33:115
پيغمبر جو مَنصب
قرآن مجيد ۾ پيغمبرِ اسلام کي مخاطب ڪندي چيو ويو آهي: ”اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻُڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو.“ (الاحزاب: 45-46)
شاهد، مبشر، نذير، داعي، اهي سڀ هڪئي حقيقت جا مختلف پهلو آهن. پيغمبر جو مشن اهو هوندو آهي، ته هو ماڻهن کي زندگيءَ جي حقيقت کان واقف ڪري. هو ماڻهن کي جنت ۽ دوزخ جي خبر ڏي. اهو هڪ دعوتي عمل آهي ۽ ان دعوتي عمل جي بنياد تي پيغمبر آخرت جي عدالت ۾ انهن ماڻهن جي باري ۾ شاهدي ڏيندو، جن تائين هن حق جي ڳالهه پهچائي، ۽ پوءِ ڪن مڃي ته ڪن نه مڃي.
ڏيئي جو ڪم اهو آهي ته هو اونداهيءَ ۾ لڪل شين کي ظاهر ڪري، ته جيڪي شيون نظر نٿيون اچن سي نظر اچڻ لڳن. اهو ڪم پيغمبر جي آندل خدائي هدايت جو آهي. ماڻهو افڪار، روايتن ۽ وهمن جي فڪري جهنگل ۾ گُم آهن. خدا جي رسول جي حيثيت ان فڪري اونداهيءَ ۾ هڪ روشن ڏيئي جهڙي آهي. پر ڏيئو روشن هئڻ جي باوجود، اهو ئي شخص شين جي صحيح صورت ڏسي سگهندو، جيڪو پنهنجي اک پَٽيل رکندو. ساڳئي طرح پيغمبراڻي هدايت جي باوجود کانئس صحيح رهنمائي فقط ان شخص کي ملندي، جيڪو کليل ذهن سان ان تي ويچارڻ جي لاءِ تيار هجي. هن دنيا ۾ ٻُوٽيل اک جي لاءِ ڪابه شيءِ ڏسڻ مقدر ڪونهي. ساڳئي طرح بند ذهن جي لاءِ به ڪنهن حقيقت کي دريافت ڪرڻ ممڪن ڪونهي.