قصو
اسان لاءِ مَمنوع سو شھر ٿي پيو،
جتي مُحبتن جو مدينو اَڏيوسين،
حُسن ڏانھن هجرت ۾ سڀئي ڇڏيوسين،
مُحبت جا محراب جوڙي جُهڪياسين،
خوابن جا خيما به کوڙي جُهڪياسين،
هُو دل جي حوالن جون حُسناڪ ڳَليون،
ٽِڙيون جِت چپن تي گُلابن جون ڪَليون،
ٽِڙيا موتيا ڪيئي ٽھڪن ۾ پنھنجي،
ٿِڙيا مَڌ جا کيپ قدمن ۾ پنھنجي،
گهٽائن سِوا جِت جُهڙالا هئاسين،
چريءَ دل جا ڪيئي حوالا هئاسين،
حوالا جي شيشي جي چُنھبن جيان،
چُڀن اڄ به احساس ۾ ٿا ميان!
سڄو روح رهڙيل رتو ڇاڻ آهي،
مگر ڪين توکي اِها ڄاڻ آهي،
اَچانڪ ڪئين دل هي پرديس ٿي آ،
سڄي عمر تو ڪارو پاڻي ڪئي آ،
اسان عشق جي ڌُت هئاسين نَشي ۾،
اکين تي ڪا خوابن جي موسم لٿي هئي،
نئين رنگ ۾ دل جي دنيا رَتي هئي،
اسان روح جي پيچرن تي هلياسين،
حقيقت کي خوابن ۾ اهڙو ڀُلياسين،
جڏهن هوش آيو ته ڪُجهه ڪين هو،
سڄو دل جو عالم ئي غمگين هو،
مُخالف سڀئي حالتون پيش آيون،
رڳو نفرتون تُھمتون پيش آيون،
ڪُٺا تو رَوين سان احساس دل جا،
جو ڀوڳيون اڃا ڀي پيا بَنواس دل جا،
اڪيلو ڏسي سنگ سڀني هَنيا ها،
اُنھن ساڻ تو ڀي ٻئي هٿ کنيا ها،
ڏسي ماٺ ۾ پاڻ مَدفون ٿياسين،
خدائيءَ ۾ تنھنجي سدا خون ٿياسين،
ڪفن کان سِوا لاش دل جو رُلي ويو،
قصو شھر ۾ واءُ وانگر گُهلي ويو،
اسان لاءِ مَمنوع سو شھر ٿي پيو.
*