٻار جا رُڪن جيڪا شئي ڳولهي رهيا هئا، اهو صواع (يوسف 72) هو، جيڪو عربي قاعدي موجب ”مذڪر“ آهي ۽ ان جي لاءِ ضمير مذڪر (ه) اچڻ گهرجي. پر شاهي درٻار جا ڪارڪن اٺن جي سامان جي جهڙتي وٺن ٿا ته سامان مان جيڪا شئي کين ملي ٿي، ان مليل شئي جي لاءِ قرآن ۾ مونث جو ضمير (ها) استعمال ٿيو آهي. (76)
هاڻ ويچار ڪندڙ شخص جڏهن ضمير جي ان فرق کي ڏسندو ته هو سمجهي ويندو. معاملي جي اصل تصوير ان جي بلڪل ڌار آهي، جيڪا ظاهري لفظن ۾ نظر اچي ٿي. ان ڳولا جي روشنيءَ ۾ جڏهن هو وڌيڪ ويچار ڪندو ته مٿس پڌرو ٿيندو ته ان معاملي جي اصل تصوير اها آهي ته حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي سُڃاڻي پنهنجو پاڻي پيئڻ جو پيالو (سقايه) ان جي سامان ۾ رکي ڇڏيو. سقايه جو لفظ عربي قاعدي موجب مؤنث آهي.
درٻار ۾ شاهي ماپ جي لاءِ هڪ شاهي پيمانو (صواع) هو، جيڪو شايد چانديءَ جو هو. عربي قاعدي موجب ”صواع“ جو لفظ مذڪر آهي. اتفاق سان اهو ’صواع‘ اناج جي ڍڳ ۾ ڪٿي دٻجي لڪي ويو. يعني اهوئي واقعو ٿيو، جنهن کي انگريزي ۾ مس پليس (Misplace) ٿيڻ چيو وڃي ٿو. قافلي جي رواني ٿيڻ کان پوءِ جڏهن درٻار جي ڪارڪنن ”صواع“ کي نه ڏٺو ته کين قافلي وارن تي شڪ ٿيو، جيڪي ٿورو اڳ درٻار مان روانا ٿيا هئا، تنهن ڪري انهن قافلي وارن کي روڪي انهن جي سامان جي جهڙتي ورتي. ان جهڙتيءَ ۾ انهن جي سامان مان ”صواع“ ته نه مليو، البت سقايه (پيالو) نڪتو. ان ڳالهه جي خبر ايئن ٿي پوي ته جهڙتيءَ جي دوران جيڪا شئي نڪتي، ان لاءِ قرآن ۾ مونث جو ضمير (ها) آيو آهي. حالانڪه جيڪڏهن ’صواع‘ نڪري ها ته ان جي لاءِ قرآن ۾ مذڪر جو ضمير (ه) اچڻ گهرجي ها.
اهو سقايه (پيالو) حضرت يوسف عليه السلام جي ننڍي ڀاءُ بن يامين جي سامان مان نڪتو، ڇو ته ڀائراڻي محبت تحت حضرت يوسف اهو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکي ڇڏيو هو. هاڻ هيئن ٿيو ته درٻار جي ڪارڪنن جڏهن بن يامين جي سامان مان سقايه (پيالو) ڪڍيو ته هنن ڀائرن کي چيو ته جيتوڻيڪ اوهان ’صواع‘ جي چوري ته نه ڪئي آهي، پر اوهان اسان جي درٻار جو هڪ ٻيو سامان پيالو چورايو آهي، تنهن ڪري خود اوهان جي قانون موجب اسين اوهان جي ڀاءُ کي روڪيون ٿا ۽ ان کي اوهان سان گڏ واپس وڃڻ نه ڏينداسين. ان کان پوءِ هو بن يامين کي پاڻ سان وٺي آيا ۽ کيس حضرت يوسف عليه السلام جي حوالي ڪيائون.
قرآن فهمي (قرآن کي سمجهڻ) جي لاءِ ڪيترا علم ضروري آهن، جن جو ذڪر تفسير ڪندڙن ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ قابل لحاظ ڳالهه اها آهي ته قرآن جي مطالعي جا ٻه طريقا آهن. هڪ فني مطالعو ۽ ٻيو مطالعو اهو آهي، جيڪو قرآن مان نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو وڃي. جيتري قدر قرآن جي فني مطالعي جو واسطو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي علمن جي گهرج پئجي سگهي ٿي. ايستائين جو انهن علمن کان به وڌيڪ جن جو ذڪر تفسير ڪندڙن ڪيو آهي، جيڪڏهن ان حديث کي سامهون رکيو وڃي: لاتنقفيٰ عجائبه (قرآن جا عجائب ڪڏهن به ختم نه ٿيندا) ته اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انهن علمن جي هر دؤر ۾ فهرست وڌندي رهندي، ۽ اها ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
پر جيستائين نصيحت جي مقصد جو لاڳاپو آهي ته ان جي لاءِ عربي زبان کان واقفيت کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ جنهن شئي جي ضرورت آهي، اها تقويٰ (پرهيزگاري) ۽ خشيت (ڊپ) آهي. جنهن جي تصديق خود قرآن مان ٿئي ٿي. تنهن ڪري قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: اتقوا الله ويعلمکم الله ـــ حقيقت اها آهي ته تقويٰ خود رباني علمن جو هڪ عظيم سرچشمون آهي. جيڪڏهن ماڻهو جي اندر گهري تقويٰ (پرهيزگاري) موجود آهي ته قرآن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ هو پنهنجو پاڻ ماڻهوءَ جي لاءِ مڪمل رهنما بنجي ويندو.
تقويٰ ماڻهوءَ جي اندر سنجيدگي پيدا ٿي ڪري. اهڙو ماڻهو راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڏاڍو محتاط بنجي وڃي ٿو. اهو حقيقت کي الله جي نظر سان ڏسڻ جو حريص بنجي وڃي ٿو، نه ڪي رڳو پنهنجي نظر سان ــ هو راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ مطالعي ۽ فڪر جي سڀني شرطن کي پورو ڪرڻ چاهيندو آهي. اهي شيون ماڻهوءَ کي ان جي لائق بنائين ٿيون ته هو صراط مستقيم (سڌي واٽ) تان ڀٽڪڻ کان سواءِ قرآن جي معنيٰ جو ادراڪ (سمجهڻ) ڪري سگهي.


نازل ٿيڻ جي سببن جون روايتون
قرآني آيتن جي سلسلي ۾ نزول جي سببن جون جيڪي روايتون آهن، اهي قرآن فهميءَ جي مطالعي ۾ بي حد اهميت رکن ٿيون. انهن مان مختلف حڪمن جي نزول جي پسمنظر جي خبر پوي ٿي ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته پسمنظر کي ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن ڪلام کي درست طور تي سمجهي نٿو سگهجي.
اُن معاملي جي اهميت سمجهڻ جي لاءِ هڪ مثال وٺو. راقم الحروف جون لکڻيون لڳاتار انٽرنيٽ تي اچي رهيون آهن. جون 2000ع ۾ منهنجا ڪجهه مضمون انٽرنيٽ تي آيا، جن ۾ اڄ جي مسلمانن کي قرآن جي روشنيءَ ۾ اهو مشورو ڏنو ويو هو ته هو صبر ۽ اعراض جي روش اختيار ڪندي دعوت جو ڪم ڪن. ان کان پوءِ مون کي هڪ ”مسلم مجاهد“ جو انٽرنيٽ تي سخت ردِعمل مليو. جنهن ۾ هن ڪاوڙيل انداز ۾ چيو هو ته ڏسو! هيءَ هندستاني مولانا اسان کي چوي ٿو ته اوهين صبر ڪريو. جڏهن ته قرآن چئي رهيو آهي اوهين ماڻهو جنگ ڪريو ”قاتلوا ائمه الکفر الخ“ (التوبه 12 ــ 13)
ان جي جواب ۾ مون مذڪوره مجاهد ڀاءُ کي لکيو ته مون اهي جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اهي پنهنجي پاران نه لکيون آهن، پر ان جي لاءِ خود قرآن جا حوالا ڏنا اٿم. پوءِ مون ٻڌايو ته اصل مسئلو ڪهڙو آهي. ان جي وضاحت ڪندي مون لکيو ته اڄ جيئن قرآن اوهان جي هٿن ۾ هڪ جلد ٻڌل ڪتاب جي صورت ۾ آهي، ايئن ئي جيڪڏهن دور اول ۾ موجود هجي ها ته شايد اهائي صورتحال ان وقت به پيش اچي ها.
تنهنڪري مڪي ۾ جڏهن رسول الله ﷺ اهو چوي ها ته ’اي مسلمانو صبر ڪريو‘ ته اوهان جهڙو ڪو همراهه قرآن کڻي بيهي رهي ها ته ڏسو: ’محمد ﷺ اسان کي صبر جي نصيحت پيو ڪري، پر قرآن چٽن لفظن ۾ چئي رهيو آهي ته ظالمن سان جنگ ڪريو.‘ (الحج 39) ساڳئي طرح، رسول الله جڏهن حديبيه ۾ قريشن جي مشرڪ اڳواڻن سان صلح ڪري رهيو هو ته اتي به ڪو همراهه مڪمل قرآن هٿ ۾ کڻي بيهي چوي ها: ڏسو! محمد ﷺ ته اسان کي چوي ٿو ته اسين ڪافرن سان صلح ڪريون، جڏهن ته قرآن ان جي اُبتڙ چئي رهيو آهي ته انهن سان جنگ ختم ڪري، انهن جو فتنو ختم ڪريو. (الانفال 39)
دور اول ۾ ان قسم جو ڪو واقعو پيش نه آيو، ته پوءِ موجوده زماني ۾ ايئن ڇو پيو ٿئي. ان عجيب صورتحال جو سبب اهو آهي ته اسلام جي شروعاتي دور ۾ ۽ پوءِ جي زماني ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. جيئن ته پاڻ ڄاڻون ٿا ته قرآن ٿورو ٿورو ٿي ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ لٿو. مڪي ۾ رسالت جي شروعات کان وٺي، مديني ۾ پاڻ سڳورن جي جهان ڇڏڻ تائين مختلف ۽ ڌار ڌار قسم جون حالتون پيش اينديون رهيون. تنهن ڪري حالتن جي مناسبت سان ان وقت جيڪي هدايتون گهربل هونديون هيون، اهي قرآن ۾ بروقت نازل ڪيون وينديون هيون. اِهائي اُها ڳالهه آهي، جيڪا قرآن جي هن آيت ۾ چئي ويئي آهي: وقراناً فرقنه لتقرأه علي الناس علي مکث و نزلنه تنزيلاً. (بني اسرائيل 106)
گويا، دور اول ۾ اها صورتحال هئي ته جڏهن ۽ جنهن مهل جيڪو عمل گهربل هوندو هو، ان سان هڪجهڙائي رکندڙ آيت پيغمبر اسلام کي موڪلي ويندي هئي. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته ان وقت حڪم جي نازل ٿيڻ ۽ ان جي عملي لاڳو ٿيڻ جي وچ ۾ ڪو فرق يا فاصلو موجود نه هو. پر ان کان پوءِ هي ٿيو ته ٽيويهن سالن ۾ هوريان هوريان لٿل آيتون ۽ سورتون هڪ واحد ڪتاب ۾ مرتب ڪري هڪئي وقت اهل اسلام کي ڏنيون ويون. هاڻ اهوئي مڪمل نسخو پوءِ جي مسلمانن وٽ آهي.
هاڻ سوال هيءَ ٿو پيدا ٿئي ته حڪم ۽ لاڳو ٿيڻ جي وچ ۾ فرق جي ان مسئلي کي ڪيئن نبيريو وڃي.
ان جو جواب اسباب نزول ۽ شان نزول جون روايتون ئي آهن. هاڻ اسان کي هيئن ڪرڻون آهي ته نازل ٿيڻ جي سببن جي روشنيءَ ۾ آيتن جو اڀياس ڪري، ان جي مخصوص پسمنظر کي ڳولهيون، جيڪو آيت جي شروعاتي نزول جي وقت مڪي ۽ مديني ۾ موجود هو ۽ پوءِ قديم حالت ۽ موجوده حالت جي وچ ۾ هڪجهڙائي (Similarity) کي ڳولهي، اهو سمجهون ته ڪهڙي صورتحال ۾، ڪهڙي آيت عمل جوڳي (Applicable) آهي ۽ ڪهڙي آيت عمل جوڳي ڪونهي.
تشريح جي ان ئي حڪمت جي روشنيءَ ۾ فقهه جو اهو اصول ٺهيو ته تتغير الاحکام بتغير الزمان والمکان: يعني: ٻين لفظن ۾ اهو ته حڪمن جي لاڳو ٿيڻ جو تعين خود حالتن جي نوعيت سان هوندو آهي، نه ڪي رڳو حڪم جي لفظن سان.
اها بي حد اهم ڳالهه آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته اهو طريقو صحيح نه آهي ته ماڻهو قرآن جي هڪ آيت کڻي چوي ته ڏسو قرآن ۾ هيءَ حڪم موجود آهي ۽ اسان کي ان تي عمل ڪرڻو آهي. ان جي بدران اهو هئڻ گهرجي ته پهرين ڪنهن وقت ۾ موجود صورتحال کي بي لاگ طور تي سمجهيو وڃي ۽ پوءِ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ان قسم جي صورتحال ۾ قرآن جو ڪهڙو حڪم لاڳو ٿيڻ جوڳو آهي.
چوٿين خليفي حضرت علي بن ابي طالب جي زماني ۾ ڪجهه ماڻهن قرآن جي ڪن آيتن کي مطلق طور تي کڻي انهن جي لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪئي. جڏهن ته اهي آيتون ان وقت جي حالتن موجب نه هيون. اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت تبصرو ڪندي چوٿين خليفي چيو. کلمته حق اريد بها الباطل يعني: بظاهر ته اهي ماڻهو قرآن جي آيتن جا حوالا ڏيئي رهيا آهن. پر هو انهن آيتن کي غلط جاءِ تي چُهٽائي رهيا آهن. تنهن ڪري ظاهري طور تي هو حق جو ڪلمون پيش ڪري رهيا آهن، پر هو سراسر باطل تي آهن.
معلوم ٿيو ته ڪنهن عمل جي قرآني هئڻ جي لاءِ اهو ڪافي ڪونهي ته اُن جي حمايت ۾ ماڻهوءَ هڪ قرآني آيت هٿ ڪئي هجي. پر لازمي طور تي اهو به ضروري آهي ته اها آيت ان خاص موقعي جي لاءِ هجي، جتي ان کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻي حالت ۾ اهڙو عمل هڪ سرڪشي هوندي نه ڪي قرآن جي پيروي.


قرآن فهميءَ جو بنياد
”فهم قرآن جي حد ڪهڙي آهي.“ ان سوال جا مختلف جواب ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: هڪ جواب هيءُ آهي ته پڙهندڙ قرآن جي ان انقلابي اسڪيم کي ڄاڻندو هجي، جيڪو قرآن جو اصل مقصود هجي. پر اهو هڪ اهڙو جواب آهي، جنهن جو ماخذ خود قرآن ۾ موجود نه آهي. حقيقت اها آهي ته رڳو پنهنجي ذاتي ذهن تحت ان سوال جو جواب مقرر نٿو ڪري سگهجي. اسين قرآن ۾ اهڙي ڪابه آيت نٿا ڏسون، جنهن ۾ اهو چيل هجي ته قرآن کي فقط اهو شخص سمجهندو، جيڪو قرآن جي انقلابي اسڪيم کان واقف هجي. اهڙي حالت ۾ اهو جواب قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي. اهو ان جي لائق آهي ته ان کي اُٿندي ئي رد ڪيو وڃي.
ساڳئي طرح ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”نظم ڪلام“ اها حد آهي، جنهن جي ذريعي اسين قرآن کي سمجهي سگهون ٿا. پر اهو جواب به صحيح نه آهي. ڇو ته اهو به فقط ذاتي سوچ (Reasoning) تي ٻڌل آهي. قرآن ۾ اهڙي ڪابه آيت موجود نه آهي، جيڪا اهو اعلان ڪري ته ’نظم ڪلام‘ کي سمجهڻ قرآن جو بنياد آهي. اهڙي حالت ۾ ان کي به ويچار هيٺ آڻي سگهجي ٿو. اهو وڌ ۾ وڌ هڪ نتيجو اخذ ڪرڻ آهي. اهو ڪو قرآن مان ورتل حڪم ڪونهي ۽ ان اهم سوال جو جواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرآني حڪم گهربل آهي، نه ڪي ڪنهن جي ذاتي چونڊ.
جڏهن اسين ان پهلوءَ کان قرآن کي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته قرآن ۾ ان جو جواب نهايت چٽن لفظن ۾ موجود آهي. جهڙوڪ قرآن جي شروع ۾ ئي اسان کي اها آيت ملي ٿي ته: ”ذالک الکتاب لاريب فيه هدي للمتقين“ (البقره 2) ان آيت مان چٽي نموني خبر پوي ٿي ته قرآن مان رهنمائي وٺڻ جي لاءِ جيڪا اصل شئي گهربل آهي، اها تقويٰ آهي. ساڳئي طرح قرآن ۾ ارشاد ٿيل آهي ته: ”اتقوا الله يعلمکم الله (البقره 282) ان آيت مان به اها چٽائي ٿئي ٿي ته علم رباني يا فهم قرآني جو اصل بنياد هيءُ آهي ته ماڻهوءَ جي اندر تقويٰ جو گُڻ موجود هجي.
هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته تقويٰ ڪيئن ’فهم قرآن‘ جو بنياد آهي. ان جو جواب هيءَ آهي ته قرآن جهڙي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ اصل اهميت اها آهي ته ماڻهوءَ جي اندر سنجيدگي هجي. ان جي اندر مڪمل اعتراف جو جذبو موجود هجي. هو هر قسم جي تعصبن کان خالي ٿي قرآن جو مطالعو ڪري. هو قرآن کي خود قرآن جي نظر سان ڏسي نه ڪي ڪنهن ٻي نظر سان. هو مڪمل معنيٰ ۾ حق جو ڳولائو هجي. هو قرآن ۾ خود قرآن جي ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري، نه ڪي خود پنهنجي ڳالهه قرآن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري. هو کليل ذهن سان قرآن جو مطالعو ڪري، نه ڪي متاثر ذهن (Conditioned Mind) سان.
حقيقي تقويٰ ماڻهوءَ جي اندر اهي ئي گُڻ پيدا ڪري ٿي. تقويٰ ان گهري، ذهني ۽ دلي ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا ان ماڻهوءَ جي اندر جنم وٺي ٿي، جيڪو الله کي سندس عظمت ۽ وڏائيءَ سان ڳولهي. اهڙو شخص Man Cut to size بنجي وڃي ٿو ۽ ان جي اندر آخري حد تائين Modesty جو گُڻ پيدا ٿي وڃي ٿو، ۽ بيشڪ اِهائي اها نفسيات آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ان جي لائق بنائي ٿي ته اهو حقيقتن کي سمجهي ۽ سُڃاڻي سگهي. قرآن فهميءَ جي ٻين سڀني شرطن جي حيثيت واڌو آهي ۽ ان متقيانه مزاج يا رباني نفسيات جي اصلي حيثيت.
قرآن حق جي معرفت جو ڪتاب آهي. قرآن جو حقيقي اڀياس اهو آهي، جيڪو سندس عارفاڻون اُڀياس هجي. فني اڀياس قرآن جو حقيقي اڀياس ڪونهي.


هن ڪتاب جي ترتيب
هن ڪتاب (قرآن جو مطالعو) جي ترتيب هن ريت آهي ته ان ۾ قرآن جي مڙني سورتن مان ڪجهه نه ڪجهه آيتون کنيون ويون آهن. آيتن جي معاملي ۾ چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. پر سورتن جي معاملي ۾ نه.
مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ ڪُل 256 ڀاڱا آهن. پڙهندڙن جي سهوليت جي لاءِ هر ڀاڱي يا مضمون (Item) کي هيئن لکيو ويو آهي ته ان جي مٿان پهرين سوره نمبر ۽ سلسلو نمبر آهي ۽ پوءِ ان جي هيٺان تشريح واري آيت جو عنوان. ان سان گڏ هر آيت جو نمبر به ترجمي جي آخر ۾ لکيو ويو آهي. ايئن پڙهندڙ جي لاءِ اهو ممڪن ٿي وڃي ٿو ته هو ان جي ڪنهن به ڀاڱي جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ چاهي ته ان کي هڪدم قرآن ۾ يا قرآن جي تفسير مان ڪڍي وٺي.

وحيد الدين
نئين دهلي
17 جولاءِ 2000ع