239-97
قدر جي رات
”بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي، قدر جي رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي. سڀئي ملائڪ ۽ روح سندن پاليندڙ جي حڪم سان اُن رات ۾ سڀ حڪم کڻي لهن ٿا. اها رات پرهه ڦُٽيءَ تائين سراسر سلامتيءَ واري آهي. (القدر-1-5)
سال جي هڪ خاص رات (ٿي سگهي ٿو ته رمضان جي آخري ڏهي جي ڪا رات) ربّ تعاليٰ وٽ سالياني فيصلي جي رات آهي. دنيا جي انتظام بابت جيڪي ڪم اُن سال جي لاءِ مقدر آهن، تن جي لاڳو ڪرڻ جي تعين جي لاءِ ان رات ملائڪ لهن ٿا. ان قسم جي هڪ خاص رات ۾ قرآن شريف لهڻ شروع ٿيو.
بظاهر ته ايئن ٿو لڳي ته ان رات زمين تي ملائڪن جي گهڻائي هوندي آهي، جنهن سان زمين تي خاص قسم جو روحاني ماحول جُڙي ٿو. هاڻ جن ماڻهن جي اندر روحانيت سُجاڳ ٿيل آهي، اهي ان کان متاثر ٿين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن اندر هڪ غير معمولي روحاني تاثير پيدا ٿئي ٿو. جيڪو سندن ديني عمل جي قدر ۽ قيمت عام حالتن کان وڌائي ٿي ڇڏي.
قدر جي رات فيض پائڻ جو معاملو ڏينهن ۽ تاريخ جي نسبت سان ڪونهي، پر ان جو مدار ذاتي ڪوشش تي آهي، ڪوشش کانسواءِ ڪوبه شخص قدر جي رات جي رحمتن کي حاصل ڪري نٿو سگهي. بلڪل ائين، جيئن سج جي اُڀرڻ کانپوءِ ان جي سُهائيءَ مان رڳو اکين وارائي فائدو حاصل ڪن ٿا. اکين کان وانجها ماڻهو سج جي اُڀرڻ کانپوءِ به ان جي فائدي کان محروم رهن ٿا.