211-69
پيغمبر جي سچائي
”پوءِ جن شين کي اوهين ڏسو ٿا ۽ جن کي نه ٿا ڏسو، انهن جو قسم کڻان ٿو. ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام رسائيندڙ رسول جو ڪلام آهي ۽ نه اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي، اوهين بلڪل ٿورو يقين ڪريو ٿا ۽ هي نه ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي. اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. اهو جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي، ۽ جيڪڏهن پيغمبر ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي ته اسين ان جو ساڄو هٿ جهليون، پوءِ اسين سندس دل جي نس ڪٽي ڇڏيون. پوءِ اوهان مان ڪو به اسانکي ان کان روڪڻ وارو نه آهي ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن جي لاءِ نصيحت آهي ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن ۽ بيشڪ اهو ڪافرن لاءِ پشيماني جو سبب آهي ۽ بيشڪ اهو (قرآن) نج يقين آهي. پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) پنهنجي وڏائي واري پاليندڙ جي پاڪائي بيان ڪر (الحاقة- 38- 52).
اوهين جيڪي ڪجهه ڏسو ٿا ۽ جيڪي ڪجهه نٿا ڏسو، سڀ ڪلام (قرآن) جي سچائي جا شاهد آهن. ان جو مطلب هيءَ آهي ته قرآن جي نازل ٿيڻ وقت، جيڪا ڄاڻ انسان کي حاصل ٿي چڪي هئي ۽ جيڪا پوءِ جي زمانن ۾ کيس ملڻ واري هئي، ٻئي ان ڪلام جي سچائي/حقانيت ثابت ڪرڻ وارا هئا. ان ڪلام جي برحق (سچي) هئڻ جي ترديد نه حال جو علم ڪري رهيو آهي ۽ نه مستقبل جو علم ان جي ترديد ڪري سگهندو. ان هوندي به ماڻهو اُن کي نه مڃين ته هو پنهنجي باري ۾ رڳو اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته هو حق ۽ نا حق جي معاملي ۾ سنجيده ڪونهن.
”۽ جيڪڏهن هو ڪا ڳالهه پنهنجي طرفان گهڙي ته اسين ان کي جهليون ۽ ان کي ڪٽي ڇڏيون“. ان ارشادِ الاهيءَ مان هڪ اهم حقيقت اڳيان اچي ٿي ته خدا جي رسول هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. اها هڪ بي حد سنگين ڳالهه آهي.، هن دنيا ۾ ڪنهن غير پيغمبر کي خدا اهو موقعو ڏيڻ وارو نه آهي ته هو پنهنجي زبان سان ان قسم جو غير معمولي اعلان ڪري، ايتريقدر جو تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ان معاملي ۾ خدا انسان کي فطري طور تي ايترو ته ڊيڄاري ڇڏيو آهي، جو سڄي تاريخ ۾ ڪو به غير پيغمبر اهو چوڻ جي همت نه ڪري سگهيو آهي ته ”آئون خدا جو پيغمبر آهيان.“