30:107
قرآن شريف ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”پوءِ تون ان دين جي طريقي طرف پنهنجو ڌيان رک. الله جي فطرت جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس. الله جي پئدائش کي ڪابه مَٽ سَٽ نه آهي. سِڌو دين اهو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. اوهين سڀ ان ڏي رجوع ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪيو ۽ مُشرڪين مان نه ٿيو. انهن مان نه ٿيو، جن پنهنجي دين کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا. ۽ هر ٽولو (گروهه) پنهنجي طريقي تي خوش آهي، جا وٽس آهي. (الروم: 30-32)
خدا جو دين بلڪل اهو ئي آهي، جيڪو انسان جي فطرت آهي ۽ انسان جي فطرت بلڪل اها ئي آهي، جيڪو خدا جو دين آهي. ان آڌار تي انسان جي لاءِ نه خدا کي سُڃاڻڻ ڏکيو آهي، ۽ نه ئي ان تي قائم رهڻ. ان هوندي به جيڪڏهن انسان گمراهه ٿي وڃي، ته ان لاءِ هو پاڻ ئي ذميدار آهي.
حقيقت هيءَ آهي، ته اصل دين هڪ ئي آهي ۽ اهو هر پيغمبر تي پنهنجي مڪمل شڪل ۾ لٿو آهي. اهو آهي هڪ الله ڏانهن رجوع ڪرڻ، هڪ الله کان ڊِڄڻ، هڪ الله جي پرستاري، هر وقت الله ڏانهن ڌيان هئڻ، اهو ئي دينِ فطرت آهي. اهو دينِ اَبدي طور تي هر انسان جي نفسيات ۾ سَمايل آهي. سڀني پيغمبرن ان هڪ دين جي تعليم ڏني. پر سندن مڃيندڙن جي ايندڙ نسلن هڪ دين جا ڪيترائي دين بنائي ڇڏيا.
ڪيترائي دين، سدائين اُنهن واڌو بحثن سان بنجن ٿا، جيڪي پوءِ ايندڙ ماڻهو پيغمبرن جي شروعاتي تعليم ۾ پيدا ڪن ٿا. عقيدن ۾ نين ايجادن جون موشگافيون، عبادتن ۾ پاڻمرادو مثالن جا واڌارا، زماني جي تاثر تحت دين جون نيون نيون تعبيرون. اِهي ئي اُهي شيون آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ هڪ دين کي ڪيترن ئي دينن ۾ ورهائي ٿيون ڇڏين. جڏهن اُهي واڌارا وجود ۾ اچن ٿا، ته ماڻهو اصل دين جي بدران پنهنجن انهن واڌارن تي زور ڏيڻ لڳندا آهن، جن جي ڪري هڪ گروهه ٻئي گروهه کان ڌار ٿئي ٿو ۽ نئون گروهه بنجي ٿو. هڪ گروهه هڪ قسم جي واڌاري تي زور ڏئي ٿو ۽ ٻيو گروهه ٻئي قسم جي واڌاري تي. ايئن نيٺ نؤبت اُتي وڃي ٿي پهچي، ته هڪ دين کي مڃيندڙ عملي طور تي ڪيترن ئي ديني گروهن ۾ ورهائجي وڃن ٿا.