7:31
غفلت، گمراهيءَ جو سبب
قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻهن مان گهڻا پيدا ڪيا اٿئون. انهن جون اهڙيون دليون آهن، جو انهن سان (الله جو حڪم) نه سمجهندا آهن ۽ انهن جون (اهڙيون) اکيون آهن، جو انهن سان (حقانيت) ڏسي نه سگهندا آهن ۽ انهن جا ڪَن اهڙا آهن، جو انهن سان حق کي ٻُڌي نه سگهندا آهن. اهي ڍورن وانگر آهن، بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن. اهي ئي غافل آهن.“ (الاعراف: 179)
هن آيت ۾ هدايت ۽ گمراهيءَ جو فطري قانون ٻڌايو ويو آهي. الله تعاليٰ هر انسان کي اَک ۽ ڪَن ڏنا آهن، جن جي ذريعي هو ڄاڻ/ خبرچار حاصل ڪري. ان سان گڏ الله هر انسان کي ذهن ڏنو، جنهن جي ذريعي هو ڳالهين کي سمجهي ۽ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪري. پر جيڪي ماڻهو غفلت ۾ پئجي وڃن ٿا، تن کي ڪوبه هدايت ڏيڻ وارو نه آهي.
سچائي هڪ اهڙي شئي آهي، جنهن کي هر ماڻهوءَ کي پاڻ حاصل ڪرڻو آهي. خدا هر انسان کي دل، اک ۽ ڪَن ڏنا آهن. ماڻهو انهن ئي گُڻن کي استعمال نه ڪري، ته اهو پڪ سان سچائي حاصل ڪرڻ کان محروم رهندو، پوءِ ڀلي سچائي سندس ڪيترو به ويجهو بيٺل ڇو نه هجي.
سچائي تائين پهچڻ ماڻهوءَ جو هڪ شعوري ۽ ارادي عمل آهي. سچائيءَ تائين اهو ئي پهچي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي دل جا دروازا ان جي لاءِ کليل رکيا هوندا آهن. ان کي اهو ئي ڏسي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي اکين تي مصنوعي پردا نه وڌا هوندا آهن. اُن جو آواز ان کي ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي، جنهن پنهنجي ڪَنن کي بند نه رکيو هوندو آهي، اهڙا ماڻهو سچائيءَ کي سُڃاڻي پنهنجي پاڻ کي ان جي اڳيان بيهاري ڇڏيندا آهن ۽ جنهن شخص جو معاملو اُن جي ابتڙ هجي، اهو ڍورن وانگر بي سمجهه بڻيل رهندو. جبل جيڏن دليلن جو وزن محسوس ڪرڻ، هن جي لاءِ ممڪن نه هوندو. هن جي سامهون خدا جون تجليون ظاهر ٿينديون، پر هو ان کي ڏسڻ کان لاچار هوندو. هن وٽ خدائي گيت آلاپجڻ شروع ٿي ويندو، پر هو ان کي ٻُڌڻ کان محروم رهندو. سچائي سدائين سجاڳ ماڻهن کي ملندي آهي. غافلن جي لاءِ ڪابه سچائي نه آهي.