4:17
عدل واري زندگي
قرآن ۾ ايمان وارن کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي: اي ايمان وارؤ! انصاف تي ڄمي بيهڻ وارا ۽ الله جي لاءِ خوب شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، پوءِ ڀلي اهو اوهان جي يا اوهان جي ماءُ پيءُ يا مٽن مائٽن جي خلاف هجي. جيڪڏهن ڪو مالدار آهي يا مُحتاج ته الله اوهان کان وڌيڪ ٻنهي جو خيرخواهه آهي. تنهنڪري اوهين سَڌن جي پيروي نه ڪريو، جو متان حق تان هٽي نه وڃو. ۽ جيڪڏهن اوهين ڦيرائي ڳالهائيندؤ يا منهن موڙيندؤ، ته جيڪو ڪندا آهيو، تنهن جي الله خبر رکندو آهي. (النساء: 128)
هن آيت جو مطلب اهو نه آهي، ته دنيا ۾ عدل جو نظام يا عدل جي حڪومت قائم ڪريو. هيءَ ڪا سياسي آيت نه آهي. ان ۾ سڀني فردن کي مخاطب ڪيو ويو آهي. اها آيت ٻڌائي ٿي، ته هر مسلمان فرد دنيا ۾ ڪيئن رهي. ان موجب هر شخص کي کپي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي عدل ۽ انصاف جي اصول تي قائم ڪري، ان معاملي ۾ هو پنهنجو نگران پاڻ بنجي وڃي.
انسان جي زندگيءَ ۾ بار بار ايئن ٿيندو آهي، ته سندس سامهون اهڙو معاملو ايندو آهي، جنهن ۾ هڪ رستو پنهنجي مفاد ۽ سَڌ جو هوندو آهي، ۽ ٻيو حق ۽ انصاف جو. جيڪي ماڻهو الله طرفان غافل هوندا آهن، جن کي ڀروسو نه هوندو آهي، ته الله هر وقت کين ڏسي رهيو آهي، هو اهڙن موقعن تي پنهنجي خواهشن جي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪندا آهن. هو ان کي ڪاميابي سمجهندا آهن ته حق جي پرواهه نه ڪن ۽ معاملي کي پنهنجي مفاد ۽ پنهنجي مصلحت موجب هلائين. پر جيڪو ماڻهو خدا کان ڊڄي ٿو، جيڪو الله کي پنهنجو نگران بنائي چڪو آهي، اهو انصاف جي سڀني پاسن کي ڏسندو ۽ اهو ئي ڪندو آهي، جيڪا حق ۽ انصاف جي تقاضا هوندي آهي. سندس ڪوشش سدائين اها هوندي آهي، ته کيس موت اچي، ته ان حالت ۾ ته هن ڪنهن سان ناانصافي نه ڪئي هجي، ۽ هو پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي عدل ۽ انصاف تي قائم رکي.
اهڙي ماڻهوءَ جي انصاف پسنديءَ جو جذبو ايترو ته وڌيل هوندو آهي، جو هن جي لاءِ اهو ناممڪن بنجي ويندو آهي ته هو انصاف کان هٽيل ڪو رَويو ڏسي ۽ ان کي سَهي. جڏهن به اهڙو ڪو معاملو سامهون ايندو آهي، ته هڪ شخص ٻئي سان ناانصافي ڪري رهيو هوندو آهي، ته هو اهڙي موقعي تي حق جو اعلان ڪرڻ کان نه مُڙندو آهي. جيڪڏهن انصاف جي اعلان ڪرڻ ۾ سندس ويجهن واسطيدارن تي ڇَنڊا پوندا آهن يا سندس پنهنجون ڪي مصلحتون مجروع ٿينديون هجن، تڏهن به هو اهو چوندو، جيڪو انصاف موجب کيس چوڻ گهُرجي. هن جي زبان کلندي آهي، ته الله جي لاءِ کلندي آهي، نه ڪنهن ٻي شئي لاءِ. ساڳيءَ طرح اها ڳالهه به انصاف جي خلاف آهي، ته جيڪڏهن سامهون وارو ڪو سگهارو آهي، ته ان کي حق ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن ٻي ڌُر هيڻي آهي، ته ان کي سندس حق نه ڏنو وڃي. مؤمن اهو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ سان انصاف ڪري، پوءِ ڀلي اُهو ڏاڍو هجي يا هيڻو.
جڏهن ڪو ماڻهو ناانصافيءَ جو ساٿ ڏي، ته هو اهو چئي ايئن نٿو ڪري، ته آئون ناانصافي ڪندڙ جو ساٿي آهيان. پر هو پنهنجي ناانصافيءَ کي انصاف جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان مقصد جي لاءِ هو ٻن مان هڪ رَويو اختيارڪندو آهي. يا ته هو هيئن ڪندو آهي، ته اصل ڳالهه کي بدلائي ڇڏيندو آهي. هو معاملي جي نوعيت کي اهڙن لفظن ۾ بيان ڪندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿيندو آهي، ته اهو معاملو ناانصافيءَ جو نه، پر عين انصاف جو معاملو آهي. جنهن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، اهو ان جو حقدار آهي، ته ساڻس ايئن ڪيو وڃي. ٻي صورت هيءَ آهي، ته اهو ڄاڻندي به ته هتي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو ماٺ اختيار ڪري وٺي، هو ان معاملي ۾ اَڻ ڌُريو بنجي وڃي ۽ جيڪا ڳالهه چوڻ گهُرجي، اها زبان تي نه آڻي. اُن قسم جو عمل ثابت ڪري ٿو، ته ماڻهوءَ پنهنجي مٿان الله کي نگران نٿو سمجهي. هو ان ايندڙ ڏينهن کان بي اُلڪو آهي، جڏهن خدا کيس پڪڙيندو ۽ کانئس سندس قول ۽ عمل جو حساب وٺندو.