001 - 1
بسم الله الرحمان الرحيم
بسم الله الرحمان جو جملو قرآن ۾ 114 ڀيرا آيو آهي. اهو ’سوره التوبه‘ کان سواءِ هر سورت جي شروع ۾ موجود آهي. ۽ سوره النمل (آيت 30) ۾ هڪ ڀيرو آيو آهي. ان غير معمولي تڪرار مان ان جي اهميت جي خبر پوي ٿي. بسم الله الرحمان الرحيم جو مطلب آهي: شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان، جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
ماڻهو جڏهن ڪو ڪم شروع ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن جي ڀروسي تي شروع ڪندو آهي. جهڙوڪ: ذهني يا جسماني طاقت، مال ۽ دولت، مدد ۽ سهڪاري حالتون ۽ سبب وغيره. اهي سڀ ڪم شروع ڪرڻ جا غير مومناڻا طريقا آهن، ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ جو مومناڻون طريقو اهو آهي ته ان کي الله جي ڀروسي تي شروع ڪيو وڃي. ماڻهو جڏهن ڪو ڪم شروع ڪري ته ان جي دل رباني جذبن سان ڀريل هجي.
بندي جي لاءِ ڪنهن ڪم جي سڀ کان سٺي شروعات اها آهي ته هو پنهنجا ڪم پنهنجي رب جي نالي سان شروع ڪري. اها هستي جيڪا سڀني رحمتن جو خزانو آهي ۽ جنهن جون رحمتون هر وقت جاري رهنديون آهن. ان جي نالي سان ڪنهن ڪم جي شروعات ڪرڻ ائين آهي ڄڻ کانئس اها دعا گهرڻ ته هو پنهنجي اڻ مَئي رحمتن سان منهنجي مدد جي لاءِ اچي، ۽ منهنجي ڪم کي خير ۽ خوبيءَ سان پورو ڪري. اها ٻانهي طرفان پنهنجي بندگيءَ جي مڃتا آهي ۽ ان سان گڏ ان جي ڪاميابيءَ جي الاهي ضمانت پڻ.
قرآن جي خصوصيت اها آهي ته اهو مومن جي دلي احساسن جي لاءِ صحيح لفظن جي چونڊ ڪري ٿو. بسم الله ان نوعيت جو هڪ دعائيه ڪلمو آهي. حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو: ”کل امر ذي بال لم يبداََ فيه بسم الله الرحمان الرحيم اقطع“ (التفسير المظهري 1 /2) يعني هر اها ڳالهه جنهن جي شروعات بسم الله الرحمان سان شروع نه ڪئي وڃي، اها اڻپوري آهي ان جو مطلب هيءَ آهي ته ڪوبه ڪم فقط ان وقت پنهنجي تڪميل تائين پهچي ٿو، جڏهن ان کي خدائي نظام جي آشيرواد حاصل ٿي وڃي. ڪنهن ڪم کي بسم الله الرحمان سان شروع ڪرڻ گويا ايئن چوڻ آهي ته خدايا مون پنهنجي ڪوشش سان هڪ ڪم جي شروعات ڪئي آهي، هاڻ تون پنهنجي مدد سان ان کي پنهنجي پڄاڻيءَ تائين پهچائي.
بسم الله الرحمان الرحيم ڪو پراسرار ڪلمو ڪونهي؛ ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته انهن مخصوص لفظن ۽ اکرن ۾ ڪو طلسماتي اثر لڪل آهي ۽ جڏهن ڪو شخص ان کي پنهنجي زبان سان صحيح اُچار سان ادا ڪري ٿو ته اهو پراسرار نموني پنهنجو ڪم شروع ڪري ٿو ڇڏي. پر اهي لفظ ان انسان جي اُتم جذبن ۽ ڪيفيتن جي علامت آهي، جيڪي خدا جي معرفت جي درجي ۾ پاتل آهن، جنهن جو به اهو ڀروسو هجي ته خدا هر شئي تي قادر آهي، ۽ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان جي مدد سان ئي ٿئي ٿو، ان جي مدد کان سواءِ دنيا ۾ ڪجهه به ٿيڻ وارو ڪونهي. اهي احساس جڏهن لفظن جي صورت اختيار ڪري وڃن ته ان جو نالو بسم الله الرحمان الرحيم چوڻ آهي.
ان ڪلمي ۾ خاص طور تي الله جي ساراهه ۽ رحمت جو ذڪر آهي. ان جو سبب هيءَ آهي ته انسان جي نسبت سان ان ئي صفت جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي. الله جي اهائي صفت آهي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو ان جي اُتم عطين ۽ انعامن جو حقدار بنجي ٿو. الله جو هر شئي تي قادر ٿيڻ ان جي ذاتي ڪمال جو لقاءُ آهي ۽ ان جو رحمان ۽ رحيم هئڻ ان جو متقاضي آهي ته هو پنهنجي قدرت جي خزانن ۾ انسان کي ڀاڱي ڀائيوار بنائي.
انسان مڪمل طور تي هڪ عاجز مخلوق آهي. هڪ خود شناس (پاڻ سڃاڻندڙ) انسان جڏهن به ڪنهن عمل جي شروعات ڪري ٿو، پوءِ ڀلي اهو ننڍو هجي يا وڏو، ته ان مهل فطري طور تي کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڪا مٿاهين هستي هجي، جيڪا سندس عجز جي تلافي ڪري، جيڪو ڪم هو پنهنجي سگهه سان نٿو ڪري سگهي، ان کي هو پنهنجي برتر مدد جي وسيلي مڪمل ڪري. اهوئي فطري احساس آهي، جيڪو هر ڪم جي شروع ۾ هڪ خود شناس انسان جي زبان مان هر هر جاري ٿيندو رهندو آهي.
بسم الله الرحمان الرحيم هڪ جامع ڪلمو آهي. اهو دعا به آهي ۽ ذڪر به آهي ۽ خدا جي وڏائي ۽ ان جي مقابلي ۾ انسان جي ٻانهپ جي يادگيري به آهي.