212-70
جنت جا رهواسي
قرآن مجيد ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته سرڪش ماڻهو آخرت ۾ باهه جي عذاب جي حوالي ٿيندا. ان کانپوءِ ارشاد فرمايو ويو آهي: جيڪي پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا ۽ جن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج) لاءِ مقرر حق آهي ۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن، ڇو ته سندن پاليندڙ جو عذاب ئي بي ڊپي ٿيڻ جي شئي نه آهي ۽ جيڪي پنهنجي شرم گاهن کي پنهنجي زالن ۽ ٻانهين کانسواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن، ڇو ته اهي ملامت ڪيل نه آهن، پوءِ جيڪي ان کانسواءِ گهرندا، سي حد کان لنگهندڙ آهن. ۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن ۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي سدائين پابندي ڪن ٿا، اهي جنت جي باغن ۾ عزت وارا هوندا. (المعارج-23-35)
انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ڪهڙا ڀاڳوان ماڻهو آهن، جيڪي آخرت جي ابدي نعمتن ۾ وسايا ويندا. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي دنيا ۾ نماز جا پابند رهيا. يعني هنن پنهنجا ڏينهن ايئن گذاريا ته هو خدا جي اڳيان جهُڪيل رهيا. هنن جو حال اهو هو ته هت جيڪي ڪجهه ڪمايو، ان کي پنهنجي ذاتي شئي نه سمجهيو، پر خدا جو عطيو سمجهيو. سندن اهو احساس ايئن پڌرو ٿيو ته هو پنهنجي مال ۾ خدا جي ٻين بندن کي به شامل ڪندا رهيا.
هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي سڄي زندگي ائين گذاري ته هو هر گهڙي ان اُلڪي ۾ مبتلا رهيا ته هو مرڻ وارا آهن ۽ مرڻ کانپوءِ کين خدا جي عدالت ۾ پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. ايئن هنن پنهنجي شهواني جذبن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکيو، ان سلسلي ۾ هو خدا جي حدن کان ٻاهر نه ويا. انهن ماڻهن جو حال اهو هو ته هو امانت ۽ وعدي جي معاملي ۾ مڪمل طور تي ذميدار ثابت ٿيا. هنن نه ڪنهن خيانت جو معاملو ڪيو ۽ نه ڪنهن سان بدعهدي ڪئي. ائين هنن سدائين پنهنجي شاهديءَ جون تقاضائون پوريون ڪيون. جيڪي ماڻهو دنيا ۾ ايئن اصول ۽ ذميداريءَ سان زندگي گذارين ٿا، اهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن جي لاءِ آخرت ۾ جنت جا دروازا کوليا ويندا.