3:13
اسلامي روحانيت
اسلام موجب، روحانيت جو سرچشمو ڪنهن پراسرار قسم جي ورزش يا عمليات ۾ ڪونهي. پر ان جو سرچشمو حقيقتن جي جهان ۾ غور ۽ ويچار آهي. غور ۽ ويچار جي ذريعي ماڻهو هِتي اهڙا ته فيض ٿو حاصل ڪري، جيڪي سندس اندر ۾ روحاني لهرون پيدا ڪن ۽ ان کي مادي انسان مان کڻي روحاني انسان بنائي ڇڏين. اها حقيقت قرآن جي هنن آيتن مان معلوم ٿئي ٿي:
”آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي واري واري سان اچڻ ۾ عقل وارن جي لاءِ نشانيون آهن. جيڪي ويٺي ۽ بيٺي هر گهڙيءَ الله کي ياد ڪندا آهن ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش تي پيا ويچاريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار، هنن کي بي رٿو نه بڻايو اٿئي. تون پاڪ آهين، سو اسان کي جهنم جي باهه کان بچاءِ! اي اسان جا پالڻهار! جنهن کي تو باهه ۾ وڌو، تنهن کي بيشڪ خوار ڪيئي ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار نه آهي. اي اسان جا پالڻهار! اسان سڏيندڙن جي سَڏ کي ٻُڌو، جو ايمان ڏانهن سڏيندو آهي، ته پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو. پوءِ مڃيوسون. اي اسان جا پالڻهار! اسان کي اسان جا گناهه بخش ۽ اسان کي اسان جون مَدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ موت (نصيب) ڪر. اي اسان جا پالڻهار! اسان کي پنهنجي پيغمبر (جي زبان) سان جيڪو انجام ڏنو اٿئي، سو پاڙ ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي خوار نه ڪج، بيشڪ تون وعدي خلافي نه ڪندو آهين. (آل عمران: 191-194)
اسلام موجب، روحانيت ڪنهن پراسرار دُنيا ۾ گُم ٿيڻ جو نالو نه آهي، ۽ نه ئي ڪا اهڙي ڳولا آهي، جيڪا پنهنجي ذات کان شروع ٿي ۽ پنهنجي ذات تي ئي ختم ٿئي ٿي. ان جي ابتڙ اسلامي روحانيت هيءَ آهي، ته ماڻهو حقيقت ۾ خداونديءَ جو زنده عرفان حاصل ڪري. هو حقيقت جي اَبدي دنيا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ باشعور جاءِ ماڻي. اسلامي روحانيت جو سفر ڄاتل سُڃاتل رستن تان ٿي لنگهي ٿو، نه ڪي اَڻ ڄاتل ماٿرين مان.
ڪائنات پنهنجي پوري وجود سان هڪ خاموش اعلان آهي. ماڻهو جڏهن پنهنجي ڪَن ۽ اَک تان مصنوعي پردي کي هٽائي ٿو، ته هو ان خاموش اعلان کي هر پاسي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ٿو لڳي. هاڻي کيس اهو ناممڪن نظر ٿو اچي، ته هڪ اهڙي ڪائنات جنهن جا سيارا ۽ گرهه کربين سالن تائين به ختم نٿا ٿين، اتي انسان پنهنجي سڀني خواهشن ۽ سَڌن سميت رڳو پنجاهه سالن ۽ سئو سالن ۾ ختم ٿي وڃي. هڪ اهڙي دنيا جتي وڻن جي سونهن ۽ گلن جي لطافت آهي. جتي هوا، پاڻي ۽ سج جهڙين اَڻ ڳڻين بامعنيٰ شين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، اتي انسان جي لاءِ غم ۽ پڇتاءُ کانسواءِ ٻيو ڪو انجام نه هجي.
پوءِ اهو به کيس ناممڪن نظر اچي ٿو، ته هڪ اهڙي دنيا جتي اُهو اَٿاهه امڪان رکيو ويو آهي، ته هتي هڪ ننڍو ٻج زمين ۾ وڌو وڃي، ته ان جي اندران ساون وڻن جي هڪ سڄي ڪائنات ڦُٽي نڪري اچي. اتي ماڻهو نيڪيءَ جي زندگي اختيار ڪري به ان جو ڪو ڦل حاصل نٿو ڪري. هڪ اهڙي دنيا جتي روزانو اونداهي رات کانپوءِ سُهائو ڏينهن اچي ٿو، اُتي صديون گذري وڃن، ۽ عدل ۽ انصاف جو اُجالو پنهنجي چمڪ نه ڏيکاري، هڪ اهڙي دُنيا، جنهن جي هَنج ۾ زلزلا ۽ طوفان سُمهيل هجن، اُتي انسان ظلم مٿان ظلم ڪندو رهي، پر ڪوبه سندس هٿ جهلڻ وارو سامهون نه اچي.
جيڪي ماڻهو حقيقتن ۾ جيئن ٿا ۽ گَهرائيءَ ۾ لهي سوچين ٿا، تن جي لاءِ ناقابل يقين ٿي وڃڻ ته هڪ بامعنيٰ ڪائنات، بي معنيٰ انجام تي ختم ٿي ويندي. سوچ ۽ ويچار کانپوءِ هو ڄاڻي ٿا وٺن، ته حق جو داعي پيغام پيو ڏي، ته هو ڳالهه ٻولهه جي زبان ۾ ان ڳالهه جو اعلان آهي، جيڪو خاموش زبان ۾ سڄي ڪائنات ۾ نشر پيو ٿئي. ان جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو بنجي ٿو وڃي، ته جڏهن سچائي پڌري ٿئي ۽ جڏهن انصاف جو سج نڪري، ته ان ڏينهن هو ناڪام ۽ نامراد نه ٿئي. هو پنهنجي پالڻهار کي سڏيندي ان ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. هو مفاد ۽ مصلحت جي سڀني حدن کي ٽوڙي حق جي داعيءَ سان سَلهاڙجي وڃي، ته جيئن ڪائنات جو سوجهرو ۽ ڪائنات جي اونداهي هڪٻئي کان ڌار ڪيا وڃن، ته ڪائنات جو مالڪ کين سوجهري ۾ جاءِ ڏي. هو کين اونداهيءَ ۾ ڌِڪا کائڻ جي لاءِ نه ڇڏي.
اِها ذهني ڳولا ماڻهوءَ جي سڄي زندگيءَ کي بدلائي ٿي ڇڏي. هاڻي هو هڪ نئون انسان بنجي ٿو وڃي. هڪ اهڙو انسان، جيڪو دنيا ۾ بامعنيٰ زندگيءَ جي اڏاوت ڪري ۽ آخرت ۾ به پنهنجي لاءِ هڪ بامعنيٰ زندگي حاصل ڪري.