مھاڳ - شاعري، شعور جي شمع آهي
پڪاسو ڏاڍي ڀلي ڪئي هئي ته، ”منهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته، تون اگر فوجي هوندين ته جرنيل ٿي ويندين، جيڪڏهن راهب هوندي ته پوپ بڻجي ويندين. پر مان ”پينٽر هُئس“ ۽ “پڪاسو بڻجي ويس. “بلڪل اهڙيءَ ريت مان به شاعر هُئس ۽ بخشل باغي ئي بڻجي ويس. ڇو ته شاعري، سدائين منهنجي جيون جي اُونداهي کنڊ مٿان چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پئي کِڙندي رهي آهي. ۽ ستارا منهنجي مُنتظر ۽ اوجاڳيل نيڻن جا اُهي اوجاڳا پئي رهيا آهن. جن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مون هميشه پنهنجي اَڌوري وجود جي تڪميل جي تلاش پئي ڪئي آهي. ڇو ته اِها جنمن جي جاڳ منهنجي رولاڪ روح کي اَزل جي آڏاڻي تي درد ڪتڻ جي عيوض اُجوري طور راس آئي آهي. شاعري، شعور جي اُها شمع آهي جنهن تي عشق ۽ محبت جا پروانا پاڻ مُرادو اُڏامي اچي اُن جي ڄَر کي لھسائي، درد جي لذت ماڻيندا آهن.
شاعري، عجيب ڪيفيتن جو جهان آهي. جنهن کي احساسن سان پڙهي، ٻُڌي صرف روح ذريعي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. اُن جي ڪابه طيءِ شُده وضاحت ممڪن ناهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو تخليقي شاعري هر دور جو اعليٰ اظهار بڻجي ويندي آهي.
يونان جي نابين شاعر هومر کان وٺي ڪاليداس، ڀٽائي، شيڪسپيئر، اُمارو، ملٽن، شيلي، ورڊس ورٿ، ڪيٽس، رومي، حافظ، سعدي، ڪبير، ميران، غالب، ٽئگور، اياز ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تائين شاعري پنهنجي نازڪ نفيس احساسن جي آفاقي ڏور وسيلي، سندن روحن سان سلهاڙيندي پئي اچي. پر هر شاعر وٽ شاعريءَ جو احساس، ڪيفيت، خُدا جي تصور جيان نرالي ۽ نياري آهي. جيئن خوشبوءِ جو ڪو به ڏَس پتو ناهي ته هُوءَ گُل جي نفيس پنکڙين کان جُدا ٿي رولاڪ هوائن سان ڪهڙن ديسن جي آوارگي ڪري ٿي. يا پوپٽ گُلن جو واس وٺي ڇا محسوس ڪندا آهن. جُگنو اُوندھ ۾ ڇو ٽِم ٽِم ڪندا آهن. ڪوئل جُهڙاليءَ سانجهيءَ جو ڪَٽار جھڙي ڪُوڪ سان ڪنهن کي پُڪاريندي ڇو هانوَ ۾ وڍ وجهندي آهي. ٻاٻيهو ٿر جي تَپندڙ ڀِٽن ۾ ڪنهن لاءِ ٻوليندو آهي. اُنهن سڀني احساسن ۽ ڪيفيتن کي موسمون يا گُذرندڙ پَل ڪيئن محسوس ڪندا آهن. بلڪل تخليقي شاعري به پنهنجي مفهوم ۽ معنائن ۾ ايئن ئي ڪائناتي ڪهڪشائن جيئن ڦهليل ۽ گهڻ رُخي آهي. شاعري ڪنهن به خاص موضوع ۽ مواد جي مُحتاج ناهي. ۽ نه ئي ڪا هُوءَ وقت جي گردش ۾ مُقَيَد آهي. هُوءَ ته زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي روح جي جَهروڪي ۾ ليئو پائي، درد کي دريافت ڪري وٺندي آهي. شاعري ته پهاڙن تي پوندڙ برف جيان ٽيپو ٽيپو ڳري آبشارن جو روپ ڌاري وَر وَڪڙ وهندڙ نديءَ جي صاف شفاف پاڻيءَ جيان هر لمحي تي پيدا ٿيندڙ لهر جيان نِڪور ۽ اَڇوتي هوندي آهي. شاعري تقليد نه پر تخليق جو ترانو هوندي آهي. ڪنهن سُريلي گيت جي گونا گون گُونج هوندي آهي. جنهن جي ليءِ، رِڌم، رَچاءُ، رنگ ۽ روپ پنهنجو پاڻ ۾ ڪيترائي معنائن جا موتي سمائي دلين جي ساحل تي ايندا آهن ته سمورو سمنڊ سِپون، سِپون ٿي پوندو آهي. ۽ وري موٽي واپس ويندي آهي دور خيالن جي مھا ساگر ڏي. . . اياز چواڻي ته “شاعري سمنڊ ۾ اُن ترڪڻي مڇيءَ وانگر آهي جيڪا هڪ دفعو خيالن جي رَڇ مان نڪتي ته وري اُن کي پڪڙڻ محال هوندو آهي”. شاعري روميءَ جو رقص بڻجي درويش روح کي مي رقصم ۾ تبديل ڪري، سموري ڪائنات کي همه اوست جي احساس جو گيڙو ويس ڍڪائي، سَروم دُکم دُکم جو پڙاڏو بڻجي ويندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو شاعري منهنجي دل جي اُداس ٿر ۾ احساسن کي لهسائيندڙ لُوءِ ۾ ٻاٻيهي جيان ٻوليندي رهي آهي. ۽ اُهي ٻول مون کي اڪيلاين، اُداسين، انتظارن جي تَپندڙ طويل ڀِٽن ۾ ڀَٽڪڻ جو ساهس بخشيندا رهيا آهن. اُهي ٻول ئي ته شاعريءَ ۽ آرٽ جو نرالو رُوپ آهن. ۽ شاعري توڙي فن اهڙي عبادت آهن جنهن جو مٽ شايد ئي ٻيو ڪجهه هجي. بقول شيخ اياز جي ته،
”آرٽ عبادت آهي، شايد ان کان چڱي
عبادت ڪا ورلي هجي! “
سچ ته شاعري جي سنگ مون هِن پُراسرار ڪائنات کي هڪ نئين زاويي سان پئي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاعريءَ(ادب)جي ڪري مون، ڌرتي، عشق، محبت، انسانيت، امن، روشن خيالي، دوستي، رشتن ناتن جي تقدس جو شعور پاتو آهي.
شاعريءَ منهنجي جهيرون جهيرون ٿيل روح جي پاند کي، جنهن ڪتابن جي تند سان جوڙيندي رهي آهي ۽ منهنجي احساسن جي نفيس ويس کي سدائين اُجرو پئي رکندي اچي. اُها سالن جي تسلسل سان اڄ به منهنجي جياپي لاءِ هن آلوده ماحول ۾ آڪسيجن کان گهٽ ناهي. جرمن شاعر گوئٽي چواڻي ته، ”جيڪڏهن توهان جواني کي برقرار رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هر روز هڪ خوبصورت نظم پڙهو. “
سچ ته زندگي جي ڪٺن کان ڪٺن حالتن کي حوصلي سان مُنهن مُقابل ٿيڻ جي همت مون کي ڪتابن مان مليل اعليٰ شعور ڏني آهي. صبر، تحمل، استقامت، اُميد، عمل، حقيقت پسندي، کَري ۽ کوٽي جي شناسَ، منهنجي اندر جي حيوانيت کي ماڻهپي جي روپ ۾ تبديل ڪيو آهي. انهن ڪتابن ۽ شاعريءَ جي ساٿ، منهنجي اَڙانگهي جيون کي سَڻائو ڪري ڇڏيو آهي. حق ۽ سچ سان لافاني تعلق جوڙي ڇڏيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هاڻ مان شاعريءَ جي اکين سان ۽ ڪتابن جي ڪنن سان هِن دنيا کي ڏسندو، ٻُڌندو ۽ محسوس ڪندو آهيان. قديم رومي شاعر ”اوويد“ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه چئي آهي ته، ”صحيح وقت تي ڳوڙهن جو وزن لفظن جي برابر هوندو آهي. “بظاهر اکرن جون نظر ايندڙ بي ترتيب لڪيرون پنهنجي اندر هڪ ڪائنات سمائي رکن ٿيون جنهن تائين رسڻ لاءِ لفظن جي تپسيا مان گذرڻ لازمي آهي.
شاعريءَ سدائين مون کي مِٺي ماءُ جيئن پنهنجي نرم ۽ گرم آغوش ۾ پئي پناھ ڏني آهي. منهنجي لُڙڪن کي پنهنجي ريشمي آڱرين سان پئي اُگهيو آهي. شاعريءَ مون کي هميشه حقيقت جي ڪوڙاڻ کي مِٺاڻ ۾ تبديل ڪري ڏنو آهي. نه ته هي روز روز جو جيئڻ به عجيب عادت ۾ شُمار ٿي ويو آهي. جنهن جي رسمي روايتن، روح کي پئي زخمي ڪيو آهي، سچ ته هاڻ هيءَ ڪيفيت به شدت اختيار پئي ڪندي وڃي ته مان هوائن ۾ به پاڻ کي ٻُڏندو محسوس ڪندو آهيان. غوطا پيو کائيندو آهيان. سمنڊ صحرا جو ڏيک ڏيندو آهي. ۽ رُڃ مان پاڻيءَ جون لهرون منهنجي وجود کي لوڙهڻ لڳنديون آهن. مان اڪثر مايوسين جي مها ڄار ۾ پاڻ کي سوگهو ڀائيندو آهيان، ۽ روحاني طور تي ڪنهن مڇيءَ جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر سُڪيءَ تي پيو ڦٿڪندو محسوس ڪندو آهيان. پر اهڙي ڀيانڪ صورتحال ۾ اِها شاعري، اِهوادب، اِهي ڪتابَ منهنجي ٻُڏندڙ ساهن لاءِ تُرهو پئي بڻجندا رهيا آهن. مان پنهنجي خوابن جا ليڙون، ليڙون سَڙھ، پنهنجي وجود جي ويرانين جا وَنجهه، ۽ ٽُٽل دل جي دُنگيءَ کي هِن مها سنسار جي ساگر ۾ جُهرندي، ڀُرندي به پَرينءَ ڀَر ڪاهيندي پيو ڀانيان.
پنهنجي جيون جو ٽُٽل ڦُٽل سامان، شاعري، ڪاغذ، قلم، ڪتابَ، وڇوڙا، انتظار، اوجاڳا، ڏُک، درد ۽ ڪيئي محروميون ساڻ کڻي جياپي جي جانڊاڻ ۾ پيو پيسجان. سچ ته هاڻ مان اُن ڏند ڪٿائي پکيءَ”ڪُڪنيس“جيان ڏُکن سورن جا ڪک پن سوري اُنهن تي ويهي پنهنجن پُر درد سُرن جي آڳ سان اُنهن کي جلائي پاڻ کي رک ڪري وري اُن ئي رک مان ٻيهر جنم پيو وٺندو آهيان. عجيب مزو آهي انهي فنا ۽ بقا جي چڪر جو، جنهن منهنجي روح ۾ ڪيئي ناياب خواب تخليق ڪري وڌا آهن. خواب جيڪي منهنجي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو حسين تعارف آهن. اهڙو تعارف جنهن جي شناسائيءَ جا رنگَ ڪنهن جي نيڻن مان اُجري باک جيان ڦُٽي پيا هُيا. جن مون کي احساس ڏياريو هو ته هر ناياب شيءِ ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهندي آهي. اُها ته صرف محسوس ڪري سگهبي آهي.
اُن کي صرف خوابن جي هٿن، اکين ۽ محسوسيات سان ڇُهي، ڏسي، ۽ محسوس ڪري سگهبو آهي. اُن کي ماڻي يا ماڻڻ جي ڪوشش هڪ ديوانگي هوندي آهي. شاعريءَ جھڙي ديوانگي، شايد”شاد عظيم آباديءَ“ جي هِن شعر جھڙي،
ڈھونڈو گے اگر مُلکوں، مُلکوں، ملِنے کے نہیں نایاب ہیں ہم۔
تعبیر ہےجس کی حسرت و غم، ای ہم نفسووہ خواب ہیں ہم-
لاکهوں ہی مُسافر چلتے ہیں، منزل پہ پُہنچتے ہیں دو ایک،
اے اہلِ زمانہ قدر کرو، نایاب نہ ہوں کم یاب ہیں ہم۔
(شاد عظیم آباد)
اِن اَڻ لَڀ جي جستجوءَ ۾ شاعريءَ ۽ عشق جي سَرمستي به عجيب آهي. جيڪا ماڻهوءَ جي وجود کي رقص ۾ تحليل ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن ۾ روح رڳو ساز ۽ سَرگم بڻجي پوندو آهي. ساھَ سنگيت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. وِک وِک وَڄڻ لڳندي آهي. پنڌُ، پهاڙيءَ ٿي پوندو آهي. ۽ سفر تي سمنڊ جو سُرمئي رنگُ لهي ايندو آهي. هر قدم ڪوهياريءَ جا آلاپَ ۽ سڄڻ جي سِڪَ، سنڌڙو جي پُرسوز سُرن ۾ سُڏڪڻ لڳندي آهي. ته دل جو دنبُورو درد اوڳاڇڻ لڳندو آهي. رڳ رڳ دُکي پوندي آهي. ته روح جا رستا روهيڙي جي گُلن جيئن ڪڪورجي پوندا آهن. اِنهن سمورين ڪيفيتن جا سرور، عشق يا شاعريءَ جي اکين ۾ خُمار بڻجي چڙهڻ لڳندا آهن. ۽ سَرمستيءَ جا سنسار جُهومي پوندا آهن. مون کي عشق، شاعري ڏني ۽ شاعريءَ وري عشق عطا ڪيو. ايئن انهن ٻنهي جي سنگ ۾ منهنجي زندگي جو سفر سُهانو پئي رهيو آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته ماڻهو رڳو خوشيءَ ۾ ئي خوش نٿو رهي سگهي پر ڏُک کي ماڻي به جيڪا آسيس، سُڪون يا آنند جو احساس محسوس ٿئي ٿو، سچ ته اُهو سُرور مون عارضي خوشيءَجي خُمار ۾ ڪڏهن به نه پاتو آهي. روئيندي روئيندي کلي پوڻ جو مزو ئي نيارو آهي. شايد اهوئي ڪارڻ آهي جو مون هميشه خُوشيءَ ۾ پاڻ کي دُکي پئي ڀانيو آهي ۽ ڏُک ۾ هڪ عجيب اطمنان پئي ماڻيو اٿم.
عشق ۽ شاعريءَ جو ڪاڪ ٽيل منهنجي زندگيءَ جي پيالي ۾ سدائين نَوان نَوان خُمار کڻي پئي ڇُلڪندو رهيو آهي. ۽ مان هميشه مڌهوشيءَ جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، پنهنجي روح ۾ ڪڪر ڪارونڀار پيو وسندو آهيان.
ڪَڪر مَنجھ ڪَپارَ، جُهڙ نيڻنئُون نه لَهي،
جھڙا منهنجا سُپرين، تھڙا مينگهه مَلھارَ،
کَڻ اکيون کِل يارَ، وَڃن سُور سَنڌا ڪيو.
(شاھ)
اڄ پڻ وايُون ڪن، وڻجارا وَڄڻ جون،
اَٺئي پهر اَٿن، سَعيو ڪنهن سفر جو.
(شاھ)
ايئن سُر سارنگ جا رنگَ منهنجي دل جي اُفق تي پيا کڙندا آهن ۽ مان هر موسم ۾ پنهنجي ساهن ۾ سُر سامونڊي سمائي پيو جيئندو آهيان. ڇو ته سمنڊ، منهنجي ننڍپڻ جو، منهنجي خوابن جو، منهنجي شاعريءَ ۾، منهنجي خيالن جو اهو همسفر آهي جيڪو سدائين مختلف روپن ۾ منهنجي روح سان سلھاڙيل ئي رهيو آهي. شايد ان ڪري به لطيف جو سُر سامونڊي منهنجي ڪنهن جنم جي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجين وشال نيرين وسعتن سان ڇُلندو رهيو آهي. ۽ مان سندس لھرن تي لڙهندڙ ڪو چنڊ جو پاڇو رهيو آهيان، جنهن هميشه چانڊوڪيءَ جي عڪس ۾ ڪيترين اُماس راتين جي گهگهه اُنداهين سان پئي جهيڙيو آهي. ان اَٽل اِرادي جي اَٽڪاءُ، مون کي شاعريءَ سان عاشقيءَ جو حسين سنگم جوڙي ڏنو آهي. انهيءَ جوڙ جي جهان منهنجي جيءُ ۾ جيڪا جوت جلائي هئي اها اڄ به ڀنڀٽ ڀنڀٽ منهنجي من ۾ ڀڙڪي رهي آهي ۽ منهنجو جنمن جو سفر سدائين سندس سُهائيءَ ۾ سلوڻو پئي رهيو آهي.
”بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري“سُرمئي سانوڻين جي اهڙي ئي صدا آهي جنهن جي اکر اکر ۽ لفظ لفظ ۾ ڪڻين جهڙيون ڄَرڪندڙ ڪيفيتون ڪَرَ کڻي پنهنجي پيڙا بيان ڪن ٿيون. ۽ شاعريءَ ۾ سمائجي جل ٿل، جل ٿل ٿي وڃن ٿيون ته پاڻ ۾ سمنڊ سمائي ايندڙ ڪڪر ڪارونڀار، سوڪَھڙي ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ وسندڙ بارشن ۾ جَر بجاءِ رڳو سُڪل ٺوٺ احساسن جا آڙاھ، تخيلاتي صورت ماڻي، روح جي محسوسيات کان خيالن جي کِڙندڙ انڊلٺ ۾ شاعريءَ جي موسم آڏو ڀِڄڻ جون بي انتها اميدون وابسته ڪري ڇڏين ٿا.
ان ڪري به هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مون هميشه شدت سان محسوس ڪيو آهي ته تصور جي آڪاس تي ڇانيل خيالن جي گهنگهور گهٽا مان موسمن جون بارشون، شاعريءَ جهڙي جل پريءَ جي آغوش ۾ سمائجي ڀِڄڻ جي خواهشن کي تڪميل تي رسائين ٿيون. حقيقت ۽ تخيل جو تضاد به ڏاڍو مُنفرد ۽ نِرالو ٿئي ٿو. ڇو ته هُو سمجهه جي سنسار کان تمام گهڻو دور پنهنجي هجڻ جي بقا کي برقرار رکڻ چاهيندو آهي. ان ڪري شاعريءَ جي ڪائنات جا ڪرشما محسوسيات سان گڏ حيرانگي جي پُرخُمار ڪيفيتن ۾ ئي پنهنجي جوهر جو جمال رکندا آهن. اهڙو جمال جيڪو جُڳن کان پنهنجن جذبن سان جوان آهي. شاعريءَ جي رنگن ۽ روپن ۾. اهي رنگَ جيڪي ساڀيان ۾ بي رنگ ۽ خوابن ۽ خيالن ۾ سندن بي رنگائي رنگينيءَ جي روپ ۾ نروار ٿي پوندي آهي. ان احساس سان ته ڪيفيتن جي ڪائناتن جون ڪهڪشائون ڪڏهن ڌُنڌليون ته ڪڏهن اُجريون پئي رهنديون آهن. انهن جي روشني ۽ اونداهي هڪ ٻئي کي پيون جنمينديون رهنديون آهن. ان جنم ۽ مرڻ جي وچ تي شاعريءَ جي کيرڌارا کِڙي سموري سماءَ کي پاڻ ۾ سمائي تخيل جي هڪ نئين ڪائنات تخليق ڪري وجهندي آهي. ۽ اهو تخيلق جو سفر سدائين سَرهو پئي رهندو آهي.
”بارشن کي ڀِڄائي ڇڏيندڙ شاعري“جيان.
بخشل باغي
ڀنگوار ڪالوني
نواب شاھ. سنڌ
18. 3. 2022
Cell:03003217411
*