مذهب

قرآن جو مطالعو

ڪتاب ”قرآن جو مطالعو (قرآني آيتن جو تذڪيري اڀياس)“ نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2016ع ۾سچائي اشاعت گهر دڙو وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو مطالعو

7:29

7:29
شيطان جي پوئلڳي
قرآن ۾ انسان جي تخليق جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”۽ بيشڪ اوهان کي پيدا ڪيوسون، وري اوهان جي شڪل بڻائيسون، وري ملائڪن کي چيوسون، ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ ٻين سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو. الله چيو توکي سجدو ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالهه جهليو؟ جڏهن ته توکي حُڪم به ڪيم. چيائين آءٌ کانئس ڀلو آهيان، مونکي باهه مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان. الله چيو ته ان (آسمان) مان هيٺ لهي وڃ! توکي منجهس وڏائي ڪرڻ نه جُڳائيندي آهي، تنهنڪري تون نڪر! ڇوته تون خوار ٿيلن مان آهين. چيائين، قيامت جي ڏينهن تائين مونکي مهلت ڏي. (الله) فرمايو يقينن تون مهلت ڏنلن مان آهين. چيائين ته انهيءَ سببان جو تو مونکي گمراهه ڪيو (آءٌ ته) ماڻهن جي لاءِ تنهنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وهندس. پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کاٻي پاسي کان وٽن ويندس ۽ منجهانئن گهڻا شڪر ڪندڙ نه لهندين! الله فرمايو، ته تون آسمان مان خوار ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ! انهن مان جيڪو تنهنجي تابعداري ڪندو (تنهن کي ۽ توکي دوزخ ۾ وجهي) اوهان ڦِريلن سان دوزخ ضرور ڀريندس.“ (الاعراف: 11-18)
خدا هن دنيا ۾ انسان کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، اهو ان ڪري ڏنو آهي ته ان جو نفسياتي جواب هو ٿورن جي شڪل ۾ پيش ڪري. پر اِها ئي اُها شئي آهي، جنهن کي ماڻهو پنهنجي رب جي سامهون پيش نٿو ڪري. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته شيطان ان جي اندر ٻيا جذبا اُڀاري کيس شڪر جي نفسيات کان پري ٿو ڪري ڇڏي.
آدم ۽ ابليس جي قصي مان خبر پوي ٿي، ته دنيا ۾ هدايت ۽ گمراهيءَ جي جنگاڻ ڪٿي برپا ٿئي ٿي. اهو معرڪو ان موقعي تي برپا ٿئي ٿو، جتي ماڻهو جي اندر حسد ۽ وڏائيءَ جي نفسيات جاڳي ٿي. امتحان جي هن دنيا ۾ بار بار ايئن ٿئي ٿو، ته هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کان مٿي کڄي وڃي ٿو، ڪڏهن ڪو همراهه دولت ۽ عزت ۾ ٻئي کان وڌيڪ حصو حاصل ڪري ٿو وٺي. ڪڏهن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ايئن معاملو ٿئي ٿو، ته هڪ شخص جي لاءِ ٻئي شخص کي جائز حصو ڏيڻ پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيرائڻ جي هم معنيٰ نظر اچي ٿو. ڪڏهن ڪنهن شخص جي واتان خدا هڪ سچائي جو اعلان ڪرائي ٿو ۽ ماڻهن کي محسوس ٿئي ٿو، ته ان جو اعتراف ڪرڻ، ان جي مقابلي ۾ پنهنجو پاڻُ کي ننڍو ڪرڻ جي هم معنيٰ آهي. اهڙن موقعن تي شيطان ماڻهوءَ جي اندر حسد ۽ وڏائيءَ جي نفسيات کي جاڳائي ٿو ڇڏي. ’آئون سُٺو آهيان.‘ جي احساس جي ڪري هو ٻين جي چڱائي/ فضيلت کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهو ئي خدا جي نظر ۾ شيطان جي رستي تي هلڻ آهي. جنهن شخص اهڙي موقعي تي حسد، وڏائي ۽ نه مڃڻ جو طريقو اختيار ڪيو، ان پنهنجي پاڻ کي جهنم جو حقدار بنائي ورتو، جيڪو شيطان جو مقدر آهي ۽ جنهن اهڙي موقعي تي شيطان جي پيدا ڪيل جذبن کي پنهنجي اندر چِٿي ڇڏيو، تنهن ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو ته هو ان جي لائق آهي، ته کيس جنت جي باغن ۾ ٽِڪايو وڃي.
هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو خدا پاران ملي ٿو، تنهنڪري ڪنهن جي فضيلت کي مڃڻ دراصل خدا جي ورهاست جي برحق هئڻ جي مڃتا آهي. ساڳئي طرح جڏهن هڪ شخص ڪنهن حق جي آڌار تي ٻئي جي اڳيان جهڪي ٿو، ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي سامهون نٿو جهڪي، پر هو خدا جي سامهون ٿو جهُڪي. ڇوته ايئن هو خدا جي حڪم تي ڪري رهيو آهي، نه ڪي اُن ماڻهوءَ جي ذاتي فضيلت جي آڌار تي. شڪر سڀني نيڪين جي جَڙ آهي ۽ وڏائي سڀني برائين جي جَڙ. اهو ئي سبب آهي، ته شُڪر سڀ کان وڏي عبادت آهي ۽ تڪبر (وڏائي) سڀ کان وڏو گناهه آهي.