دامنِ ڪوھ تي
دامنِ ڪوھ تان هيٺ ايئن ٿو ڏسان،
دُور ٻَرندڙ بَتيون سڀ ستارا هُجن،
شهر ڪنھن خواب جيان ڏيک ڏئي ٿو پيو،
ننڊ جي کيپ ۾ خواب-چارا هُجن،
دُور ويندي مَٿي وَر، وَڪڙ پيچرا،
دِل ڏَڪائين ٿا پُرخطر ڪيترا،
سُونھن جو پو به احساس جاڳي پيو،
زندگي! تو ۾ وشواس جاڳي پيو،
برف جھڙي هوا لِڱَ ٺاري ڇڏيا،
چنڊ-چھرن ٿڌا ساھَ ٻاري ڇڏيا،
ڪيترو آهي سَنتوش ماحول ۾،
ڄڻ ته محبوب جي ڪو هُجا ن جهول ۾،
زندگي مَس ته آهي ڪا محسُوس ٿي،
ڄڻ ته آهي ٻري پيئي فانُوس ٿي،
ٽھڪڙن جا رُڳو جلترنگ ٿا ٻُرن،
هر طرف حُسن جا گُل گُلابي لُڏن،
واسَ ڪيڏا نه ساهن پکيڙي ڇڏيا،
ٿي پئي آهي خوشبُو ٿڌيري هوا،
اِنڊلٺي ٿا هوائن ۾ اُڏرن رَوا،
نينھن! تنھنجا نِگاهن ۾ اُڏرن رَوا،
دامنِ ڪوھ تي اَپسرائون لَٿيون،
ڄڻ فنا جي مٿان هِن بَقائون لَٿيون،
شام ”اِسڪاچ“ وانگر لڳي ٿي پئي،
۽ پھاڙن به چادر ڍَڪي سُرمئي،
روشنين جا کڻي جام جُگنو پُڳا،
رات کي حُسن جا کيپ آهن رُڳا،
روح کي آهي رنگين رنگن ڪيو،
مُند کي ريشمي آهي انگن ڪيو،
زندگي پوري جوڀن سان نِروار آ،
سارو سپني نُما ٿي پيو سنسار آ،
اهڙي مڌهوش ماحول ۾ پوءِ ڀي،
دل مُطئمن صفا هي ٿئي ڪونه ٿي،
دل جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ ڪُجهه کُٽل ٿو لڳي،
ڪنھن سِتاري جيان من ٽُٽل ٿو لڳي،
ڪَرَ موڙي ڪَتين جيئن جاڳي ڪَمِي،
منھنجي نيڻن جي بَرفائجي وئي نَمِي.
*